رُڪ سنڌي
نظر پياسي
سنڌ جو مشهور ليکڪ رڪ سنڌي 5 آگسٽ
1961ع تي تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهرو فيروز جي ڳوٺ، حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ
مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد، صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. روزاني جاڳو جي ايڊيٽر ۽ پبلشر
طور خدمتون سر انجام ڏنائين. جڏهن ته روازني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني
ڪاوش حيدرآباد، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد ۾
نيوز ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام پڻ ڏنائين. ان کان
علاوه مختلف صحافتي تنظيمن ۾ به شامل رهيو آهي.
رڪ سنڌي، سنڌ جي حقن خاطر مختلف
قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان
ادب، صحافت ۽ سياست سان لاڳاپيل هجڻ سميت، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي. جن ۾ ڪيترا
ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع
ٿيندا رهيا آهن.
رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ھيٺ
ڄاڻايل ڪتاب، ڳڻائي سگهجن ٿا.
·
قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي.
·
ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو.
·
سنڌي قوم جو مقدمو.
·
سنڌ جي سياسي صورتحال.
·
تاريخ جي لاٽ.
·
سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد.
·
اڄ جي سنڌ.
رڪ سنڌي ڪيترا ئي ڪتاب، ترجمو ڪري
سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا اٿائين.
No comments:
راءِ ڏيندا