; سنڌي شخصيتون: اقبال احمد بڙدي - امير بخش بڙدي

09 February, 2012

اقبال احمد بڙدي - امير بخش بڙدي


اقبال احمد بڙدي
مرحوم جي زندگي تي هڪ نظر
امير بخش بڙدي
سانگهڙ ضلعي جي سرزمين اها سرزمين آهي جنهن هميشه دودن ۽ دليرن کي جنم ڏنو آهي، هن ڌرتي تي کوڙ سارا اهڙا به انسان پيدا ٿيا جيڪي پنهنجي قوم ۽ علائقي واسين لاءِ جدوجهد ڪري وڏيون قربانيون ڏيئي هميشه لاءِ امر ٿي ويا. اهڙن ئي شخصتين مان مرحوم اقبال احمد بڙدي جي شخصيت پڻ هڪ آهي.


اقبال احمد بڙدي سانگهڙ جي انقلابي سرزمين تي 1948ع ۾ ڊاڪٽر غلام رسول بڙدي بلوچ جي گهر ۾ اک کولي. سندس والد غلام رسول بلوچ جون حر تحريڪ دوران وڏيون قربانيون هيون. غلام رسول بلوچ انگريزن جي  دور ۾ جيل سپرينڊنٽ ۽ گڏو گڏ ڊاڪٽر به هو. جنهن جي قربانين سان کوڙ سارن حرن جيلن مان آزادي ماڻي پاڻ انهن حرن کي خطرناڪ وچڙندڙ بيمارين جو بهانو ڄاڻائي جيلن مان ڪڍندو هو ۽ انهن کي چوندو هو ته وڃي منهنجي سانگهڙ ويجهو چوٽياريون روڊ تي ڳوٺ ۾ رهجو. حرن کي  ڳوٺ ۾ هر طرح جو تحفظ حاصل هو. رحيم هنڱورو ۽ ٻيا کوڙا سارا حر گوريلا سندس ڇپر ڇانو ۾ هئا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته حر تحريڪ ۾ سندس خاندان جون وڏيون قربانيون هيون. جن قربانين جو ذڪر اڄ به جهور پوڙها حر تحريڪ جي سيمينارن توڙي ڪچهرين ۾ ڪندا رهندا آهن. هن خاندان وٽ حر تحريڪ جي پڻ هڪ وڏي تاريخ آهي، ان تاريخ کي کولبو ته وڏا وڏا راز ڦاٽندا. ان راز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ حر هسٽاريڪل جو سرواڻ مير محمد نطاماڻي ڪيئي ڀيرا مون وٽ چڪر لڳائيندو رهيو آهي ته غلام رسول بلوچ جي لکيل ڊائري هٿ ڪري ڏي ته جيئن اسان کي پنهنجن ۽ پراون جي سڃاڻپ ٿئي ڇو ته ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ انگريزن جي دور ۾ وڏي عهدن تي رهيو. جنهن حر تحريڪ دوران هر شيءَ قلمبند ڊائري ۾ ڪيو. اها ڊائري مرحوم اقبال احمد بڙدي اسان کي ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته ان جي ظاهر ٿيڻ سان وڏا ڦاٽ ڦاٽندا. اها ڊائري پوءِ خبر ناهي ته اقبال صاحب ڪهڙي ڪنڊ ۾ لڪائي رکي. جيڪا اڄ به هٿ نه اچي سگهو. هر هسٽاريڪل جو مير محمد نظاماڻي ان ڊائري کي هٿ ڪرڻ لاءِ اقبال احمد بڙدي جي ڀائرن وٽ لنڊن وڃڻ لاءِ به تيار آهي ته جيئن ڀائرن کان ڊائري متعلق ڄاڻ وٺي. بهرحال هن خاندان جون علائقي واسين تي وڏيون قربانيون آهن.
