منٺار
فقير راڄڙ
سارنگ
علي سولنگي
منٺار فقير ولد قبول
محمد راڄڙ ڳوٺ کاڻي راڄڙ، تعلقه کپرو، ضلع سانگهر جو ويٺل هو. منٺار فقير جي طبيعت
ننڍي هوندي کان ئي فقيري ڏي مائل هئي. سندس آباءُ و اجداد، حضرت غوث الحق مخدوم نوح
عليه رحمة جا مريد هئا ۽ پاڻ حضرت غوث الحق رحه جي 13ھون سجاده نشين، مخدوم محمد امين
صاحب “امين” جن جي هٿ تي بيعت ڪيائين. هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل ڪيائين.
مرشد جي وفات بعد، بيحد اداس ٿي پيو ۽ سندس ڏاهاڙا بي چينيءَ ۾ گذرڻ لڳا.
هڪ رات پنهنجي مرشد کي
خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون ۽ چيائون ته؛ توهان کي پڙهايون ٿا ۽ پڙهو. پوءِ پاڻ لڪيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا ۽ فقير صاحب به اهي لفظ چوندو هليو. صبح
جو فقير صاحب کي شناس ٿي ويئي ۽ ڪوشش سان سنڌي ۽ اردوءَ جو چڱو ڄاڻو ٿي ويو ۽ پنهنجي
وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو.
منٺار فقير جو وصال
16_ جنوري 1930ع ۾ ٿيو.
هيٺين ڪافي فقير صاحب
کي خواب ۾ پڙهائي ويئي.
ڪلام
لاهي ويهه
م لڏ، لاھ م لڏ، هل ته پهچين هوت کي.
ڪم نه
ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ.
ڀنڀا هن
ڀنڀور جا، نيئي رسائيندئي کڏ.
ٻانڀڻ
عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ.
متان منجهين
“منٺار” تون، ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ.
good work
ReplyDelete