; سنڌي شخصيتون: محترمه عطيه دائود جون بي تڪلف ڳالهيون - ساجد سنڌي، رضوان گل

16 February, 2012

محترمه عطيه دائود جون بي تڪلف ڳالهيون - ساجد سنڌي، رضوان گل



ناليواري شاعره ۽ نثر نگار محترمه عطيه دائود جون بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي، رضوان گل

ü                 ادبي سڃاڻپ؟
·                    شاعره ۽ مضمون نگار
ü                 ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
·                    1. شاعري انگريزي ۾ ترجمو ٿيل Raging to be Free دانيال (پبليڪيشن). 2. شرافت جي پلصراط (شاعري جو مجموعو سنڌي ۽ اردو ۾) اردو ترجمو فهميده رياض. 3. اڻپوري چادر (سنڌي شعري مجموعو) بمبئي ڪونج پبليڪيشن پاران ڇپيل. 4. سنڌي عورت ڪي ڪهاني (اردو مضمون) سين پبلشر. 5. سنڌ ڪي عورت سپني سي سچ تڪ (اردو مضمون) شهرازاد پبلڪيشن. 6. آٽوبايوگرافي (هندي ۾) راج ڪمل دهلي. 7. آٽو بايو گرافي ٻيهر اردو ۾ ڇپيل (او يو پي آڪسفورڊ پريس). 8. ساڳيو ڪتاب ٻيهر انگلش ۾. 9. اوهان جو جسم ۽ صحت (اردو ۽ سنڌي ۾) واعدا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل.


