لعل محمد لعل
هڪ اديب، شاعر
۽ ماهر قانوندان
بنده علي لوهار گوهر
سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي شهر شڪارپور ماضي ۾
ڪيترا ئي عالم، مفڪر، سياستدان، اديب، شاعر ۽ سماج سڌارڪ پيدا ڪيا آهن ۽ هي شعر نه
صرف اقتصادي طور پر علمي ۽ ادبي لحاظ کان پڻ مالا مال رهيو آهي، سنڌ جي وڏن شاعرن
سامي ۽ شيخ اياز جو تعلق به به هن شهر سان رهيو آهي. اڄ اسان شيخ اياز جي همعصر
شاعر، اديب ۽ ماهر قانوندان لعل محمد لعل جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. نالو داد محمد
دايو هيو. هي شڪارپور جو مشهور شاعر، اديب ۽ قانوندان پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي
حيثيت رکندو هو. جيڪو ۵ مئي ۱۹۹۷ع ۾ گذاري ويو.
لعل محمد لعل ميٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم شڪارپور
۾ حاصل ڪئي. سندس قلب سليم، مزاج لطيف ۽ گفتگو سنجيده ۽ ملائم هوندي هئي. سندس
ڪردار ساري زندگي بي داغ رهيو. ٻيو ته ٻيائي ۽ وڏائي جو نه وٽس نالو نشان به ڪو نه
هو، جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندي هئي سا سنڌي سنئين ٻڌائي ڏيندا هئا. عار هرگز ڪو نه
محسوس ڪندا هئا. سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۱۹۴۲ع واري دور ۾ پڙهيو. جتي ڪيترائي دوست بڻيا. جن ۾ شيخ اياز ۽ مرحوم
روشن آرا مغل جن سان گهرا ناتا قائم ٿيا، جيڪي ادب جي دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪا آهن.
لعل صاحب انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بئراج کاتي ۾ ڪلرڪ ٿيو. انهي عرصي دوران ۱۹۴۸ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هن ملازمت
تان استعيفيٰ ڏنائين. سال ۱۹۵۲ع ۾ ايل
ايل بي جو امتحان پاس ڪري، سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول ڪراچي ۾ ماستري ڪرڻ لڳو جتان ۱۹۵۵ع ۾ بي ٽي به پاس ڪيائين. لعل محمد لعل
پڙهائي ۽ ملازمت سان ئي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. جيئن ته کين شعر و شاعري
سان شوق ننڍپڻ کان ئي هيس. پاڻ سنڌ جي مشهور صوفي
شاعر فقير غلام علي مسرور کان شاعري جي سکيا حاصل ڪيائين. ننڍپڻ ۾ ئي سندس شعر
مشهور ادبي رسالن ۾ اشاعت هيٺ ايندا هئا. جهڙوڪ اديب سنڌي ۽ ”سنڌو“ وغيره شيخ اياز
پنهنجي آتم ڪهاڻي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو ته؛
انهيءَ دور ۾ لعل محمد لعل ۽ نعيم صديقي
منهنجا بهترين دوست هئا. لعل محمد لعل سنڌي غزل جي تراش خراش جو ماهر هو. طبعيت جو
سادو ۽ سچو انسان هو. لعل محمد لعل جي ادبي سرگرمين سان شڪارپور ۾ ۱۹۶۱ع ۾ سنڌي بزم ادب جو پايو پيو ۽ سندس ڪوششن
سان مسلم سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو
پاڻ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. جنهن جا زور دار مشاعرا جماڻي هال موجوده ميونسپل
آفيس تي ٿيندا هئا. انهن مشاعرن جي ذريعي شڪارپور ۾ ادبي شعور وڌڻ شروع ٿيو. جنهن
۾ هڪ ته جهونن شاعرن جهڙوڪ لطف الله بدوي، فقير غلام علي مسرور ۽ فقير عبدالوهاب
”ناظم“ جن کي پنهنجي شاعري عوام تائين پهچائڻ جو موقعو مليو ۽ وري ٻئي پاسي
نوجوانن ۾ به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. جن ۾ شيخ اياز، احسان احمد بدوي، نعيم
صديقي ۽ رشيد احمد لاشاري شامل آهن. ان زماني ۾ رشيد احمد لاشاري شڪارپور ۾ رهندو
هو ۽ سندس دوستي گهڻي گهري هوندي هئي. حقيقت ته رشيد احمد لاشاري کي ادبي طور
سرگرم ڪرڻ ۾ لعل محمد صاحب جو وڏو هٿ هو.