انهي خاندان جو فرزند اقبال احمد بڙدي پڻ سانگهڙ واسين لاءِ ڇپر ڇانو هو. پاڻ وٽ ڪنهن به پارٽي، ذات پات، نسل وغيره جو ڪو به فرق نه هو. اهو ئي سبب هو جو سندس رهائش تي هر وقت ميڙو متل هوندو هو. علائقي جا ڪيترن ئي ذاتين وارا جن ۾ جمالي. هنگورا، بڙدي، لاشاري، ڪنڀر، ڀيل، ميگهواڙ، لغاري، آرائين، مري، رونجها، جانوري، چاڪراڻي، ابوپوٽا، بگٽي، شر، ملاح، جعفري، رند ۽ ٻين ذاتين وارا بنا جهجهڪ جي وٽن ايندا هئا. مرحوم اقبال بڙدي 1976ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاٽن اينڊ ٽرينڊنگ سانگهڙ رهيو. 1993ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل سازدا رهيو. 1992ع ۾ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريٽر سازدا رهيو. 1994ع ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن ۽ 1995ع ۾ ڊائريڪٽر فنانس سازدا رهيو. جڏهن ته ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ۽ ٻين عهدن تي پڻ رهيو. پاڻ نوڪريءَ دوران وڏي انگ ۾ علائقي جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي نوڪرين سان لڳايو. اڄ به وڏي انگ ۾ سندس ڪوششن سان رکايل علائقي واسي وڏن عهدن تي فائز آهي. اقبال احمد بڙدي نه صرف علائقي واسين کي نوڪرين سان لڳايو پر علائقي جي ڪيترن ڳوٺن ۾ بوائز توڙي گرلز اسڪول کولرايا ۽ ڳوٺاڻن کي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. اقبال بڙدي سچو ۽ کرو انسان هو. پاڻ ڪوڙي ماڻهو کي پري کان سڃاڻي وٺندا هئا. وڏي سڃاڻپ واري اک هوندي هئي. اقبال بڙدي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پڻ ڪوشان هوندا هئا. علائقي ۾ ڪٿي به ڪا چوري يا ڦر وغيره ٿيندو هو ته پاڻ ماٺ ڪري نه ويهندا هئا. جيستائين چوري ۽ چور ظاهر نه ٿيندا هئا. تيستائين علائقي ۾ شينهن وانگي پيو ڦرندو هو. چوري ۽ چور، ظاهر ڪري انهن کي سخت سزائون ڏياريندو هو. اقبال بڙدي ۾ اها پڻ وڏي خوبي هوندي هئي. علائقي ۾ ڪا فوتگي وغيره ٿيندي هئي ته پاڻ پهرين  پهچندو هو ۽ ڪٿي به ڪنهن پاڙي واري جي بيماري جو ٻڌندو هو ته پاڻ ان جي پڇڻ لاءِ ضرور ويندو هو. مرحوم اقبال احمد بڙدي علائقي واسين لاءِ ڇپر ڇانو هو. پاڻ حاليه برساتن ۾ پڻ پنهنجي علائقي واسين کي اڪيلو نه ڇڏيو. جتي اقربا پروري ڪري سرڪاري سامان ورهايو ويندو هو. غريبن کي نظرانداز ڪري پنهنجن کي نوازڻ وارو سلسلو جاري هو. ان قيامت جهڙي منظر ۾ پاڻ پنهنجي هڙان ۽ ٻاهرين ملڪن جو رهندڙ ڀائرن کان ڦرڙي ڪري علائقي واسين کي ايترو ڪجهه ڏنو جو برسات متاثرين 4 مهينا آرام سان ڪڍيا. گڙدن جي بيماري جي تڪليف ۾ هوندي به علائقي واسين جا حال پڇندو رهيو. اقبال بڙدي کي پنهنجن ڀائرن لنڊن وٺي وڃڻ تي هر وقت زور ڀريندا رهيا پر پاڻ نه ڪندا رهيا ته راڄ ڀاڳ کي اڪيلو نه ڇڏيندو. آخري گهڙي تائين علاج لاءِ به ٻاهر نه ويا. سندن ڪيل خدمتن کي علائقي واسي ياد ڪري رهيا آهن ۽ سندس وڇوڙي تي لڙڪن جي برسات هاري رهيا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا