ڄيٺي سپاهيملاڻي
مردن جهڙي بهادر
سنڌياڻي
جي ايم سيد
هيءَ خاتون 10 فيبروري سن 1906ع تي، حيدرآباد شهر ۾ سپاهيملاڻي
ديوانن جي فيملي ۾، مسٽر تلسيداس جي گهر ۾ پيدا ٿي، جو ملٽري سروس ۾ پهرين سينئر
هيڊ ڪلارڪ هو، جتان پوءِ آرمي ۾ ليفٽيننٽ ٿي رٽائر ڪيائين. کيس ٻه ڀائر (1) مسٽر
ليکراج، ۽ (2) مسٽر اڌارام ۽ ٻه ڀيڻيون هيون.
هن پهرين ڪندنمل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم ورتي. سن 1920ع ۾،
هي جڏهن ڪراچي لڏي ويا، ته انڊين هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي. پاس ڪيائين. اسڪول توڙي ڪاليج ۾ شاگردن جي جماعتن ۾ مکيه
پارٽ ورتائين. کاڌي تحريڪ وقت وديشي ڪپڙا ساڙي، کاڌي پائڻ شروع ڪيائين. سائمن
ڪميشن اچڻ وقت شاگردن کان ڪارا جهنڊا کڻائي، ”سائمن گو بئڪ“ جا نعرا هڻايائين.
سن 1929ع ۾، هن تعليم ڇڏي ملڪ جي شيوا ڪرڻ شروع ڪئي. لاهور جي آل
انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ سن 1929ع ۾ شرڪت ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ملڪ جا لکين مرد ۽
عورتون مهاتما گانڌيءَ جي اثر هيٺ، سڀ ڪجهه وساري، ملڪ ۽ قوم جا شيوا ڌاري ٿي پيا. هيءَ به انهن مان هڪ هئي. هن به ڊاڪٽر چوئٿرام مرحوم وانگر گرهستيءَ جي بند ۾ ڦاسڻ
عيوض، سمورو وقت قومي خدمت ۾ صرف ڪرڻ جو وچن ڪيو. آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾،
هيءَ 31-1930ع ۾ ٿوري وقت لاءِ جيل ۾ ويئي: وري سن 1932ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ سابرمتي
جيل ۾ ويئي. سن 1942ع ۾ ”ڪئٽ انڊيا“
تحريڪ وقت ٻن سالن لاءِ سيڪيورٽي ايڪٽ جي هيٺ جيل ۾ رهي.
منهنجي ساڻس واقفيت سن 1929ع کان ٿي، جڏهن مسٽر جمشيد نسروانجيءَ جي
سماجي پوئلڳيءَ ۾ هن ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. شايد مون کان اڳ
ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يوٿ لاج جي پريزيڊنٽ به رهي چڪي هئي. سن 1930ع ۾ هيءَ
ڪراچيءَ ميونسپل اسڪول بورڊ تي ميمبر چونڊجي آئي، جتي سن 1935ع تائين رهي. ان وقت
اَچاريه آسودومل گدواڻي ميونسپل اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو. هو وڏو عالم،
مخلص قومي ڪارڪن، آدرشي انسان هو. ان سان گڏجي، هن ڪراچي شهر جي زناني تعليم لاءِ
گهڻو ڪجهه ڪم ڪيو.
هوءَ آل انڊيا وومينس ڪانفرنس سنڌ جي پريزيڊنٽ رهي چڪي آهي. ڪشور
ٻائي گانڌي ميموريل فند سنڌ جي پريزيڊنٽ هئي. نرسن ۽ مڊوائيفن جي ڪائونسل جي پڻ
پريزيڊنٽ رهي آهي. سن 1934ع ۾، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي مردن جي مقابلي ۾ بيهي،
ڪامياب ٿي. مارچ 1931ع جي آخر ۾ ال انڊيا ڪانگريس جو ساليانه اجلاس سردار ولڀ ڀائي
پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو. ان موقعي تي مسٽر سنتداس عيدنمل وڪيل
والنٽيئرن جو ڪئپٽن مقرر ٿيو. زالن والنٽيئرن جي مهندار پار پتي گدواڻي هئي. انهن
سان گڏجي هن ڪم ڪيو. ان وقت 27 مارچ تي، هڪ آل انڊيا ٻالڪن جي ٻاريءَ جو اجلاس مسز
ڪملا ڇتو ٻڌيا جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. انهيءَ وقت صوبي سنڌ جي ٻالڪن جي ٻاريءَ جي
هيءَ پريزيڊنٽ هئي ۽ ستي آڏواڻي سيڪريٽري هئي. ان کان پوءِ، ڪانگريس جي پروگرام
موجب، شراب جي بهشڪار (مخالفت) کاڌيءَ جي پرچار، اڇوتن جي آڌار لاءِ سارو قوت ڪم
ڪندي رهي. ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبريءَ وقت ڪافي مشهوري حاصل ڪري ويئي هئي؛ ان
ڪري جڏهن سنڌ جدا ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هيءَ جنرل تڪ مان
زالن طرفان ڪانگريس ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آئي،. جتي کيس ڪجهه وقت بعد 1938ع
۾، ڊيپوٽي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي 6 سيپٽمبر 1946ع تائين رهي.
جڏهين اتحاد پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ وارا گڏجي مخالفت ۾ ويٺا تڏهن
مون کي ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست اچڻ بعد
الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي، جو سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو سنڌ اسيمبليءَ اندر ليڊر هو.
ڪانگريس جي ان وزارت کي مدد هئي. ٿوري وقت کان پوءِ ڍلن وڌائڻ جي سوال تان اتحاد
پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪيترن ميمبرن جو الهه بخش وزارت سان اختلاف ٿي پيو. ڪانگريس پارٽيءَ ۾ ٻن راين جا گروهه هئا – هڪ ڊاڪٽر چوئٿرام جي راءِ جو هو، جن
جوخيال هو ته جنهن صورت ۾ وزارت ڍلن جي سوال تي پارٽين جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي
آهي، تنهنڪري ڪانگريس کي وزارت کان مدد واپس وٺڻ گهرجي. اتحاد پارٽيءَ وارن مان
اسان به اُن راءِ جا هئاسو. ٻئي طرف هڪ گروهه مسٽر سڌوا جي راءِ جو هو ته آل انڊيا
مصلحتن خاطر ڪهڙي به قسم جي سنڌ ۾ نيم ڪانگريسي وزارت جو وجود غنيمت هو؛ ان کان
مدد کسي، وزارت کي ڪيرائڻ ٺيڪ نه هو. انهيءَ گروهه جا روح روان ڪماري جيٺي ۽ سيٺ
ايسرداس ورندمل هئا. آخر ووٽن ۾ پويون گروهه حاوي ٿي ويو ۽ پهرئين گروهه کي پارٽي
ضابطي طور ان فيصلي تي هلڻو پيو. ان وقت اختلاف ايترا وڌي ويا، جو آل انڊيا
ڪانگريس جي ٻن پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن – سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا
ابوالڪلام آزاد – کي سنڌ ۾ اچڻو پيو. سردار پٽيل کي ٻيو گروهه الهه بخش وزارت کي
مدد ڏيڻ لاءِ آماده ڪري ويو. آهستي ٿي آءٌ ۽ منهنجا هم خيال اتحاد پارٽيءَ جا دوست
ڪانگريس کان علحده ٿي، مسلم ليگ ۾ هليا وياسون.
هيءَ پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ رهي پيئي هئي، پر 6 جنوري 1948ع تي،
ڪراچيءَ ۾ وڳوڙن ٿيڻ بعد، هندن جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل سمجهي، هوءَ لڏي بمبئي ويئي،
جتي سن 1952ع کان سن 1962ع تائين پهريائين بمبئي ليجسلٽيو ڪائونسل ۽ پوءِ
مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊيپوٽي چيئرمين ٿي رهي. سن 1958ع ۾، بمبئي ليجسليٽو طرفان
انگلينڊ ۾ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن جي ميٽنگ لاءِ کيس موڪليو ويو. هوءَ
بمبئيءَ جي نو جيون ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين به رهي. ان ذريعي تن
اسڪيمن ۾ هڪ هزار گهر اڏائي چڪي هئي، جن ۾ ماڻهو ويٺا آهن. چوٿين اسڪيم ۾ 700 گهر
زير تعمير آهن. اها هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي چئي وڃي ٿي.
(جي ايم سيد جي ڪتاب جنب گذاريم جن سين تان ورتل چونڊ ٽڪرا)
No comments:
راءِ ڏيندا