; سنڌي شخصيتون: ايم ڪمل - ڄام آدرش

04 February, 2012

ايم ڪمل - ڄام آدرش


ايم ڪمل
ڄام آدرش
شاعري احساس جو اهو آئينو آهي، جنهن مان نه رڳو شاعر جو چهرو صاف شفاف نظر ايندو آهي، پر ان مان شاعر جو سماج ۽ ان سماج ۾ ٿيندڙ حادثا ۽ واقعا به چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگهبا آهن. شاعري جذبن جي سنگتراشي ۽ جذبن جي نفيس چٽ سالي پڻ آهي. لڇمڻ ڪومل ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته؛ ”اڄ تائين ڪو به شخص، شاعر يا نقاد-بلڪ استاد ارسطوءَ جهڙو ڏاهو به شاعريءَ جو ڪو به صحيح مفهوم نه ڏئي سگهيو آهي، عام طور تي شاعريءَ کي رڳو اندر جي اڌمن جي آنڌ مانڌ ڪري سمجهيو ويو آهي. شاعري سوچ کي چهنڊڙيون هڻندڙ وارتائن جو نانءُ آهي. اهڙين وارتائن کي وڌيڪ محسوس ڪندڙ ئي تخليقڪار جو روپ ڌاري سگهيا آهن.


سنڌ جي ڀونءِ هميشه کوڙ سارن تخليقڪارن، شاعرن، سنگتراشن ۽ مصورن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اسان جو ايم ڪمل به انهن تخليقڪارن جي سٿ جو اهو اٽوٽ حصو آهي. جيڪر سنڌي شاعريءَ مان ان جي نانءُ کي پاسيرو ڪري ڇڏجي، ته سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي تاريخ پنهنجي خوبصورت چهري تان، مسڪراهٽ جي اها زينت وڃائي ويهندي. جنهن مسڪراهٽ سبب سندس ڳَل ۾ چگهه پوي ٿو. شيخ اياز جنهن غزل جي ماٿي تي تلڪ لڳائي، غزل کي ”گيڙو ويس غزل“ جي رنگت سان اُجاري، اسان جي نج صنفن سان اهڙو ته سلهاڙي کڙو ڪيو جو اسان وٽ جنم وٺندڙ هر شاعر،  غزل جهڙي حسين  صنف کي پنهنجي خيالن سان چمڻ ناهي وساريو، اهڙيءَ ريت جڏهن غزل جو پوپٽ ايم ڪمل جي خيالن جي خوبصورت دنيا  تائين  پهتو،  اهو غزل جو ٽيون دور لکجي ٿو ۽ ايم ڪمل غزل جي ان چمن  کي، پنهنجي خيالن جي گلن سان سجائي، کيس شهر جي رنگن سان سينگاري ڇڏيو.
ڪجهه شهر کي پيتو هُن، ڪجهه شهر ڀي پي ويو هُن کي،
ڪا چوٽ ڪيائين ڀي، ڪا چوٽ سٺائين ڀي
يا،
هو شهر جي جهنگل ۾، تنهائي جو کنڊر هو،
چپ چاپ رهيو جيءَ ۾، آواز ڏنائين ڀي.
ايم ڪمل جي غزل ۾ هي شهري زندگيءَ جي عڪاسي آڻ ڇهي .آهي، هي جتي هِن شهر کي پيئڻ ۽ شهر جي پي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آ هي  ۽ ساڳي جاءِ تي هِن شهر جي شور ۾ ڪنهن کي سڏڪندي تنهائي جو کنڊر ڀي سڏيو آهي. هِن مضبوط حوصلي واري شاعر،  جتي اڪيلائين جي ڄار کي وڌيڪ سوڙهو ٿيندي ڏٺو، اُتي هن پاڻ ڏانهن وڌندڙ مايوسيءَ کان منهن ڦيري ڇڏيو.
هي غم زندگيءَ جا ته بي لطف ناهن،
ڪوماڻي ڪوماڻي، ڪوماڻي ڪوماڻي.
ايم ڪمل زندگيءَ جي مِٺي ۽ ڪڙي ذائقي کي خوب چکيو ۽ محسوس ڪيو، جتي هن زندگيءَ جي لاهين ۽ چاڙهين تي پنهنجا پير ڏاڍي مضبوطيءَ سان رکي سفر ڪيو، اتي هن دل جو به خوب چيو مڃيو...
وري واٽ توسان وڌائڻ تي دل ٿي،
وري دل جي ضد سان نڀائڻ تي دل ٿي.
ها! هي اِهو ئي ايم ڪمل، جنهن 8 آگسٽ 1925ع ۾ سنڌ جي شهر ڪنڊيارو ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي جي سيلاب ۾ لڙهي، انڊيا جي الهاس نگر ۾ پنهنجو آشيانو اڏيو. ايم ڪمل سنڌي ادب کي غزل، نظم ۽ اسٽيج ناٽڪ سان خوب نوازيو ۽ اٽڪل 50 وزنن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ادبي پورهيو 25/28 ڪتابن جي لڳ ڀڳ آهي. پنهنجي جنم ڀومي کان ڪوهين ڏور، هند جي الهاس نگر ۾ جيئندڙ ايم ڪمل جي روح کي 3 فيبروري 2010ع تي موت اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو.

No comments:

راءِ ڏيندا