فقير هدايت
علي “نجفي”
سارنگ
علي سولنگي
فقير هدايت علي ولد ميان
تراب علي فقير تونيو، 29 جولائي 1894ع ۾ ڄائو. سندس تخلص پهرين نجفي بعد ۾ تارڪ ٿيو. ڳوٺ لعلو رائنڪ، تعلقو وارھ-نصيرآباد ضلع لاڙڪاڻو هئس. (ھن وقت ضلع قمبر-شھدادڪوٽ
۾ آھي).
پاڻ هڪ فقير منش انسان،
درويش صورت ۽ مجرد ۽ پنهنجي وقت جو بهترين شاعر، نثر نويس، وڏو مصنف ۽ نهايت چڱو مترجم
ھيو. ان کان علاوھ سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ پشتو ٻولين جو پڻ ماهر هو. انهن سڀني
زبانن ۾ طبح آزمائي ڪيائين.
مرحوم تارڪ، واقعي تارڪ
الدنيا فقير هو. آخر تائين فقيري حال ۾ ئي رهيو. اڄ تائين به نجفي فقير يا تارڪ فقير
جي نالي سان ماڻهو کيس ياد ڪندا آهن. پاڻ 9 مارچ 1939 ۾ وفات ڪيائين.
ڪلام
چيو ٿي
همسايه ته هجر دلبر ۾، ڪين اهل بڪا، بڪا ڪر،
نه پنهنجو
ساٿي غم والم ڪر، نه ساڻ دافع عنا عنا ڪر،
ڇڏي خوديءَ
کي اصل ٿي بيخود، خدا نه “تارڪ” خوديءَ ۾ ملندو،
خدا جا
بندا خدا خدا ڪر، خدا جا بندا خدا خدا ڪر.
No comments:
راءِ ڏيندا