ü                 اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
·                    ڪيترائي ڪتاب تيار آهن پر انهن لاءِ سوچڻ جو وقت ڪونهي.
ü                 مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهن جي طرفان مليا؟
·                    مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ڪافي سارا مليا آهن، پر ياد نه آهن، هڪ ايوارڊ سنڌي ادب ۾ اکل باتري ٻولي دهلي ۾ مليو، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مون لاءِ ڪابه اهميت نٿا رکن.
ü                 لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
·                    پهريون ڀيرو 1973ع ۾ سگهڙين سٿ هلال پاڪستان اخبار ۾ عورتن جو صفحو (انچارج فهميده حسين)، ان کانپوءِ باقاعده لکڻ 1980ع ۾ ٿيو، اردو رسالي جفاڪش ۾ شاعري شايع ٿي هئي.
ü                 لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
·                    جنسي امتياز Gender Discrimination هميشه کان منهنجي لکڻ جو محرڪ رهيو آهي، عورت سان اڻ برابري جو سلوڪ منهنجي لکڻ جو بنيادي محرڪ آهي.
ü                 مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
·                    مون کي خبر ناهي، منهنجا دوست ئي ٻڌائي سگهندا، مان سنجيده به آهيان پر دوستن جي محفل ۾ مزاح به منهنجو ساٿي هوندو آهي ۽ صاف گو به آهيان.
ü                 پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
·                    مان سچ ڳالهائڻ وارن ۽ مثبت سوچ وارن ماڻهن کي پسند ڪندي آهيان، ٻين ماڻهن سان واسطو مصلحت طور به نه رکي سگهندي آهيان.
ü                 اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
·                    پيار منهنجي ڪمزوري آهي پر معاملو اصول جو هجي، سچائي جو هجي ته پوءِ پيار به منهنجي راهه نٿو روڪي سگهي، ان کي به اورانگهي سچ واري طرف هلي وينديس.
ü                 توهان جو قابل فخر ڪم؟
·                    منهنجي تربيت تحت ڪاميابي جون راهون طئي ڪندڙ منهنجا ٻار يعني ٻه ڌيئرون سونهن يو ڪي ۾ انگريزي لٽريچر پڙهي رهي آهي، سهائي ڪلاسيڪل ڊانسر ۽ ايڪٽر آهي، هو ٻئي پنهنجي ڪم سان نهايت سچيون آهن، اها منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي.
ü                 دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
·                    محبت.
ü                 زندگي جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
·                    مان زندگي کان ورتل ڏک، سک ڪجهه به وساري نه سگهي آهيان، بيشمار ڏک سک آهن جيڪي وسارڻ سان به نٿا وسرن.
ü                 مڪمل تخلقيڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
·                    مڪمل ته ڪجهه به ناهي باقي هڪ تخلقيڪار لاءِ مطالعو ۽ مشاهدو ضروري آهي. اهي حاصل ڪرڻ کانپوءِ به جن ۾ ڏات ۽ تخليقي صلاحيت آهي اهي ئي تخليق ڪري سگهندا آهن.
ü                 ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيو؟
·                    بلڪل به نه، سفارشي ڪلچر آهي انهن جي ڪارڪردگي فقط پنهنجن ماڻهن کي ورسڻ آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي خوش ڪرڻو هوندو آهي.
ü                 زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
·                    زندگي خود هڪ ڪڙو سچ آهي.
ü                 گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
·                    نا انصافي، ڪوڙ ۽ منافقت تي ڪاوڙ ايندي آهي ۽ ان لاءِ مزاحمت به ڪندي آهيان ۽ احتجاج به.
ü                 ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
·                    سماج ۾ مثبت، تبديلي جو خواب ادب ذريعي ممڪن آهي ناانصافي تي مشتمل سماج سان جنگ ڪري سگهجي ٿي، مزاحمت ڪري سگهجي ٿي ۽ ان سان گڏ لطيف جذبن جو اظهار پڻ ادبي ڪارج سمجهان ٿي.
ü                 لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
·                    مان ڪردار جي درد کي پاڻ ۾ اوتي ڇڏيندي آهيان، منهنجي اهڙي ڪابه تحرير ناهي جنهن مون کي ولوڙي ۽ روئاري نه ڇڏيو هجي.
ü                 نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
·                    نوان لکندڙ سٺو لکي رهيا آهن، هميشه کان ائين ٿيندو آهي، گهڻي ساري ادب ۾ ڪريم ٿوري نڪرندي آهي، هر دور ۾ ڪريم رهي آهي، هن دور ۾ به يقينن ڪريم آهي، ۽ اها به اڳتي وڌي سگهندي باقي سڀ وقت سان گڏ ختم ٿي ويندا آهن.
ü                 زندگي توهان جي نظر ۾؟
·                    زندگي مون لاءِ ته مسلسل جدوجهد رهي آهي.
ü                 ڏک توهان جي نظر ۾؟
·                    ڏک هڪ رشتو به آهي، انسان هڪٻئي جي اهميت کي شايد ڏک جي رشتي سبب ئي سمجهي سگهيا آهن، ڏک رشتو آهي انسان جو انسان سان ويجهو اچڻ جو، خدا کي محسوس ڪرڻ جو، ڏک رشتو آهي جنهن ذريعي تخليقڪار خوبصورت تخليق ڪري سگهن ٿا.
ü                 خوشي توهان جي نظر ۾؟
·                    جن سان پيار آهي انهن جي خوشي محسوس ٿيندي آهي، نا انصافين سان مهاڏو اٽڪائڻ کانپوءِ جيت جي خوشي ٿيندي آهي، منهنجون نياڻيون جڏهن کلنديون آهن ته خوشي ٿيندي آهي، ڪنهن به تخليقڪار جي ڪا سٺي تخليق ڏسي خوشي ٿيندي آهي، دوستن سان گڏجڻ تائين خوشي ٿيندي آهي.
ü                 پيار توهان جي نظر ۾؟
·                    پيار کي مان لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان، پر مان ان لاءِ درياهه ۾ ٽپو ڏيئي سگهان ٿي، جبل پڻ جهاڳي سگهان ٿي.
ü                 دوستي توهان جي نظر ۾؟
·                    دوستي ذهني هم آهنگي جو نالو آهي.
ü                 عورت توهان جي نظر ۾؟
·                    عورت برابر جي انسان آهي، مرد وانگر هوءَ به پنهنجي ذات ۾ پوري انسان آهي.
