; سنڌي شخصيتون: شاهه اسد - سيد يار محمد شاهه

28 February, 2012

شاهه اسد - سيد يار محمد شاهه


شاهه اسد
فلمي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊائريڪٽر
سيد يار محمد شاهه
پاڪستان فلم انڊسٽري جي تاريخ ۾ هڪ اهم حصو سنڌي فلمن جو به آهي جنهن جي هدايتڪارن ۾ شاهه اسد جو نالو نمايان آهي. منهنجي ساڻس ملاقات جو سلسلو ڪجهه هن ريت آهي ته مون سندس وڏي ڀاءُ سيف الله شاهه سان دوستي جو سفر شروع ڪيو ته شاهه اسد سان به ملاقات ٿي، جنهن کي پنهنجن وٽ اسد الله شاهه سڏيو ويندو هو. جڏهن ته بطور شاعر هن پنهنجو تخلص “محبوب ترمذي” رکيو هو. ڪجهه فلمن جي گانن جي شاعري پڻ ان نالي سان ڪيائين. مرحوم جي هڪ شارٽ اسٽوري “جواري” جي نالي سان ٽنڊي آدم جي هڪ ادبي نشست مان نڪرندڙ ڪتاب ۾ شايع ٿي ۽ ان ڪهاڻي تي سنڌي فلم “رنگ محل” ٺهي، جنهن جا گانا ميڊم نورجهان، محمد يوسف ۽ رونا ليليٰ ۽ دينا ليليٰ ڳايا. فلم جو شاعر موسيٰ ڪليم هو جنهن “رنگ محل” جي ڪهاڻي پڻ لکي هئي. جڏهن ته مشتاق جسڪاڻيءَ جي هيءَ پهرئين فلم هئي ۽ سندس شوق پٺيان سندس دوست فلم ٺاهي رهيا هئا، جنهن ۾ سيف الله شاهه جو به پئسو هو. اسد الله شاهه ننڍي هئڻ جي ڪري، صرف شوٽنگن دوران گڏ پيو هلندو هو ۽ پنهنجي ٻنهي مامن هدايتڪار ايس وائي احمد ۽ شاعر موسيٰ ڪليم مان سکندو رهندو هو.


مون جڏهن سيف الله شاهه سان دوستي وڌائي ته منهنجي منزل سنڌي فلم ٺاهڻ هئي، جنهن منهنجي ملاقات ڪراچي هوٽل حيدرآباد ۾ موسيٰ ڪليم سان ڪرائي. ان ڏينهن کان پوءِ آئون ۽ موسيٰ ڪليم فلم “غيرت جو سوال” جي ڪهاڻي ۽ گانن تي ويٺاسين ته ان وقت اسد الله شاهه مون سان گڏ ڪراچي يونائٽيڊ هوٽل ۾ رهندو هو، جتي سموري انڊسٽري جا ڪرتا ڌرتا، جن ۾ اسٽوڊيو اونر سعيد هارون، موسيقار غلام علي، فيروز گل، شاعر موسيٰ ڪليم، هدايتڪار ايس وائي احمد، اي ڪيو پيرزادو، صحافي عبدالقادر نظاماڻي ۽ دستگير ڀٽي پڻ روزاني جي نشست ۾ شامل هوندا هئا، جنهن ۾ اسان فلم “غيرت جو سوال” جي گانن جي تياري ڪري رهيا هئاسين. اوپننگ ۾ ايسٽرن اسٽوڊيو ۾ رونا ليليٰ جي آواز ۾ مشهور گانو “دلبر لڪين ڇو ٿو، ڄاڻان ٿي مان تون ئي آهين؛ چور چور چور!” رڪارڊ ڪيو ويو. اهو گانو اڄ به مقبول آهي. ان گاني جي شاعري بظاهر شاهه اسد جي نالي سان هلي پر ان جي ٻولن جي ترتيب موسيٰ ڪليم ڪئي، جيڪا سنڌي ٻولي جي لحاظ سان منهنجي نظر ۾ درست نه هئي.
