; سنڌي شخصيتون: فريد نواز بلوچ - سيد يار محمد شاهه

07 February, 2012

فريد نواز بلوچ - سيد يار محمد شاهه


فريد نواز بلوچ
سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو ڪامياب اداڪار
سيد يار محمد شاهه
فريد نواز بلوچ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو نامور اداڪار هو، کيس هميشه اسلم پرويز جيان پاڻ کي پاڪستاني فلمن جو ولين ٿيڻ جو شوق هوندو هو. نفيس مزاج، سڀني کي خوش رکڻ وارو فريد نواز حيدرآباد مان جنم وٺندڙ، سڀني سنڌي اداڪارن ۽ هدايتڪارن جو لاڏلو ۽ پيارو به هوندو هو ۽ پاڻ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جتي به نوڪري ڪيائين اتي هن چيمبرس آف ڪامرس جي محڪمي ۾ ننڍي پوسٽ کان وٺي وڏي عهدي تي پهچڻ تائين، منجهس ڪڏهن به وڏائي ۽ تڪبر نه آيو. هر هنڌ پنهنجي هڪ بيٺڪ به رکندو هو، حيدرآباد ۾ گهر مٽائيندو هو، پر ياري نه مٽائيندو هو. ريڊيو جا سڀ صداڪار ۽ ان وقت جا ابتدائي سڀ فنڪار، جيڪي ٽي وي ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪندا هئا، اهي سڀ دل وندرائڻ لاءِ شام جو فريد نواز بلوچ جي بيٺڪ تي پهچي ويندا هئا. حيدرآباد جي ڪراچي هوٽل وارا سڀ فنڪار، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، مشتاق چنگيزي، عابد نويد، ابوبلاول، نادر بلوچ، رشيد خمار، قاسم فاني ۽ مون سميت ڪيترائي ٻيا فنڪار فريد نواز بلوچ جي بيٺڪ تي پهچي پنهنجي فن جي اڃ اجهائڻ ايندا هئا. پاڻ منظور قريشي جي ڊرامن ۾ مرڪزي ۽ مزاحيه تمام گهڻا ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي هڪ سٺو اداڪار مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هو پنهنجي اولاد مان ياسر نواز کي پاڻ سان گڏ، هر هنڌ وٺي وڃي متعارف ڪرائيندو هو ۽ نيٺ کيس هڪ سٺو اداڪار ۽ هدايتڪار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ آخر ۾ جڏهن ياسر نواز سپرهٽ هدايتڪار به ٿي ويو ته فريد نواز بلوچ پنهنجي پٽ ياسر نواز جي هدايت ۾ ڪم به ڪيو، ۽ ان کانپوءِ سندس ٻيو فرزند دانش به اڄ هڪ سٺو مزاحيه اداڪار آهي. اڄڪلهه سالن کان جي او ٽي وي تي هلندڙ ٻارن جي پروگرام ”بچي من ڪي سچي“ جي ميزباني به وڏي اعتماد ۽ ڪاميابي سان ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته سندس نياڻي مشهور اداڪار صلاح الدين تنيو جي اداڪار پٽ خالد تنيو جي گهر واري آهي، ۽ هڪ پٽ ڊينٽسٽ اٿس، جنهن پڻ ڪجهه اردو ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. فريد نواز بلوچ جو اهو به خواب هو ته هو هڪ ولين ٿئي ۽ سندس اهو خواب به هڪ دفعو ضرور پورو ٿيو. اهو هيئن ته فريد نواز بلوچ هڪ دفعو پاڪستان جي هڪ اردو فلم ۾ بطور ولين به آيو، پر جڏهن اها فلم ناڪام ٿي ته پاڻ به واپس ڪراچي ٽيليويزن تي اچي بي شمار اردو سنڌي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيائين. فريد نواز سوين ڊرامن ۾ سوين خوبصورت ڪردار ڪيا.  ڊرامي”ديوارين“ ۽ ”جنگل“ ۾ لکمير خان وارو ڪردار سندس رڪارڊ ڪردار هو. اسان سنڌي فنڪارن مان اهوئي واحد سنڌي فنڪار هو جو هن کي اردو پروڊيوسر به وڏي چاهه سان پنهنجي ڊرامن ۾ وڏا وڏا ڪردار ڏيندا هئا، حيدر امام رضوي ۽ ڪاظم پاشا کيس وڌيڪ ڀائيندا هئا ۽ آخر ۾ هو ڪاظم پاشا جي نياڻي ندا پاشا پنهنجي پٽ ياسر نواز سان پرڻائي هميشه لاءِ ان خاندان جو حصو بنجي ويو. ماشاءَ الله اڄ ڪلهه ياسر نواز، دانش نواز ۽ ندا پاشا ٽي وي جي دنيا جا وڏا نالا آهن ۽ هر وڏي چينل تي سندن ڪئين ڊراما سالن کان ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن، جن ۾ ڪافي سالن کان جي او ٽي وي تي هلندڙ سندن مزاحيه ڊرامون ”نادانيان“ بي حد مقبول آهي، جنهن ۾ ياسر نواز، دانش نواز ۽ ندا پاشا به شامل هوندا آهن.


پروڊيوسر ڪاظم پاشا جي نامور سيريل ”جانگلوس“ ۾ مونکي اهم ڪردار مليو، اتفاق سان ريڪارڊنگ واري ڏينهن منهنجي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي اچي مون ڊرامي جو اسڪرپٽ معاون پروڊيوسر طارق جميل کي واپس ڪري معذرت ڪئي. ان کانپوءِ اهو ڪردار فريد نواز بلوچ کي مليو ۽ ان کانپوءِ ڪاظم پاشا ۽ فريد ۾ تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي جيڪا اڳتي هلي رشتيداريءَ ۾ تبديل ٿي وئي. فريد نواز بلوچ جو اهو ڪردار به يادگار بنجي ويو هو پر ڪاظم پاشا مونکان تمام گهڻو ناراض ٿي ويو هو، جڏهن هن مونکي مشهور ڊرامه سيريز ”جي منسٽر جي“ ۾ ڪاسٽ ڪيو ته هڪ دفعو جڏهن ڪاظم پاشا مونکي اهو مهڻو ڏنو هو ته توهان ”جانگلوس“ ۾ منهنجو ڪردار ڇڏي ويا هئا جنهنجو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، تڏهن مون کيس چيو ته اها الله جي حڪمت هئي جنهن توهانکي ۽ فريد نواز کي رشتيداريءَ ۾ ان بهاني سان ئي ڳنڍيو هو. هن کلي ڏنو.
فريد نواز بلوچ سان منهنجي ملاقات منظور قريشي جي ابتدائي ڊرامي ”دنيا ديواني“ دوران ٿي هئي. ان ۾ آئون محمود صديقي، يوسف علي، فريد نواز بلوچ ۽ ٻيا ڪئين دوست شامل هئاسين. ان کانپوءِ ساڻس سندس حيدرآباد واري بيٺڪ تي پڻ محفلون مچنديون هيون. ساڻس ڪئين يادگار محفلون ۽ واقعا ٿيا. اڪثر اسان ٻئي منظور قريشيءَ جي عيد ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين، ۽ منظور قريشيءَ سان اڪثر ڪئين قرب ڀريون ڪچهريون ٿينديون هيون. هارون رند جي اردو ڊرامي ”جنگل“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين. 1997ع ۾ مون جڏهن ڪراچي ٽيليويزن سينٽر لاءِ اردو مزاحيه سيريل ”سچ گيا بچ“ تحرير ڪيو جيڪو عبدالڪريم بلوچ صاحب جي تعاون سان سميع بلوچ پروڊيوس ڪيو هو، منهنجي گذارش تي سميع بلوچ اردو ڊرامي ”سچ گيا بچ“ ۾ ياسر نواز ۽ فريد نواز بلوچ کي مرڪزي ڪردار ڏنا هئا ۽ انهن ٻنهي سٺي اداڪاري ڪئي هئي جيڪا اڄ به سڀني کي ياد آهي. ان کان پوءِ جڏهن منهنجي پرائيويٽ پروڊڪشن شروع ٿي ته مون پنهنجي لکيل ۽ منهنجي هدايت ۾ تيار ٿيندڙ ڊرامي ”ڪفن پوش“ ۾ ياسر نواز کي بطور هيرو ۽ فريد نواز بلوچ کي بطور ڪيريڪٽر ايڪٽر ۾ بڪ ڪيو ۽ ان دوران ٻنهي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي ۽ ٻنهي مون سان تمام گهڻو ۽ سٺو ساٿ ڏنو، پر بدنصيبيءَ سان 26 قسطن تي مشتمل اهو ڊرامون اڄ تائين نشر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ياسر نواز ان وچ ۾ وڏو اداڪار ٿيڻ کانپوءِ اڄ جي دور جو مهانگو ترين ۽ ڪامياب هدايتڪار بنجي، ڪئين ڪامياب ڊراما ڏئي رهيو آهي. فريد نواز جيڪو فنڪار ٿيڻ ۽ شوبز ۾ اچڻ جو خواب ڏٺو هو، اڄ سندس اولاد اهو خواب پورو ڪري ڏيکاريو.
حسب معمول سنڌي فنڪارن لاءِ، نه ڪراچي ٽيليويزن ۽ نه محڪمي ثقافت وارن کي مرحوم جي فني سفر کي سهيڙڻ يا ياد رکڻ يا ڪا ورثي ملهائڻ جي ڪا يادگيري آهي، ۽ نه ڪو وقت آهي. تازو اداڪار منظور مراد مونکي مرحوم نور محمد لاشاريءَ کي ڀيٽا ڏيڻ سانگي هڪ ميوزيڪل اسٽيج پروگرام ۾ شرڪت لاءِ  حيدرآباد اچڻ لاءِ چيو، جنهن تي مونکي خوشي ٿي ۽ مون سوچيو ته ثقافت جو سيڪريٽري ساٿ ڏئي ته سندن حيدرآباد واري آڊيٽوريم ۾ ”حيدرآباد جا هيروز“ نالي پروگرام ڪري، انهن امر فنڪارن جون يادون ملهائي سگهجن ٿيون، جن جو تعلق حيدرآباد سان هو. بحرحال ڪير ياد ڪري نه ڪري پر فن جي تاريخ ۾ فريد نواز بلوچ هميشه ياد رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا