مير غلام محمد خان ٽالپر
سدا جيئن سي، جيڪي جيئن ٻين لاءِ!
ڀون سنڌي
ورهاڱي کان اڳ جي زماني تي نظر وجهبي ته اسان کي
پتو پوندو ته هيڏي وڏي ديوَ جيڏي سفاڪ دشمن انگريز سامراج کي شڪست ڏيڻ ۾ جتي اُنهن
سرويچن، سورمن ۽ ڪونڌرن جي ريٽي رنگ لاٿو، جتي اڏول انسانن، وطن ۽ قوم جي آزادي
ڪاڻ جيلون ڀوڳي، بکون ڪاٽي پاڻ ملهايو، جتي آزادي جي متوالن، غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ
لاءِ اڏي تي سر ڏيئي مظلوم ۽ بيوس انسانن کي زنده رهڻ جو حق وٺي ڏنو، اُتي اُنهن
تعليمي ماهرن، جهالت سان جنگ جوٽيندڙن علم جي جوت جلائيندڙن، اٻوجهن ۽ مسڪينن جي
خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ هڙان وڙان ڏيئي سندن مدد ڪندڙن جي قرباني ۽ جذبي کي
پڻ وساري نٿو سگهجي. اُهي سڀ هستيون عزت ۽ احترام لائق آهن، جيڪي ڦورو سماج کي
ڊاهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو وٺن ٿيون. انهن جا جذبا ۽ قربانيون قابل تحسين آهن. ڪا به سڌريل قوم انهن جي ڪيل خدمتن کي وساري نٿي سگهي. انهن سڀني جي زندگي اسان
لاءِ روشن ڏيئي جي مثل آهي، جنهنجي روشني ۾ اسين پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي وجود کي ڏسي
۽ سمجهي سگهون ٿا ۽ زنده رهي سگهون ٿا.
سنڌ ڌرتي جو سخي مرد سپوت مير غلام محمد خان
ٽالپر، مير محمد خان جي گهر ۾ ڄائو. سندس نسب مير مرزو خان ماڻڪاڻي سان وڃي ملي
ٿو. امام غزالي جو قول آهي ته: تعليم ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جي
آبياري ڪري ٿي. مير غلام محمد خان ٽالپر جو شروع کان ئي اهو نصب العين هو ته
جيستائين جهالت جو خاتمو نه ٿيو آهي، جيستائين ماڻهو علم جي نور سان منور نه ٿيا
آهن، تيستائين ڪا به قوم وڌي ويجهي ۽ خوشحال ٿي نٿي سگهي. کين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن
جي سقيم ۽ ابتر حالت ڏسي سخت پيڙا محسوس ٿيندي هئي ۽ اُها پيڙا ئي هئي، جنهن سندس
اندر ۾ اُڌما جاڳايا ۽ اُهي اُڌما عمل جو روپ اختيار ڪري ويا ۽ هن پنهنجي سموري
زندگي ڀلائي ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏي. جڏهن ته ان دور جا ڪافي وڏيرا ۽ مٿئين
ڪلاس وارا، انگريز سرڪار جا دلال بڻجي سرڪار جي چرچ تي ۽ پنهنجي طبقاتي فطرت جي
پيش نظر مسڪينن ۽ اٻوجهن کي پيڙهي، لٽي، ماري ۽ سوين تڪليفون ڏيئي، اُن جي بدلي
وڏا انعام ۽ سندون حاصل ڪري رهيا هئا. اُتي مير صاحب به وڏيرو هئڻ جي ناتي ائين
ڪري سگهيو پئي. پر نه، هي مرد مانجهي انهن مان نه هو. مير غلام محمد خان ٽالپر
پنهنجي سموري جائداد ۽ ملڪيت، انساني ڀلائي ۽ نيڪي وارن ڪمن ۾ لڳائي، زندگي جو هڪ
نادر نمونو پيش ڪيو. فرانسيسي مصور پال گاگن جي مطابق، ماڻهو جي هٿن جي حاصلات ئي
ان ماڻهو جي صحيح تشريح آهي. سندس هڙان وڙان قائم ڪيل ڪافي ادارا اڄ به هلي رهيا آهن. هن درويش صفت انسان، جيڪي نيڪ ڪم سرانجام ڏنا، اُنهن مان چند
هي آهن.
·
سال 1920ع ۾ لاڙ جي پٺتي پيل شهر ٽنڊو باگو ۾ هڪ عاليشان مدرسو،
لارينس مدرسي جي نالي سان ٺهرايائين، جيڪو هن وقت گورنمنٽ هائير سيڪنڊر اسڪول جي
نالي سان مشهور آهي.
·
پاڻ اسڪول جي ڀلائي لاءِ ٽي لک ستاسي هزار رپيا پڻ گورنمينٽ وٽ ڊپازٽ
طور رکيا، جن مان هاسٽل ۽ بورڊنگ هائوس جو خرچ هلي ٿو.
·
ان کان سواءِ سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان تعليم لاءِ ايندڙ شاگردن
لاءِ گبسن هاسٽل ٺهرايائين، جتي اڄ به سندس پئسي مان شاگردن کي مفت کاڌو ۽ رهائش
ميسر آهي.
·
عورتن لاءِ ميٽرينٽي هوم ۽ زناني اسپتال قائم ڪيائين، جنهن مان مريضن
کي مفت دوائون ملنديون هيون.
·
مردن جي مفت علاج لاءِ بولس دواخانو کوليائين.
·
لاڙ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ پاڻ هڪ گشتي دواخانو پڻ کوليائون.
·
ڳوٺ کڏهرو ۽ ماچوري ۾ پرائمري اسڪول ۽ هاسٽل ٺهرايائون، جنهن ۾
شاگردن جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندا هئا.
·
مدرسه ٿوهي کي ماهوار گرانٽ ڏيندا هئا.
·
غريب شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي پرڏيهه موڪليندا هئا،
جن ۾ علامه عمر بن دائود پوٽه صاحب قابل ذڪر آهن.
·
غريب ۽ بيواهه عورتن کي ماهانه وظيفو ڏيندا هئا.
هن فقير منش انسان وڏا ڪم ڪيا، پر وڏيون دعوائون
نه ڪيون. ايمرسن چواڻي، عظيم ترين ذهن رکندڙ ماڻهن جون آتم ڪٿائون مختصر هونديون
آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن جي ذاتي زندگي انتهائي سادي ۽ مختصر پر عمل جي
حوالي کان اعليٰ قدرن جو عاليشان مثال هئي.
مير غلام محمد خان ٽالپر مرحوم جي نيڪين ۽ خوبين
جو ذڪر سن جو سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جنسين“ ۾ ڪندي لکي ٿو ته: ”ملڪ ۾ مير گهڻا، پر مير غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جا اڪثر زميندار
پئسي ۽ زمين وڌي وڃڻ بعد، ان کي عياشي يا معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ڪندا آهن، ليڪن
ڌڻي تعاليٰ هن مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀري رکي هئي. جنهن ڪري پنهنجي پئسي
جو مصرف خلقِ خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين. سندس ذاتي خرچ تمام معمولي هوندو
هو. سفيد پٽڪو ۽ پهراڻ پهريندو هو. بلند اخلاق، حليم، محبتي، خلق جو خيرخواهه
انسان هو.“
ڪنفيوشس چواڻي ته، ”ڪردار جي تشخيص چڱن اصولن تي
هلڻ سان ٿيندي آهي. مير صاحب سڄي عمر اُنهن اصولن تي هليو ۽ جڳ جو ڀلو چاهيو. سنڌ
جو ارڏو ۽ قومپرست سياستدان مرحوم حفيظ قريشي ٽنڊي باگي اسڪول ۾ پنهنجي وقت جون
يادگيريون سموئيندي لکي ٿو ته، ”هڪ ڀيري مير صاحب هڪ مئٽرڪ جي شاگرد کان پڇيو ته: ”امتحان جي في ڇو ڪو نه پياري اٿئي؟“ شاگرد پئسه نه هئڻ جو جواب ڏنو. اُن تي مير
صاحب وراڻيو ته: ”بابا تعليم جو خرچ مفت ۽ معاف آهي پر امتحان جي في ته ڀريو؟“
”سائين مئٽرڪ پڙهي، هاڻ غيرت ٿي اچيم ته ڪو اڀرو سڀرو ڳهه، گروي رکان.“ انهيءَ
جواب ٻڌڻ سان مير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: ”هي سڀ خرچ انهيءَ لاءِ ته ڪيا اٿم
ته من ڪو اهڙو جواب ملي، منهنجو خرچ سجايو ويو آهي.“ ان کانپوءِ مير صاحب نه صرف
سندس في ڀري، پر ٽيهه رپيا انعام به ڏنائينس.
ڪاش هن دنيا جي اڪابرن ۽ رهبرن کي مير صاحب جي اها
ڳالهه سمجهه ۾اچي ته هو جيترا هٿيار گڏ ڪري رهيا آهن، اوترا جي اسڪول قائم ڪن ته
ڪر دنيا سک، امن ۽ آشتي جو گهوارو بنجي وڃي. مير صاحب کان جڏهن به سندس اولاد بابت
پڇبو هو ته هي نيڪ مرد، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوندو هو ته؛ هي ئي
منهنجو اولاد آهن. انهيءَ رشتي جي گهڻن ئي شاگردن وارثي ڪئي پر سڀ کان وڏو نالو هن
اسڪول مان پڙهندڙ شاگرد ايڇ ايم خواجه صاحب ڪڍيو، جنهن کي سڄي سنڌ خصوصن نوابشاهه
جا ماڻهو علم جو ابو ڪري ڀيٽا ڏين ٿا. سچ پچ ته ههڙا ئي انسان، نئين سماج جي پيڙهه
رکندا آهن. هيءُ درويش صفت انسان ۱۲ فيبروري ۱۹۳۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر جيڪي انسان فطرت جيان شفاف ۽ سخي هوندا آهن، اُهي فطرت جيان سدائين حيات هوندا
آهن.
ڪجهه ڏيئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون ڏيئي ميوو، ڇڻي وينداسين.
No comments:
راءِ ڏيندا