ü                 ڪنهن کان نفرت آهي؟
·                    منفي سوچ وارن ماڻهن کان، عورت کي اڌ ۽ گهٽ سمجهڻ وارن ماڻهن کان، ناانصافين کان، ڪوڙ کان، منافقت کان ۽ ظلم کان سخت نفرت اٿم.
ü                 اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
·                    اداس لمحن ۾ به معمول مطابق زندگي گذارڻي پوندي آهي، آفيس جو ڪم، گهر جو ڪم، ڊرائيونگ، کاڌو پچائڻ ... اداسيءَ جي لمحن ۾ ڪم نه رڪجندا آهن، بلڪه اداسيءَ کي چوڻو پوندو آهي ته سوري تو سان وقت گذارڻ جو ٽائيم ناهي.
ü                 زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات؟
·                    سونهن ۽ سهائي جهڙيون ڌيئرون، ابڙو جهڙو جيون ساٿي ۽ امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح جهڙيون دوست.
ü                 ڪا رهجي ويل خواهش؟
·                    بيشمار آهن، هر قدم تي پنهنجي خواهش کي ٺوڪر ماري اڳيان وڌڻو پئجي ويندو آهي، مان هڪ جاءِ تائين ويهي پنهنجو فقط تخليقي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي پر اهو ممڪن ناهي رهندو، نظم کي ڪاغذ تائين لاهڻ لاءِ به ٽائيم ناهي هوندو.
ü                 ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر آهيو؟
·                    سچا ماڻهو ۽ مثبت سوچ وارا، ظلم خلاف وڙهڻ وارن ماڻهن کان متاثر ٿيندي آهيان.
ü                 زندگيءَ جي سڀ کان پياري شيءَ؟
·                    اولاد.
ü                 جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
·                    ظاهر آهي ڪيترائي ڀيرا کل ايندي آهي پر انهن مان ڪا اهڙي ڳالهه ياد نه آهي.
ü                 ڪا سفر جي تمنا؟
·                    پنهنجي ور ابڙو ۽ ڌيئرن سونهن ۽ سهائي سان ڪٿي به ڪوبه سفر ڪرڻو پوي ته مان اهڙي سفر جي تمنا ڪنديس جنهن ۾ اسان چار ئي گڏ هجون.
ü                 ڪا شخصيت جنهن جي جدائي جو احساس ٿيندو هجي؟
·                    منهنجي دوست ثروت ۽ منهنجو ڀائيٽو فيصل جيڪي زنده سلامت آهن پر وقت انهن کي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو آهي ... رٺائي رهن پر هجن شل حياتي.
ü                 اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
·                    ڪامياب ماڻهن جي ڪاميابي تي مان کين دل سان دعا ڏيندي آهيان، مون کي نٿو لڳي ته مون کي رشڪ آيو هجي، پر شايد انهن ماڻهن تي رشڪ ايندو آهي، جن وٽ ٽائيم هوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ٽائيم ته هجي جو ماڻهو پنهنجي مرضي سان پاڻ سان به گذاري سگهي.
ü                 اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
·                    خوبي سچ ڳالهائڻ جو حوصلو، ثابت قدم رهي سگهان ٿي، جڏهن ته خامي هڪ ئي ڳالهه بار بار ورجائڻ تي منهنجا دوست ۽ گهر وارا ناراض ٿيندا آهن ۽ چڙي پوندا آهن.
ü                 ٻيهر زندگي ملي پوي ته؟
·                    جي ٻيهر زندگي ملي ته به هينئن ئي گذارينديس جيئن هيءَ گذري پئي، ڀلي وقت لاءِ سڪندي رهان پر وري به خود کي زندگي جي حاصلات لاءِ ائين ئي مصروف ڪري ڇڏينديس.
ü                 شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان هئڻ گهرجي؟
·                    شادي پنهنجي پسند سان ئي هئڻ کپي.
ü                 ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
·                    ظلم ڏسي مان ڪڏهن به نيچرل نه رهي سگهندي آهيان ۽ نه وري رهي سگهنديس، ان کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ ان سان ٽڪرائجي وينديس، جي ائين مون لاءِ ممڪن نه هوندو ته به واڪا ڪري اهو چونديس ته هي ظلم آهي، روئي ڏيندس، واڪا ڪنديس، چيخون به ڪنديس پر چپ نه رهي سگهنديس، لکنديس.
ü                 مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
·                    امن انصاف، هٿيارن کان پاڪ، ماحولياتي آلودگي کان پاڪ، آرمي جي حڪومت تي قبضي کان پاڪ، جمهوريت جي نظام سان دنيا هجي پوءِ اهو ڏسڻ لاءِ مان هجان يا نه هجان.
ü                 اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
·                    مذهبي دهشتگردي کان پاڪ دنيا.
ü                 سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
·                    سماج ۾ تبديلي لاءِ هر ماڻهو کي جانبدار رهڻو پوندو. ان لاءِ سياسي شعور ضروري آهي.
ü                 زندگي جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
·                    زندگي جي صليب لاءِ جيڪو سچ آهي اهو ئي هائيڊ پارڪ لاءِ به آهي، سچ ته مون لاءِ اهو ساڳيو آهي جيڪو مون مٿي ڳالهايو آهي، جيڪو ڳالهائڻو آهي اهو گهٽ ته آهي پوءِ اهو صليب تائين هجي يا هائيڊ پارڪ ۾ يا وري آٽو بايو گرافي ۾.
ü                 جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندا؟
·                    منهنجو نظم پنهنجي ڌيءَ جي نانءُ:
جي تو کي ڪاري ڪري مارين، مري وڃجانءِ!
نينهن ضرور لائجانءِ!
هو ڇا ڪندا؟
رڳي تو کي سنگسار ڪندا!
جيون پل ماڻجانءِ!
نينهن ضرور لائجانءِ!
ü                 وڻندڙ موضوع؟
·                    آرٽ سان لاڳاپيل سڀ فنون آرٽس، عورت سان لاڳاپيل سڀ مسئلا.
ü                 اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
·                    کوڙ سارا ڪتاب آهن. غالب، فيض، اياز، لطيف، فهميده رياض ۽ امر سنڌو جي شاعري جا ڪتاب. نثر ۾ قرت العين حيدر جا ڪجهه ڪتاب.
ü                 وڻندڙ لباس؟
·                    لباس ۾ مون کي ساڙهي پسند آهي.
ü                 وڻندڙ خوشبو؟
·                    ڪچي مٽيءَ مٿان پاڻي جي ڇڻڪار جي خوشبو.
ü                 آٽوگراف؟
·                    آٽوگراف ڏيڻ ۾ هٻڪندي آهيان، نيڪ خواهشن سان، پيار.

No comments:

راءِ ڏيندا