جڏهن ڪراچي وارن سمجهيو ته يار محمد شاهه هڪ شوقين وڏيرو، خوشحال ۽ نئون نئون انڊسٽري ۾ آيو آهي ته سڀني سڄڻ پائيءَ جون سوين صلاحون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. مزاج ۾ جيئن ته اخلاقي طرح سڀني کي ٻڌڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي حس هر وقت موجود هوندي آهي، ان ڪري پاڻ کي ان وقت بي وس سمجهيم، جڏهن سڀني گڏجي صلاح ڏني ته فلم “غيرت جو سوال” سنڌيءَ سان گڏ پنجابيءَ ۾ به ڊب ڪئي وڃي. ٻن صوبن جي فلم هُئَڻ ڪري پنجاب جا به نامور اداڪار کنيا وڃن. مون سندن دليل اڳيان پاڻ کي بي وس سمجهيو ۽ پنهنجي حيثيت اڳيان به. نتيجي ۾ آئون اهو پراجيڪٽ اسد الله شاهه جي حوالي ڪري، جيڪو منهنجي بجيٽ به سنڀاليندو هو ۽ سڀني ڳالهين کي منهن به ڏيندو هو، ڳوٺان فون تي معذرت ڪري پاڻ کي هن فلم کان الڳ ڪيو. پٺيان موسيٰ ڪليم جي چوڻ تي، شاهه اسد ٽنڊي آدم جي مري خاندان جي واپاري ۽ مشهور زميندار حاجي جان محمد مريءَ جي فرزند غلام عباس مريءَ کي فلم ٺاهڻ لاءِ آماده ڪيو، جنهن سندن شرط مڃي فلم مڪمل ڪرائي، جيڪا ٻن فلمن جي بجيٽ ۾ مڪمل ٿي. ريليز کان پوءِ سنڌي فلم ڪجهه ڏوڪڙ ڪڍيا، جڏهن ته پنجابي فلم پنجاب ۾ هڪ ڏينهن به نه هلي ۽ پنجابين پهرئين شو تي فلم کي ناڪام ڪري، لاهڻ تي مجبور ڪيو. ڇو ته ان فلم جي ڪهاڻي، سنڌي پنجابي ڀائي ڀائي جي نعري تي رکيل هئي ۽ پنجابين اهو نعرو قبول نه ڪيو.
شاهه اسد وري اچي پنهنجي سر جاکوڙ ڪري مون سان مسلسل نشستون وڌائي، مونکي هڪ فلم ٺاهڻ لاءِ آماده ڪيو. پر جڏهن هن جلال چانڊئي جو نالو ورتو ته ان وقت مون وري اسان جي سپرهٽ مزاحيه ٽي وي سيريل ”چهچٽو” تي فلم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي، جيڪا هن کي نه وڻي ۽ هن وڃي “جلال چانڊيو” فلم ٺاهيائين، جيڪا سپرهٽ ويئي. جڏهن ته مون “چهچٽو” فلم مڪمل ئي نه ڪئي.
جڏهن پاڻ ٻي رنگين سپرهٽ فلم “پرو” ٺاهيائين، تڏهن مون شاهه اسد سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ هن مونکي فلم ۾ “پرو” جي ڀاءُ “علي گوهر” جو ڪردار ڏنو. جيئن ته پرو ۾ علي گوهر جو ڪردار تمام مختصر هو ۽ ٻئي طرف “پرو” جي ڪاميابيءَ شاهه اسد کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيو هو پر اسان گهر به گڏ، دليون به گڏ، فيمليون به گڏ، ٽنڊي آدم ۾ به گڏ ۽ ڪراچي ۾ به گڏ، ڏينهن رات گڏ هوندي به گڏ نه هوندا هئاسين. ساڳيءَ طرح منهنجي سڀني غريب خانن تي انهن دوستن سان گڏ منصور بلوچ، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، گلاب چانڊيو، منظور مراد ۽ ٻيا مقبول ٽي وي فنڪار شامل هوندا هئا.
جيئن ته اسان سڀني دوستن ۾ پروفيشنل ۽ ذاتي رشتي جي هڪ حد مقرر ٿيل هوندي هئي، تنهنڪري جيڪو پنهنجو ڪو انڊيپنڊنٽ پروجيڪٽ شروع ڪندو هو ته اهو ڪم ته پنهنجي منهن ڪندو هو پر صلاحون ۽ بحث مباحثا سڄي سنگت سان ضرور ڪندو هو. اهڙيءَ طرح شاهه اسد جيڪي ٻيون فلمون “جيئي لطيف” ۽ “شهيد” ٺاهيون ته انهن ۾ منهنجو ڪردار نه هو پر مرحوم سان ڀرپور ساٿ ضرور هو. هر ڏک سک گڏ ونڊيندا هئاسين.
