سيد قطب
علي شاھ
سارنگ
علي سولنگي
سيد قطب علي شاھ ولد
فتح الدين شاھ جي ولادت 8 سيٽمبر 1814ع ۾ ٿي. سندس سلسله نسب حضرت امام زين العابدين
عليه السلام جن سان ملي ٿو. سندس بزرگ اچ شريف کان ٿيندا، سنڌ ۾ آيا. سائين سيد قطب
علي شاھ جي والد دروات جبل ۾ الاهي عبادت ۾ مشغول هو ته کيس خواب ۾ معلوم ٿيو ته ڪو
ماڻهو کيس پٺين ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته “شادي نه ڪندين ته پٺي ڦاڙي ٻاهر
نڪرندس.”
آخر پاڻ شادي ڪيائين. روح جو هن زمين تي لهڻ لاءِ منتظر هو، تنهن جي اچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي. يعني پوري ڏهين
مهيني، جمح جي رات شاھ صاحب تولد ٿيو.
سيد قطب علي شاھ جو تخلص
قطب هو. پاڻ صاحب دل ۽ اهل الله مرد ٿي گذريو آهي. سندس انتقال 22 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿيو.
ڪلام
جبل جهاڳيندو
وت، من ٻاروچي کي ٻاجھه پوي
.
آڏا ڏونگر
لڪيون، سائين ڏيندو شت.
وندر جي
به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي
ڪر ٽڪريون، ڪاند نبا ڪت.
“قطب” پير پنهون جو، نئي نهارج نت.
No comments:
راءِ ڏيندا