لعل محمد ڪراچي ۾ رهڻ دوران پنهنجي ادبي
حيثيت سان شيخ عبدالله ”عبد“، شيخ عبدالعليم ”جوش“، شيخ مراد علي ”ڪاظم“ ۽ اياز
قادري سان تمام گهرا ادبي ناتا پيدا ڪيا. انهي وقت ۾ شيخ عبدالعليم ”جوش“ جي صلاح
سان ۱۹۵۱ع ۾ ماهوار رسالو
”آفتاب“ جي نالي سان جاري ڪيو. جيڪو عمدو ادبي مواد
جي حوالي سان بهترين رسالو هو. لعل محمد صاحب ڪراچي ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي سرگرمين ۾ بهرو
وٺندو رهندو هو. انهي عرصي دوران نوجوان اديب شاگردن ڪراچي جو ۱۹۴۹ع دوران هڪ ادبي تنظيم جوڙي جنهن کي ”انجمن
ترقي پسند مصنفين“ جو نالو ڏنو ويو. جيڪا گوبند
مالهي واري انجمن جو هڪ روپ هو. ۱۹۶۰ع
شڪارپور ۾ لعل محمد صاحب ڪجهه سال اوٿ ڪمشنر طور ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ سول ڪيس کڻڻ شروع
ڪيا. ڏسندي ئي ڏسندي جلدئي ٿوري عرصي ۾ اتر سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. ان
دوران پاڻ شڪارپور ” ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن“ جا ٻه
دفعا صدر پڻ رهيا.
لعل محمد لعل صاحب وڪالت دوران ”اعجاز
پبليڪيشن“ قائم ڪئي ۽ ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيائين، جنهن ۾ سڀ کان پهريان
”دور ساغر“ مولا بخش سانگي جو شعري مجموعو شايع ڪرايائين. ۱۹۹۳ع ۾ گونج نالي پنهنجي شعرن جو مجموعو شايع
ڪرايائين. سندس ڪلام وزن ۽ بحر مطابق آهي، کيس علم جي ڪافي ڄاڻ هئي. سندس شاعري
فارسي طرز جي آهي، کين عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين تي عبور حاصل هو.شڪارپور
۾ پهرين ”حاجي“ مولا بخش لا ڪاليج جو پهريون ۱۹۹۰ع ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. جتان پاڻ ۱۹۹۴ع ۾ رٽائر ڪيائين.
لعل محمد جي شاعري هڪ لاٽ جي حيثيت رکي ٿي،
جيڪا اسان کي جاڳرتا واري روشني سان منور ڪري ٿي، لعل جو ڪلام سنڌي قوم لاءِ
انقلاب جي واٽ جي لاٽ آهي، لعل محمد هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو ۽ ادبي تاريخ ۾ هڪ
دور جو نالو آهي، سندس شخصيت جي باري ۾ جيترو لکجي ٿورو آهي، هو پنهنجي اصولن ۽
ادبي روايتن تي بيٺو رهيو ۽ کيس ڪو به طوفان نه لوڏي سگهيو، سندس دل ايتري ته نرم
هئي جو ڪيترن ئي غريبن جا ڪيس هو، بغير معاوضي جي کڻندو هو، مطلب ته لعل محمد لعل
جون علم و ادب لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، جيڪي وسارڻ جهڙيون نه آهن، جيڪي هميشه
ياد رهنديون، سندس لکيل ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.
غم خوشي جو ترجمان ٿيندو ته ڇا،
شادمان ناشاد مان ٿيندو ته ڇا،
ختم غم جو داستان ٿيندو ته ڇا،
موت آخر مهربان ٿيندو ته ڇا
ڪوئي مٽجي ڪين ٿو فاني ٿي،
لامڪان ڪنهن جو مڪان ٿيندو ته ڇا.
----
”جتي حسن سيرت جو سائل هجي،
محبت هوس ڏي نه مائل هجي،
ڪدورت ۽ مطلب جي دنيا کان دور،
جتي هر ڪو الفت جو قائل هجي،
اتي منهنجي دل جي ڪجو جستجو“
لعل محمد لعل
رکون ٿا ڪنهن طرح آباد
تنهنجي يادِ جي محفل
نسيم بخاري
لعل محمد لعل جي اڄ
وڇوڙي جو ڏينهن آهي جنهن جو تخلص ”لعل“ هو. داد محمد دايو جي پٽ لعل محمد شڪارپور
۾ ۲۱ جنوري ۱۹۲۳ع ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ شڪارپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽر سي اينڊ
ايس ڪاليج شڪاپور مان ڪئي، بعد ۾ بئراج کاتي ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪيائين. ان دوران
ماهوار سنڌي رسالو ”آفتاب“ ۱۹۵۰ع ۾ پنهنجي ايڊيٽرشپ هيٺ شايع ڪيائين. بي اي ۽ ايل ايل
بي جا امتحان ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج مان پاس ڪيائين. سنڌ مدرسته الاسلام ۾
استاد بڻيو، جتي اسڪول مئگزين سنڌ مدرسه ڪرانيڪل جو چيف ايڊيٽر بڻيو. انگريزي ۽ سنڌي
سيڪشن ڏاڍي سهڻي نموني ۽ سنجيدگيءَ سان سنڀاليائين. پاڻ حاجي مولا بخش سومرو گورنمينٽ
لا ڪاليج شڪارپور جو پرنسپال به رهيو. مٿين جن ادارن سان هن جو تعلق ذڪر هيٺ آيو
آهي، اڄ انهن ادارن کي لعل محمد لعل ڪيترو ياد آهي؟ بنيادي طور تي هو هڪ وڪيل هو
پر بار ڪائونسل ان کي ڪيترو ساريو آهي، سو سڀ جي سامهون آهي. اصل ۾ اهي ادارا لعل
محمد لعل کي ياد ڪن يا نه پر تاريخ ان کي سدائين زنده رکندي ايندي. ڇو ته هن جو
ادبي پورهيو اڻ مٽ آهي، خاص ڪري سندس شاعري ڪمال جي آهي. هن جي شاعريءَ جا رومانوي
رنگ ڏاڍا نرالا آهن. هو لکي ٿو ته،
خوشي ڀي عارضي آهي،
غمي ڀي عارضي آهي
اسان جي زندگي ڀي،
يا خدا ڇا زندگي آهي
نه تون پنهنجي، نه
دل پنهنجي، نه ڪوئي آشنا پنهنجو
گهڻو صبر آزما اي
جان! تنهنجي دلبري آهي
رکون ٿا ڪنهن طرح
آباد، تنهنجي يادِ جي محفل
جي تون ناهين ته
تنهنجي، غم سان ٿيندي همدمي
ننڍي کنڊ جي وڏي
شاعر شيخ اياز کي لعل محمد لعل جو هيٺيون غزل ڏاڍو وڻندو هو، جنهن جو حوالو به
پنهنجي تحرير ۾ ڏنو اٿائين.
”غم زياده
خوشي، قليل ملي
زندگي ڄڻ ته، بي
دليل ملي“
شيخ اياز لکي ٿو ته
”لعل محمد لعل اردو جي ڪلاسيڪي رنگ ۾ غزل لکندو هو ۽ اردو جا پراڻا استاد انشا،
مومن ناسخ وغيره هن جا دل پسند شاعر هوندا هئا. هو ڏاڍي پڪي شاعري ڪندو هو ۽ شعر ۾
بندش کي سڀ کان زياده اهميت ڏيندو هو. اسان کي هن جي نالي لعل ۽ تخلص احمر ۾ به
بندش نظر ايندي هئي. دراصل لعل محمد تغزل ۾ ڪلاسيڪي معاملي بنديءَ جو وڏو استاد
هو. لاڙڪاڻي جا غزل گو شاعر هن جي ڀيٽ ۾ تڪ بند لڳندا هئا.“
لعل محمد لعل پنهنجي
شاعريءَ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي به خراج بخشيو آهي، لکي ٿو ته
منصور جيان دار تي
سر پنهنجو ڏنو تو
ان ريت شهادت جي
سعادت ملي تو کي
تون زنده جاويد فقط
ناهين جهان ۾
رب پاڪ کان عقبي جي
به عظمت ملي تو کي
تون آئين ته جاڳي اٿي
مزدور جي قسمت
چمڪڻ لڳو هاريءَ جي
مقدر جو ستارو
بت خانه امارات جا ٿيا
نيست ۽ نابود
جمهور کي حاصل ٿيو
جيئڻ جو سهارو
لعل محمد لعل هڪ
وطن دوست شاعر هو جنهن سنڌ جي حوالي سان لکيو هو ته،
سنڌ تنهنجو نه ڪڏهن
شان وڃڻ ڏينداسون
تنهنجي عظمت جو جهنڊو
ڪين جهڪڻ ڏينداسون
شمع تنهنجي کي ڪبو
خونِ جگر سان روشن
نور تنهنجي کي جهڪو
ڪين ٿيڻ ڏينداسون
لعل محمد لعل رومانوي
شاعري به ڏاڍي عاليشان ڪئي آهي. پيار جي پيڙا ۽ يار جو غم جابجا ملي ٿو. وڇوڙو جڏهن
کيس وڍ ڏئي ٿو ته هن جو قلم حرڪت ۾ اچي ٿو.
هجر جو غم ۽ تنهنجي
زلف جي تات
ڇا خبر تو کي ڪيئن
گذاريم رات
تو بنان ڪاري ٻاٽ،
چانڊوڪي
نه ڪڏهن تو بنان ڦٽي
پرڀات
يا اهي خيال پڙهي ڏسو.....
هر شيءِ ۾ تنهنجي
حسن جو جلوو نظر اچي
اي شل! نگاه شوق ۾
اهڙو اثر اچي
قسمت وڃي سنورجي
مقدر کلي پوي
نالي سان تنهنجي
منهنجو به نالو اگر اچي.
لعل محمد لعل محبتن
جي محرومين کي ڏاڍي شاندار انداز سان اظهار جو روپ ڏنو آهي. مثال طور لکي ٿو ته
دل جي حسرت دل ۾ ئي
رهجي وئي
زندگي مشڪل ۾ ئي
رهجي وئي
هڪ هئي دل سا به
پنهنجي ڪين ٿي
حسن جي محفل ۾ ئي
رهجي وئي
لعل محمد لعل
عاشقيءَ کي اعزاز سمجهي ٿو. دلبريءَ کي زندگيءَ جو خوشگوار احساس محسوس ڪري ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو چوي ٿو ته
دل لڳي تو سان
دلبري آئي
عشق جي روح کي خوشي
آئي
حسن تنهنجي تي جڳ ٿيو
حيران
چنڊ تارن کي ڀي غشي
آئي.
بسنت رُت جي حوالي
سان پنهنجي احساسن ۽ ارمانن جي عڪاسي وري ڪجھ هن طرح سان ٿو ڪري ته
بهار آئي دلبر مگر
نه تون آئين
گلابي گلن ۾ نظر نه
تون آئين
ڪيم تنهنجي نالي
اميدن جو گلشن
ٿيو ڄاڻ ويران اگر
تون نه آئين.
وصال جو جڏهن ڪو
واءُ گهلندي نه ٿو ڏسي ته پوءِ سپنن ۾ ئي سک جي سنسار جي آس ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته
جاڳ کيس ٿئي ئي نه، ڇو ته جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿئي ٿو تڏهن هن جو پنهنجي محبوب سان
سپنن ۾ گڏ هئڻ وارو احساس ٽُٽي پوي ٿو. ان ڪري اهو اعتراف ڪرڻ کان لعل محمد لعل نه
ٿو گهٻرائي ته
تنهنجو خوابن ۾ ملڻ
آه جي منهنجي تقدير
جا گهڙي جاڳ ۾ گذري
اها برباد رهي
لعل محمد لعل سچو
عاشق هو، پيار جو پروانو هو، محبتن جو مسافر هو، ان ڪري اهي التجائون ڪندو هو ته
ڪڏهن ته آءُ دکي دل
کي ڪو قرار اچي
وفا جي نالي تي
دنيا کي اعتبار اچي
گلاب بڻجي وڃي آس،
منهنجي ٻانهن ۾
جي تنهنجي مخملي
آغوش جي بهار اچي
لعل محمد لعل جي
شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري پختگي مٿين شاعراڻن حوالن مان چٽي آهي. سندس شعري مجموعو
اعجاز پبليڪيشن شڪارپور پاران جنوري ۱۹۹۳ع ۾ گونج جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. پاڻ شڪارپور
ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو صدر به رهيو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ شڪارپور جي تاريخ تي
مضمون لکيا اٿائين. لعل محمد لعل جنهن جذبي ۽ جستجوءَ سان سماج جي اجتماعي معاملن تي
قلم کنيو سا ننڍي ڳالھ نه آهي. هن جي شاعري سراپا درد آهي. هو پاڻ ته ۰۶ مئي ۱۹۹۷ع ۾ اسان کان وڇڙي ويو آهي پر هن جو تخليقي
پورهيو تاريخ جي صفحن تي رهندي دنيا تائين قائم ۽ دائم رهڻو آهي. سوال اهو آهي ته
لعل محمد لعل جيڪا پنهنجي تخليقي جوت جلائي هئي، ان جي روشنيءَ ۾ سندس پونئرن
پاران ادبي اوسر جو سلسلو ڪيتري تقويت ۽ تسلسل سان برقرار رهندو پيو اچي.
لعل محمد ”لعل“
بيدل مسرور
شڪارپور جو هر پاڙو
اديبن شاعرن ۽ ڳائڻن سان ڀريل هو، ۽ ڪچهريون، راڳ رهاڻيون: نه رڳو اوتارا،
درگاهون، راڳ منڊليون يا اوطاقون گونجنديون هيون، پر پاڙي ۾ پيل ڪاٺ جي صندلن جا
به اهي سينگار ڏٺاسي جن تي جڏهن ڪو راڳي موجود نه هوندو هو ته ڪامورا پيٽ ڪڍيو
ساري ساري رات تاش راند کيڏندا هئا، پوءِ مجال نه هوندي هئي ڪنهن لچ لوفر کي اتان
لنگهڻ جي.
اسان جو پاڙو، جنهن
کي مان هڪ پاسي هاٿيدر ۽ هزاريدر کي سمجهندو آهيان ته ٻئي پاسي اسٽور گنج ويندي واڳڻي در تائين، ٽئين پاسي نبي شاه محلو ريلوي اسٽيشن تائين، ۽
چوٿين پاسي سڪپل کان اناج منڊي، ڪڙي نواب خان ويندي قاضي محلي تائين ڦهليل رهيو آهي.
جنهن ۾ رهندڙ ليکڪن، ڪامورن يا بزرگن جا رڳو نالا لکڻ ويهان ته به الائي ڪيترا پنا
ڀرجي وڃن. پر پاڻ ان کي ٿورو مختصر ڪري، تمام ويجهڙو رهندڙ ليکڪن تي ٿا نظر ڪريون:
فقير مسرور جي گهر
کان سردار محمد بخش ڪوجهي، ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ميان رحيم بخش ”رحيم ڏنو فقير“، کاٻي
تي ڪڙي عطامحمد واري پاسي، آغا تاج محمد پٺاڻ، واپس ڪاسائين جي پاڙي ڏي اچبو ته
امام بخش ”خادم“ جنهن جو لائق فرزند پروفيسر لطف الله بدوي پنهنجي اوطاق جي دريءَ
مان لکندي نظر ايندو، ٻاهر اڱڻ ۾ احسان احمد بدوي، غلام احمد بدوي، وري ڪاسائين جي
پاڙي ۾ بادام ناتوان، روشن مغل، ڪاسائين پاڙي جي پويان هلبو ته مولوي عبدالڪريم
چشتي، وري پويان ئي ڍونگ واري اسپتال جي
پاسي موٽي اچو ته لعل محمد لعل، وري هاٿيدر واري پاسي هلبو ته اندران علوين جو پاڙو
جيڪو سڄو عالمن ۽ حڪيمن سان ڀريل ملندو، هڪ گهٽي اڳيان وڃبو ته فقير واليڏنو، سندس
پوٽو عبدالوهاب ”ناظم“، وري پنجن پيرن کان ئي اچو ته سومرا سردار، وري جمع خان جي
مڏيءَ پاسي کان لنگهي اچو ته عثمان علي انصاري، سر غلام حسين هدايت الله، مٿين گهٽيءَ
مان اچو ته بشير صديقي، خليفو ڪرم الله، وري فقير مسرور جي گهر ڏانهن سڪپل واري
پاسي کان اچو ته مولا بخش ”مسڪين، سندس فرزند حبيب الله ڀٽو، هاڻي ايترو يادگيرو
ناهي پر چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انهن جي موجودگي نه رڳو شهر کي مهڪائيندي هئي پر اوسي
پاسي جا باغ ۽ واهه به انهن کي ڏسي پيا ٺرندا هئا.
اها ان پاڙي جي
وسنوَ هئي، جو پنهنجي شهر جي اوسي پاسي رهندڙ شفيع محمد ”اوج“ علوي، جهامنداس ڀاٽيه
۽ شيخ اياز، حبيب الله ڀٽي، جهڙا نوجوان ليکڪ، عبدالنبي ”عليگ، جهڙا ڪامورا يا ڪيترا
ئي درگاهي راڳي فقير ته پيا ڀيرو ڀڃندا هئا پر رتيديري مان غمدل فقير، لالورانڪ
مان هدايت علي ”تارڪ“ نجفي يا مولانا دين محمد وفائي، حافظ خير محمد اوحدي، به
انهن اوطاقن، پاڙي ۽ پسگردائيءَ ڏي ڇڪجي ايندا هئا.
شيخ اياز رهندو ته
نوشهري در واري پاسي شيخن جي پاڙي ۾ هو، پرعلم ادب جي ڪچهرين لاءِ ڍونگ واري
اسپتال جي پويان رهندڙ لعل محمد ”لعل“ ۽ ڪاسائين جي پاڙي ۾ احسان احمد بدويءَ وٽ
ايندو هو، ۽ اهي ٽيئي گڏجي وري ڪڏهن ڪڏهن
فقير ”مسرور“ جي عشق آستاني“ تي به ايندا هئا. ان سلسلسي ۾ خود شيخ اياز پنهنجي
يادگيرين ۾ لکيو آهي ته:
”مان، احسان
احمد بدوي ۽ لعل محمد ”لعل“ سان گڏجي هن وٽ ويندو هوس.“ (ڪتاب ”جڳ مڙيوئي سپنو“ ناشر:
سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو سنڌ مئي ۱۹۸۵ع).
لعل محمد ”لعل“ سن ۱۹۲۳ع ۾ شڪارپور ۾ڄائو، فقير ”مسرور“ سان قريبي
رشتي هئڻ سبب سندس طبيعت ۾ موزونيت ۽ شاعراڻو جوش جولان پيدا ٿيو، فقير ”مسرور“ وٽان
ئي علم عروض جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ طالب علميءَ جي زماني ۾ ئي باقاعدي شعر چوڻ لڳو (مهراڻ جا ماڻڪ: مرتب
شمشير الحيدري، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي سنڌ).
سندن شاعري ماهوار
سنڌو شڪارپور ۾شايع ٿيندي هئي، هڪ ڀيري شيخ اياز گفتگو ڪندي پنهنجي هڪڙي يادگيريءَ
تي کلي کلي کيرو ٿي پيو هو، هن ٻڌايو پئي ته: ”لعل محمد هڪڙو شعر لکيو هو: جنهن جو
رديف ’نانگ‘ هو، يعني ڪتاب ۾ نانگ، حجاب ۾ نانگ، نقاب ۾ نانگ... جنهن جي جواب ۾ مان
رديف ”ڳوهه“ کي هن جي شعر ۾ ٽنبي سنگت کي پڙهي ٻڌايم: ”ڪتاب ۾ ڳوهه، حجاب ۾ ڳوهه،
نقاب ۾ ڳوهه...“
اسان جڏهن شڪارپور
مان ”گلشن سيريز“ جي نالي سان ٻارن جي لکڻين جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيوسين ته ان ۾
فقير ”مسرور“ جو لکيل هڪڙو مزاحيه ناٽڪ ”واچوڙو مل“ شايع ڪيو هيوسين، اسان جو ان
پاسي بلڪل به ڌيان نه ويو ته ان جي هڪڙي وڪيل جي ڪردار جو نالو لعل محمد هو، بس ڪتابڙو
شايع ٿيندي لعل محمد ”لعل“ ڪتابڙي جي
پبلشر غلام رسول ميمڻ تي شڪارپور سٽي ڪورٽ
۾ هٽڪ عزت جو ڪيس ڪري ورتو. ابا اسان ته صفا وائڙا ٿي وياسين، مٿان ان جو وڪيل وري
شيخ اياز هو، جنهن جي لاءِ ٻڌندا هئاسين ته هن ڪڏهن به ڪو ڪيس هارايو ئي ناهي.
مواد جي سهيڙيندڙن ۾ مان به شامل هوس، ان ڪري منهنجي وڏي ڀاءُ رحيم بخش بدويءَ کي
منهنجي به ڳڻتي هئي، تن ڏينهن ۾ ادا وڏو روڊ ٽرانسپورٽ ۾ ڪنڊيڪٽر هوندو هو، تنهن
پنهنجي يونين جي وڪيل ڪامريڊ کي چيو، جنهن اسان جو ڪيس پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ حاضريون
ئي ٻه ڪرائي اسان جي غلام رسول ميمڻ کي ڪيس مان آزاد ڪرائي ورتو.
ڪامريڊ جيڪو جملو
جج کي چيو اهو ڪمال جو هو:
”مائي لارڊ! ڪنهن
به ڊرامي ۾ ان وڪيل ڪردار جو نالو لعل محمد هجي، جيڪو پنهنجي مدعيءَجي فائدي ۾
پنهنجي پيشي جي حوالي سان قانوني دليل ڏيندو
هجي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اهو وڪيل خود ان جرم جو مرتڪب آهي.
پوءِ جڏهن لعل محمد
”لعل“ صاحب ڍونگ واري اسپتال واري جاءِ ڇڏي اچي، ڀٽائي بازار جي پاسي ۾ بگاشير گهٽيءَ
۾ رهيو هو ته مان، غلام رسول ميمڻ ۽ عبدالغني چنا وارا هن وٽ ويندا هياسي، ڇاڪاڻ
ته شروع ۾ جڏهن مون سنڌي ادب محل جو پايو وڌو هو ته لعل محمد ”لعل“ ان اداري جو
نائب صدر هيو، ماڻهو ڀلو هو، وڪيل به ڀلو هو، وڏي ڳالهه ته ساري عمر اسان کيس هڪ
ئي هاٺي ڪاٺيءَ وارو شخص ڏٺوسي. لعل محمد ”لعل“ شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو
سرگرم پريزيڊنٽ به هو. پوين ڏينهن ۾ شڪارپور لا ڪاليج ۾ قانون به پڙهائيندو هو. هڪڙو
افسوس بهرحال اهو به ٿيندو آهي، مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ اهڙن نون شاعرن کي به شامل ڪيو
ويو هو، جن جي شاعريءَ جو معيار مهراڻ ۾ ڇپجڻ جهڙو به نه هو پر لعل محمد "
لعل"، ولي دائود پوٽي، سڪندر خان کوسي، مهراڻ خان بجاراڻي "فدا" جهڙن
شاعرن کي شامل نه ڪيو ويو آهي.
پي ٽي وي تان پاڪستان
جي قومي ڏينهن ملهائڻ وارين تقريبن دوران "پاڪ وطن" وارو مون سندس هڪ
گيت به رڪارڊ ڪيو هو، ان کانپوءِ مون پي ٽي وي جي سنڌي مشاعري لاءِ کيس دعوت موڪلي
هئي، هن اچڻ جي حامي به ڀري هئي پر هو پي ٽي وي تي اچڻ بجاءِ الله سائينءَ جي حضور
۾ وڃي پهتو، الله سائين کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي.
لعل محمّد “لعل”
ناميارو اديب ۽ شاعر
ڊاڪٽر انور فگار
هڪڙو
شڪارپُور جو مشهُور
شاعر لعل محمّد “لعل” ولد داد محمّد دايو ۲۱ جنوري ۱۹۲۳ع تي تولد ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان شڪارپور هاءِ اسڪول مان
پاس ڪري، انٽر جو امتحان سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪري، ڪراچيءَ هليو
ويو، جتي بيراج کاتي ۾ ملازمت ڪرڻ لڳو. ترت ئي اها نوڪري ڇڏي، “سنڌ مدرسة الاسلام”
۾ استاد مقرر ٿيو. انهيءَ سروس دؤران پاڻ تعليم به حاصل ڪندو رهيو ۽ بي اي ۽ ايل
ايل بيءَ جا امتحان ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج مان پاس ڪري ورتائين. ڪجهه عرصي
کانپوءِ هُو سرڪاري ملازمت ترڪ ڪري شڪارپور هليو آيو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ آخري دم تائين
اهو ئي ڌنڌو ڪندو رهيو. هو ڪجھه عرصو شڪارپور ۾ ايڇ ايم لا ڪاليج جو پرنسپال به ٿي
رهيو.
لعل محمّد ’لعل‘
شاگرديءَ جي زماني کان ئي علم ــ ادب سان وابسته رهيو. ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ
دؤران سندس لاڳاپا شيخ اياز، نارائڻ ’شيام‘، محمّد نعيم ’وجدي‘ ۽ سُڳن آهوجا جن
سان قائم ٿيا. ان زماني ۾ سندس شعرَ ماهوار رسالي ’سنڌُوءَ‘ ۾ شايع ٿيندا هئا. هو
نهايت ئي پڪي پُختي شاعري ڪندو هو. ۽ پنهنجو تخلص ’احمر‘ ڪتب آڻيندو هو. سندس ان
دؤر جي شاعريءَ بابت شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ساهيوال جيل جِي ڊائري‘ ۾ لکي ٿو:
“لعل محمّد
’لعل‘ اردوءَ جي ڪلاسيڪي رنگ ۾ غزل لکندو هو ۽ اردوءَ جا پُراڻا استاد انشا، مومن،
ناسخ وغيره هن جا دلپسند شاعر هوندا هئا. هُو ڏاڍي پڪي شاعري ڪندو هو ۽ شعر ۾ بندش
کي سڀ کان زياده اهميت ڏيندو هو. اسانکي هن جي نالي لال ۽ تخلص ’احمر‘ ۾ به ڪائي
بندش نظر ايندي هئي. دراصل لال محمّد تغزل ۾ ڪلاسيڪي معاملي بنديءَ جو وڏو استاد
هو ۽ لاڙڪاڻي جا غزل گو شاعرَ هن جي ڀيٽ ۾ تُڪبند لڳندا هئا.”
شيخ اياز، ان ئي ڪتاب
جي صفحي نمبر ۵۹ ۽ ۶۰ تي لعل محمّد بابت وڌيڪ لکي ٿو:
“نعيم
(صديقيءَ) ۽ مُون تي اردو شاعريءَ جو وڏو اثر هوندو هو. ۽ اسان روز ڪوئي نئون غزل،
قطع يا نظم لکندا هئاسين. شام جو اسان لکي در کان سنڌ واهه تائين ٻه ٽي ميل پنڌ ڪري
ويندا هياسين جتي واهه جي ڀر تي ويهي هڪٻئي کي پنهنجي تازي تخليق ٻڌائيندا هياسين.
ڪڏهن ڪڏهن اسان سان لال محمّد احمر ۽ مرحوم احسان بدوي به ساڻ هوندا هيا. لال
محمّد هاڻي شڪارپور ۾ وڪالت ڪندو آهي ۽ احسان بدوي، جو ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو
هو، ڪجهه سال اڳ ڪار جي حادثي ۾ گذاري ويو. لال محمّد شڪارپور مان ’آفتاب‘ نالي
سان رسالو جاري ڪيو هو. جنهن ۾ منهنجو هڪ غزل به شايع ڪيو هيائين. هڪ ڀيري هن اسان
کي پنهنجو هڪ غزل پڙهي ٻڌايو جو پوءِ ’آفتاب‘ ۾ شايع ڪيائين. غزل جو مطلع هو.
فلڪ تي برق ٿي ڏسجي،
ڪه پيچ و تاب ۾ نانگ
لڙن ٿا پاڻ ۾ شايد
ته ڪي سحاب ۾ نانگ
غزل ۾ ’آفتاب ۾
نانگ‘ ’عتاب ۾ نانگ‘ ’ڪتاب ۾ نانگ‘ وغيره قافيا ۽ رديف هئا. ٻي ڏينهن تي نعيم، لال
محمّد کي چيو ته “مون تنهنجو تطبع ڪري هڪ غزل لکيو آهي.” لال محمّد کي ڏاڍي
آترويلا ٿي ته هُو اهو غزل ٻڌي. نعيم گھڻو لنوايو پر پوءِ سنگت جي زور ڪرڻ تي هن
اهو غزل ٻڌايو. هن جو غزل ته مونکي ياد نه آهي پر ان جا قافيا ۽ رديف ’آفتاب ۾ ڳوهه‘
’پيچ و تاب ۾ ڳوهه‘ ’شراب ۾ ڳوهه‘ ’ڪتاب ۾ ڳوهه‘ وغيره هيا. جڏهن هن پنهنجو مقطع
’جُلاب ۾ ڳوهه‘ وارو پڙهيو ته لال محمّد چڙي ويو ۽ ڪيترائي ڏينهن هن سان نه ڳالهايائين.
دراصل لال محمّد تغزل ۾ ڪلاسيڪي معاملي بنديءَ جو وڏو استاد هو، پر ڇاڪاڻ جو اسان
ان وقت ان معاملي بنديءَ واريءَ شاعريءَ کان ٽپي چُڪا هئاسين ۽ نه فقط علامه اقبال
جا سڀ فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب پر ن.م. راشد جو ’ماورا‘، فيض احمد فيض جو ’نقش ِ
فريادي‘ تصدق حسين خالد جي معرّا شاعري ۽ ’ادبي دنيا‘ رسالي ۾ ميرا جيءَ جا ديس
ديس جي شاعريءَ جا بي مثال ترجما پڙهي چڪا هياسين، اسان جو ادبي معيار گھڻو بدلجي
چڪو هو ۽ شاعريءَ ۾ بندش وغيره جي اهميت اسان وٽ ڪانه رهي هئي. هندوستان جو مشهور
سنڌي نقاد ۽ شاعر سڳن آهوجا، لال محمّد احمر جو دوست هوندو هو ۽ هن جي شاعريءَ کان
ڪافي متاثر هو. لال محمّد جو هڪ شعر مونکي اڃا تائين ياد آهي:
غم زياده خوشي
قلِيل ملي
زندگي ڄڻ ته بي
دليل ملي
هن جو هڪ نظم ’اُتي
منهنجي دل جي ڪجو جستجو‘ به مون کي پسند آيو هو.”
(نوٽ: اياز
پنهنجي ڪتاب ۾ ’لعل‘ کي ’لال‘ لکيو آهي)
لعل محمّد ’لعل‘ جڏهن
ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، تڏهن ۱۹۵۰ع ۾ ’آفتاب‘ جي نالي سان هڪ ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيو
هئائين، جنهنجي ادارت جا فرائض به پاڻ سرانجام ڏيندو هو. سنڌ مدرسي جي ميگزين ’سنڌ
مدرسه ڪرانيڪل‘ جو به چيف ايڊيٽر رهيو. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ به ڀرپُور
نموني حصّو وٺندو هو ۽ ادبي حلقن ۾ چڱي شهرت جو مالڪ هو. ڪراچيءَ کان واپس اچڻ بعد
به هن پنهنجو علمي ذوق ۽ شاعريءَ جو شوق نه ڇڏيو. هو پنهنجو ڪلام لکندو رهيو، پر
اشاعت لاءِ ارسال ڪونه ڪندو هو، ڇاڪاڻ جو سندسن وڪالت جُو ن مصروفيتون سندس
شاعريءَ واري ذوق تي قدري اثر انداز به رهيون. جنوري ۱۹۹۳ع ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون مجمُوعو ’گُونج‘
جي نالي سان سندس قائم ڪيل “اعجاز پبليڪيشن شڪارپور” پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هُو شڪارپور
جي مشهور علمي ــ ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي اداري “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سُوسائٽيءَ”
جو صدر به رهيو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شڪارپور جي تاريخ تي انگريزي ٻوليءَ ۾ مضمون به
لکندو هو.
لعل محمّد ’لعل‘ جي
شاعري فني ۽ فڪري سنگم سبب نهايت ئي منفرد مقام جي حامل آهي. سندس ڪويتائن ۾ جتي
روايتي قدرَ عام آهن، اتي ڪي نوان لاڙا به ملن ٿا. ’لعل‘ جي اسلوب تي مراد علي ’ڪاظم‘
جي اسلوب جا پرتوا نظر اچن ٿا. هن غزل ۽ نظم ۾ ڪثرت سان طبع آزمائي ڪئي آهي. لعل
محمّد ’لعل‘ نه رڳو شڪارپور جي شاعرن جي صف ۾ پنهنجي بزرگيءَ ۽ اهم مقام جو مالڪ
آهي، پر سنڌ جي بزرگ شاعر ۾ به اولين حيثيت رکندڙ آهي.
لعل محمّد ’لعل‘ ۵ مئي ۱۹۹۷ع تي هي جهان ڇڏي ويو. اڄ سندس پيدائش کي هڪ
صدي مڪمّل ٿي رهي آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا