; سنڌي شخصيتون: محمد شعبان قمبراڻي - سهيل قمبراڻي

03 February, 2012

محمد شعبان قمبراڻي - سهيل قمبراڻي


محمد شعبان قمبراڻي
بي باڪ صحافي
سهيل قمبراڻي
جنهن انسان دل ۽ جان سان پنهنجي پيشي ۾ محنت ڪئي ۽ پنهنجو فرض بخوبي سرانجام ڏنو ان جو نالو تاريخ ۾ هميشه زندهه رهي ٿو. صحافت جو پيشو معاشري ۾ اهم پيشو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ۾ معاشري جي هر سٺائي، برائي، ناانصافي ۽ چؤطرف وقت آهر تبديل ٿيندڙ حالتن تي نظر رکڻ ۽ ان کي پنهنجي قلم ذريعي ماڻهن تائين سچائي سان پهچائڻ ان پيشي سان انصاف ڪرڻ آهي.
صحافت جي دنيا ۾ اهڙا بي باڪ، مخلص ۽ نامور صحافي ٿي گذريا آهن، جن جو نالو ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. انهن بي باڪ ايماندار ۽ مخلص صحافين مان هڪ نالو محمد شعبان قمبراڻي جو به آهي. جنهن جڏهن به پنهنجي قلم جو استعمال ڪيو ته هميشه حق ۽ سچ سان معاشري جي مسئلن جي عڪاسي ڪئي.


محمد شعبان قمبراڻي سن 1941ع ۾ ضلع دادو شهر رحماني نگر سيتا روڊ گهلن جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ڪجهه عرصي بعد پنهنجي والد محمد ابراهيم قمبراڻي، هڪ پوليس عملدار، جي حيدرآباد ضلع بدلي ٿيڻ ڪري ڪوٽڙي شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. ميٽرڪ تائين تعليم پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙي منجھان حاصل ڪئي. گريجوئيشن حيدرآباد مان حاصل ڪئي.
محمد شعبان قمبراڻي جيئن سمجهداريءَ واري عمر کي رسيو ته کيس اخبار سان دلچسپي وڌي. مختلف سياسي ۽ سماجي حالتن تي نظر رکڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق وڌندو ويو. صحافت طرف رجحان سبب، هن صحافت جي ميدان ۾ عملي قدم رکيو ۽ ان وقت جي اخبار هلال پاڪستان ۾ ڪم جي شروعات ڪئي. ان بعد جيئن ئي سنڌ جي مشهور اخبار عبرت جو آغاز ٿيو ته ان ۾ رپورٽر جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو. عبرت اخبار ۾ چيف رپورٽر کان ٿيندي عبرت ۾ سينيئر نيوز ايڊيٽر جي عهدي تي پهتو ۽ آخري دم تائين عبرت اخبار سان ساٿ نڀايو.
شعبان قمبراڻي صحافتي شعبي ۾ تمام گهڻا ايوارڊ به ماڻيا. کيس حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري پڻ نامزد ڪيو ويو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جا ميمبر پڻ رهيا.
محمد شعبان قمبراڻي جيڪي به ڪالم ۽ رپورٽون لکندو هو ان ۾ لالچ جو عنصر موجود نه هو. ان ڪري تمام اهم سياستدان، نوڪرشاهي طبقو، اديب ۽ صحافي سندس عزت ڪندا هئا. پيپلز پارٽيءَ جو باني چيئرمين، اڳوڻو صدر ۽ وزير اعظم پاڪستان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئين ڀيرا، کيس پاڻ سان گڏ مختلف ملڪن جي دورن تي پڻ وٺي ويو. سال 2005ع کان مختلف موتمار بيماريون؛ هيپاٽائٽس، شگر وغيرھ کيس وڪوڙي ويون.
آخرڪار اهي بيماريون وڌنديون رهيون، جنهن سبب مختلف اسپتالن ۾ زير علاج رهيو. آفيس بدران گهر ۾ هجڻ باوجود ان حالت ۾ به پنهنجو لکڻ وارو سلسلو جاري  رکيو. بيماريءَ هن صحافت جي چراغ جو پيڇو نه ڇڏيو. آخر 2 فيبروري 2011ع تي هن معتبر شخصيت ۽ صحافي، فاني دنيا ڇڏي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پاڻ عاشق رسول صلي الله عليه وآله وسلم هو، پاڻ عام زندگي ۾ سدائين خوش لباس، خوش اخلاق هو ۽ غلط ڳالهه برداشت نه ڪندو هو. صحافت جي دنيا ۾ قدم رکندڙ نوجوانن جي هن هر موڙ تي رهنمائي ڪئي.
محمد شعبان قمبراڻي سڄي زندگي سادگيءَ سان گذاري. سندس نالو نه صرف سنڌ پر ملڪي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. هن پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ڪئي. اطلاعات کاتي جو انفارميشن آفيسر غلام رسول قمبراڻي سندس ڀاءُ آهي، جڏهن ته پي ٽي وي جو پروڊيوسر شڪيل قمبراڻي سندس وڏو فرزند ۽ سهيل قمبراڻي ننڍو فرزند آهي. محمد شعبان قمبراڻي خاندان جو وڏو ۽ اهم ڀاتي هو.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مُون مارين
جي جيءَ کي جيارين، لاهوتي لڏي ويا

No comments:

راءِ ڏيندا