; سنڌي شخصيتون: سيد علي اڪبر شاهه - نياز ڀٽي

18 February, 2012

سيد علي اڪبر شاهه - نياز ڀٽي


سيد علي اڪبر شاهه
تحريڪ خلافت ۽ تحريڪ پاڪستان جو اهم ڪردار
نياز ڀٽي
جهڙي طرح ميهڙ جي ميندي سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، اهڙيءَ طرح ميهڙ جا ماڻهو به پنهنجي علم، اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري پوري سنڌ ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.


اهڙن مڻيادار ماڻهن مان سيد حاجي علي اڪبر شاهه جن به آهن. هو 2 فيبروري 1901ع ۾ ضلعي دادو جي مردم خيز شهر ميهڙ ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو سيد محمد شاهه هو، جيڪو جامع مسجد ۾ نماز ۽ شهر جا ٻار پڙهائيندو هو. سيد علي اڪبر شروعاتي تعليم پنهنجي والد سيد احمد شاهه کان حاصل ڪئي ۽ فارسي عربي جي تعليم مولانا عبدالوهاب گلال، مولانا عبدالڪريم ڏيري ۽ مولانا الاهي بخش ايري کان ورتائون. سنڌي تعليم پرائمري اسڪول ۽ انگريزي تعليم سنڌ مدرسه الاسلام ميهڙ مان حاصل ڪئي. 17 سالن جي عمر ۾ درس نظامي پورو ڪري دستار بندي ڪيائون. ان دوران پاڻ سياسي سماجي علمي ادبي سرگرميون شروع ڪيائون. برصغير جي تحريڪن تحريڪ خلافت ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سندن شاندار خدمتون آهن. آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر ۽ سنڌ مسلم ليگ جا صدر هئا. قائد اعظم محمد علي جناح شهيد ملت لياقت علي خان، نواب بهادر يار جنگ، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شبير احمد عثماني، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان نهايت ويجها تعلقات هئا، سيد علي اڪبر شاهه خاص ڪري مسلمانن ۾ علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ مدرسه الاسلام ڪراچي مدرسه هاءِ اسڪول ڪراچي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، سنڌ مسلم سائنس ڪراچي ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي جو باني خواهه مالي مددگار هو. سيد حاجي علي اڪبر شاهه 1950ع ۾ آل پاڪستان عربي تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ 1952ع ۾ آل پاڪستان مغربي تعليمي نمائش ڪراچي ۾ ڪوٺائي. ڪراچي ۾ اسلامي ريسرچ اڪيڊمي قائم ڪيائون ۽ حيدرآباد ۾ دارالطباعت قائم ڪيائون. 1954ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي ٿيا. قيام پاڪستان کانپوءِ نئين پيش ايندڙ مسئلن کي بهترين نموني سان مڙس ٿي منهن ڏنائون. انتقال ايراضي، قرضن جي بلن، مهاجرن جي آبادڪاري ۽ معاشري کي صاف سٿرو بڻائي ان کي اسلامي ڍانچي ۾ آڻي پنهنجي صلاحيتون ڪتب آنديون. ان وقت پاڻ مسلم ليگ  اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا صدر هئا. جنهن دوران هن سنڌ جي غريبن مسڪين ماڻهن کي نوڪريون، شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني. پاڻ بهترين مقرر ۽ بيان خطيب هئا قائد اعظم محمد علي جناح به سندن تحرير پسند ڪندا هئا. سنڌ ۾ تحريڪ پاڪستان کي موثر ۽ منظم ڪرڻ جو سيد علي اڪبر شاهه جن جي پرجوش تقريرون جو وڏو عمل دخل آهي. قيام پاڪستان کان پوءِ کيس مشرق وسطيٰ ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي دوري تي موڪليو ويو.شام، اردن، لبنان، مصر، ترڪي، عراق، شام، حجاز ۽ ٻين ملڪن ۾ تنظيمي مطيماتي دوري ۾ وفدن جي اڳواڻي ڪئي پنهنجي سڄي زندگي مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ۽ وقف ڪري ڇڏي هئي. آخر ۾ پنهنجي سموري ملڪيت راهه خدا ۾ وقف ڪري ڇڏيائون.  پاڻ 22 جون 1949ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. کيس جامع مسجدن جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. جتي سندن مزار مٿان سائو مقبرو تعمير ڪرايو ويو آهي. اڄ به سندن عقيدتمند هزارين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سندس درگاهه تي ايندا آهن ۽ دعا فيض وٺندا آهن ۽ درگاهه جو گادي نشين سندن اڪيلو فرزند حضرت سيد محمد شاهه آف ميهڙ جن آهن. جڏهن ته سيد علي اڪبر شاهه جن هن وقت اسان ۾ نه آهن پر قوم ۽ وطن لاءِ سندن ڪم لازوال خدمتون هميشه ياد رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا