; سنڌي شخصيتون: علي گوهر برهماڻي - امان برهماڻي

18 February, 2012

علي گوهر برهماڻي - امان برهماڻي


علي گوهر برهماڻي
ڪاڇي جي ڌرتي جو انمول هيرو
امان برهماڻي
سنڌ بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن صدين کان سپوت پٽن کي جنم ڏنو آهي ۽ انهن سنڌ جي ارڏن ۽ جوڌن جوانن هميشه سنڌ جي مان لاءِ جان جو نذرانو ڏنو. سنڌ دودي دولهه، هوشو، هيمون، شاهه عنايت، شاهه ڀٽائي. سچل سائين ۽ ٻين اڻ ڳڻين انسانن جي ننگري آهي. جن جي جدوجهد ۽ لهو کي اڄ به سنڌ امڙ جي تاريخ ياد ڪري ٿي. انهن سنڌ سڄي وانگي ڪاڇي جي ڌرتي لاءِ رات ڏينهن اڻ ٿڪ جدوجهد ڪئي. ڪاڇي جي ڌرتي به ڪيترن سپوت پٽن کي جنم ڏنو، جن جي وڃڻ کانپوءِ به اڄ انهن انيڪ انسانن جي تاريخ ورقن ۾ لکي ڇڏي آهي. جن جي جدوجهد ڪاڇي جي هر واهڻ وستي هميشه قائم رکندي پئي اچي. ڪاڇي جي ڌرتي ۽ ڪاڇي جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهي آهي. انهن سڀني کي اڄ ڪاڇي جي خوشبودار ڌرتي ياد ڪري روئي ٿي.


ڪاڇي جي چيڪي مٽي محمد حسن رستماڻي، ڪامريڊ اڪبر پرين، ڪامريڊ مجيد لغاري، مٺل برهماڻي، صحافي غلام رسول برهماڻي جهڙن جاکوڙي ماڻهن کي پنهنجي ڪک مان پيدا ڪيو. انهي سڀني ارڏن انسانن ۾ هڪ ٻئي کاهوڙي انسان جو نالو به انهن جي لسٽ ۾ شامر ٿئي ٿو.
واهي پانڌي جي ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ رهواسي پورهيت علي بخش برهماڻي جي ڪکائين گهر ۾ جنم وٺندڙ علي گوهر برهماڻي جو نالو به سنڌ توڙي ڪاڇي جي اڏول انسانن جي نالن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي جو ننڍپڻ، تاريخ جا ورق ئي ٻڌائي سگهن ٿا. ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي هميشه ڪاڇي جي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي. هن پنهنجي سڄي زندگي جا ڏينهن، هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاريا. هن عوامي تحريڪ سان گڏجي هارين جي ڳالهه ڪندي جيل ڪاٽي. هن هميشه حق سچ جي ڳالهه ڪندي وک اڳتي وڌائي. سختيون سور سٺا پر پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي جي جدوجهد جي جيڪا ڳالهه ڪجي سا به گهٽ، هن جي ڪاڇي جي ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهد جي تاريخ گواهه آهي. هن ڪامريڊ محمد حسن رستماڻي سان گڏ ڪاڇي جي غريب عوام جي لاءِ جدوجهد ڪئي.
ڪاڇي جي ڌرتي گواهه آهي ان ڪاڇي جي کاهوڙي انسان جي تاريخ جي جنهن ڪاڇي جي ڌرتي ۾ رهندي هر ننڍي وڏي ٻار ٻڍي جي تڪيلف کي پنهنجي تڪليف سمجهي آواز نه اٿاريو هجي. ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي تاريخ ۾ پاڻ کي مڃائي ڏيکاريو آهي.
مون کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن جيڪي ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي جي غريب ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندي ۽ روڊن تي نڪري جدوجهد ڪندي گذريا، ڪامريڊ هميشه هر جدوجهد ۾ اڳيان نظر اچڻ وارو ڪردار رهيو.
هن ڪاڇي ۾ مظلومن سان ڏاڍ جبر ڪندڙ انهن وڏيرن کي شينهن وانگي گجگوڙ ڪري للڪاريندو هو ۽ مسڪين هارين کي سدائين همٿائڻ جي ڪوشش ڪندو ته آئي مظلومو ڌرتي جا وارث توهان آهيو توهان جاڳي پئو ته گدڙ ٻرن ۾ لڪي ويندا. اڄ انهن سنڌ جي عظيم انسانن سان گڏ ڪاڇي جي ڌرتي تي جنم وٺندڙ لطيف جي پارکو ڪامريڊ علي گوهر برهماڻي جي جدوجهد کي تاريخ سلام ٿي ڪري، شال سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي سپوت پٽن جي ڪيل جدوجهد جا پيروڪار ٿي پون ته شايد هن ڌرتي کي دولهه دودي هوشو، هيمون وانگي سپوت پٽن تي فخر ٿي پوندو. 

No comments:

راءِ ڏيندا