مون سندس ذهانت ۽ ڏات کي بالڪل الڳ الڳ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. بطور شاعر، بطور ڪهاڻيڪار هو متاثر هوندو ئي هوندو هو. ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي کان، ڪنهن نه ڪنهن شاعريءَ کان، ڪنهن نه ڪنهن ڌن کان، هو سڀ تخليقون خوبصورت ۽ عوامي انداز ۾ ڪري ڄاڻندو هو ۽ سندس تخليق مان متاثر ٿيڻ جي جهلڪ واضح نظر ايندي هئي. پر عوام جون دليون ۽ عوام جي کيسي مان پئسا ڪڍڻ جو هنر به هڪ ڏات مثل هوس. جڏهن ته هدايتڪاريءَ مهل، جنهن وقت فلم جو ڪو شاٽ شوٽ ڪندو هو ته سندس پيشاني چمڪڻ لڳندي هئي. اهو مونکي ان وقت محسوس ٿيو جڏهن فلم “محب شيدي” جي پهرين شوٽنگ درگاهه سخي هاشم شاهه جي دروازي تي، روشن عطا جي سين سان شروع ڪئيسون. ان وقت مون سان گڏ زاهد معصومي موجود هو، جيڪو اسان سڀني جو استاد ليکيو ويندو هو. ان کي مون ان وقت اسد الله شاهه جي پيشاني ڏيکاريندي محسوس ڪرايو ۽ ان جي ٽيڪنگ ۽ هدايتڪاري تي اسان بي حد متاثر ٿياسون ۽ مون بالڪل اهو يقين ڪري ورتو ته اسد الله شاهه کي الله جي طرفان هدايتڪاري جي ڏات مليل آهي. “محب شيدي” جي پنهنجي الڳ ڪهاڻي آهي، جا هن قصي سان تعلق رکي ٿي.
مختصر عرض آهي ته آئون ۽ شاهه اسد دادو ۾ منان عباسي جي هڪ تقريب مان بلاول شهيد ايوارڊ وٺي رهيا هئاسين ته ات مشتاق چنگيزي ٻڌايو ته؛ ڪراچيءَ ۾ موسيٰ ڪليم ۽ مطصفيٰ قريشي فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. ان وقت ئي شاهه اسد، رد عمل طور مونکي ايترو تيار ڪيو جو اسان ان وقت سيوهڻ ۾ درگاهه تي دعا به گهري ۽ پريس ۾ فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو. موٽي جڏهن مٽياري آيس ته هتي علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو ٻئي مون وٽ آيا ۽ ان فلم لاءِ ها ڪرايائون ۽ مون شاهه اسد جو نالو تجويز ڪيو. انهن انڪار ڪيو. ان وقت يونس سنائي جو نالو، جيڪو اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار هو، بطور فلم جي ڊائريڪٽر طور ڏنو. مون انڪار ڪيو ۽ شاهه اسد جو نالو زوريءَ مڃرائيوسون. ان کان پوءِ فلم ٺهڻ، ريليز ٿيڻ بابت هڪ ٻي مڪمل ڪهاڻي آهي. ان دوران شاهه اسد سان مسلسل ڏينهن رات گهٽ ۾ گهٽ پنج سال کن جنهن ۾ “محب شيدي” جو ٺهڻ، ريليز ٿيڻ، ڊسٽري بيوشن ڪرڻ، وري ناڪام ٿيڻ، “مسٽر شڪارپوري” ٺاهڻ، وري ناڪام ٿيڻ. اسٽيج پروگرام ۽ فلمي ميلا منعقد ڪرائڻ ۽ آخر ۾ سندس پسماندگي واري دور ۾ سندس ٺاهيل وڊيو فلم “شاگرد” ۾ ڪم ڪرڻ تائين ساٿ رهيو. آخر ۾ جڏهن هن “شمن ميرالي” فلم سنڌ ٽي وي لاءِ ٺاهي.
ان کان پوءِ جڏهن هن “زنده هي ڀٽو زنده هي” تي ڪم ڪيو ته ان وقت اسان جون پنهنجون مصروفيتون هيون پر ايڏي مختصر وقت ۾ هو هزار يادون اسان جي دل ۾ ڇڏي ويو. مونکي تمام گهڻو ڪجهه سيکاري ويو.
هو بهترين هدايتڪار، بهترين بزنس مين، خاص ڪري فلم ٽريڊ ۾ هن جو ڪو مقابلي جو نه هو. مون ساڻس آخري يادگار پروگرام، سندس انٽرويو جي ذريعي، ڪي ٽي اين جي پروگرام “فلمي دنيا” ۾ ٽن قسطن تي مشتمل رڪارڊ ڪيو. جنهن ۾ سندس يادگار تخليقن جون يادگار جهلڪيون به ڏيکاريون، بالڪل ائين جيئن اڄ ذهن جي اسڪرين تي به سندس سوين يادگار جهلڪيون جهاتي پائي رهيون آهن. پر آئون ڪنهن ڪنهن کي سهيڙيان جو هو ساٿ ڇڏي ويو ۽ اسان کي پنهنجي فني سفر جي تاريخ جو خوبصورت حصو ڏيئي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا