; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل - رحيم منگي

18 February, 2012

ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل - رحيم منگي


ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل
سماجي شخصيت
رحيم منگي
ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل سڄي پاڪستان ۾ سماجي اڳواڻ هئڻ سميت خاڪسار تحريڪ جي حوالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي. جنهن جي شعبئه خواتين جي هوءَ صدر آهي. هوءَ سياسي ۽ سماجي موضوعن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مضمونن ۽ مقالن جي ليکڪا پڻ آهي.


ڊاڪٽر صبيحه سلطانه مغل اصل تعلقي قمبر جي ڳوٺ رسول بخش مغل عرف خان جي ڳوٺ سان تعلق رکي ٿي. جتي هوءَ گهر ۾ ڄائي جنهن خلافت تحريڪ ۾ پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صبيحه مغل جو ننڍپڻ ڳوٺ ۾ گذريو. جنهن کانپوءِ هن مئٽرڪ ۽ 1965ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس پري ميڊيڪل گروپ پاس ڪئي.
سال 1969ع ۾ سندس شادي لاهور ۾ خاڪسار تحريڪ جي قائد ۽ پنهنجي سياسي نظرياتي ۽ روحاني استاد علامه عنايت الله خان المشرقي جي پٽ ارشاد الله خان ارشد المشرقي سان ٿي. جنهن ڪري هوءَ صبيحه ارشد پڻ سڏجي ٿي. جنهن 1974ع ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ هڪ پٽ عنايت الله خان ضيغم آهي. جنهن جي لاهور ۾ رهائش آهي.
اسلامڪ اسٽيڊي ۾ فرسٽ ڪلاس پاس ڪري ڪميشن جو امتحان ڏئي گورنمينٽ گرلس ڪاليج جيڪب آباد ۽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 9 مهينا تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. 1974ع ۾ هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ داخل ورتي. جتان 1980ع ۾ ايم بي بي ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿي ۽ ڪميشن جو امتحان ڏئي چانڊڪا ڪاليج اسپتال ۾ وومين ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿي، جتي لڳ ڀڳ 10 سال ڪم ڪري استعيفيٰ ڏنائين ۽ خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪيائين.
جون 1991ع ۾ هوءَ خاڪسار تحريڪ پاڪستان سيڪريٽري جنرل رهي. پوءِ سنڌ بلوچستان جي نائب مدارانظام رهي ۽ هاڻ خاڪسار تحريڪ جي شعبئه خواتين جي صدر هئڻ سميت، خاڪسار تحريڪ لاڙڪاڻي ڊويزن جي نگران اعليٰ پڻ آهي.
ڊاڪٽر صبيحه مغل لاڙڪاڻي جي عورتن ۾ سياسي ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چڪي آهي. جن ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ عورتن جي سڀ کان وڏي ڪانفرنس خاڪسار عورت ڪانفرنس وڏي اهميت رکي ٿي. جيڪا 2001ع ۾ ٿي  گذري، سندس محنتن سان 2003ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ريسورس سينٽر جو بنياد پيو. جتي خاص طور اليڪشن ۾ بيهندڙ عورتن کي معلومات ڏني ويندي آهي.
هوءَ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ائڊوائزري ڪائونسل جي رڪن پڻ آهي. جنهن جي هڪ اهم رٿا رائيس ڪئنال جو ڏاکڻيون روڊ ضلعي اسيمبلي کان پاس ڪرائڻ هو. جنهن تي خاڪسار تحريڪ جي قائد علامه مشرقي جو نالو رکيو ويو آهي. اها ڪائونسل عام ماڻهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن جي مسئلا جي رڪارڊ تي ساليانو پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا.
ڊاڪٽر صبيحه لاهوري محله ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرپرسن پڻ آهي. جنهن پاران لاهوري محلي جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون. انهي ڪميٽي پاران بلڊ بئنڪ پڻ قائم ڪيل آهي. جتي تحريڪ سان لاڳاپيل جي فهرست موجود آهي.
ان کانسواءِ خدمتن جي بنياد تي ڊاڪٽر صبيحه مغل کي لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي پاران 2002ع ۾ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. ان سوسائٽي جي هوءَ ميمبر پڻ آهي. هن 2007ع ۽ 2010ع ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آيل ٻوڏ بعد، هتان جي عوام جي ڀرپرو مدد ڪئي.
ڊاڪٽر صبيحه مغل سنڌي سرائڪي، انگريزي، اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڄاڻي ٿي. ملڪي سياسي صورتحال تي لکيل مضمون خاص ڪري خاڪسار تحريڪ جي 15 روزه اخبار آرگن الصلاح ۾ ڇپبا رهندا آهن.
ڊاڪٽر صبيحه مغل ڪجهه سکيائون پڻ ورتيون آهن جن ۾ سي پي او عورت فائونڊيشن جا ماسٽر ٽرينرز خاڪسار تحريڪ جا ورڪشاپ ۽ سوشل مارڪيٽنگ پروگرام نمايان آهن. ڊاڪٽر صبيحہ مغل جي رهائش لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا