; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري

02 March, 2012

ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري

ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري

رضوان گل



ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري چوٿين مارچ اوڻويهه سو سٺ تي، الله بخش “انيس” انصاري جي ادبي گھراڻي ۾جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي وي اسڪول ۾ ٿي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنيمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي. اسڪول جي دوران هو ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس جو رانديگر رهيو. ان کان علاوه هُن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان دوران هن “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم جي مختلف عهدن تي به ڪم ڪيو. فرسٽ ييئر ۽ انٽر پري انجينرنگ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان ئي ڪاليج مان فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس ۾ بي ايس سي ڪئي. ٽيبل ٽينس ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جو چيمپين رهڻ سان گڏ، باسڪيٽ بال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسحاق انصاريءَ جي پهرين لکڻي، شعر جي صورت ۾، گل ڦل رسالي ۾ سال ۱۹۷۳ع ڌاري، “سنڌ” جي نالي سان ڇپي. ان کان علاوه گل ڦل جي مضمون نويسيءَ جي مقابلن ۾ انعام حاصل ڪيا. سندس لکڻيون، گلن جهڙا ٻارڙا رسالي ۾ به شايع ٿينديون رهيون. هو ڪافي وقت تائين سنڌ ٻالڪ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.


اسحاق انصاريءَ ۱۹۸۵ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي، اسٽيٽسٽڪس جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ۽ سيپٽمبر ۱۹۸۵ع سنڌ يونيورسٽي جي شاهه عبداللطيف ڪيمپس خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس شعبي ۾ ليڪچرر طور جوائن ڪيو. ان ئي سال، سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “پل ۽ پهر” پي ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ستت ئي سندس ٻيو ڊرامو “چهرا چهرا چنڊ” پي ٽي وي تان نشر ٿيو.

لطيف يونيورسٽيءَ ۾ هاسٽل جي وارڊن کان وٺي، راندين جي چيئرمين تائين ڪم ڪيو ۽ ان کان علاوه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور سچل چيئر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد سان گڏ ڪم ڪيو. اسحاق انصاري ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هو شاهه عبداللطيف جي سينڊيڪيٽ جو به چونڊيل ميمبر رهيو.

ان کان علاوه اسحاق انصاري، خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽي جي ادبي سرگرمين جو روح روان رهيو ۽ هن ئي مچ مشاعري جي روايت وڌي. ان کان علاوه پهريون ڀيرو فرسٽ اپريل تي “پيروڊي مشاعرو” ڪرايو. هو ڳپل عرصو ريديو پاڪستان خيرپور سان ڪمپيئر طور ڳنڍيل رهيو.

سال ۱۹۸۹ع ۾، ان وقت جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد ۾، ڪمپيوٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪرڻ ويو.

جنوري ۱۹۹۰ع ۾ هو ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت، ان وقت جي چيڪوسلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو. جتي هُن پهريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ۱۹۹۵ع ۾ هو پي ايڇ ڊي ڪري واپس وطن وريو.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ايسوسيئيٽ پروفيسر تائين، لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رهيو، جتان 1999ع ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر طور ڀرتي ٿيو. جتي هاڻي هو اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر انصاريءَ مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. جن مان ڪجھ هِن ريت آهن.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، هن وقت تائين مختلف تعليمي ادارن سان لاڳاپيل آهي، جتي هو پي ايڇ ڊي جي سپروائزر طور به ڪم ڪري ٿو. انهن ادارن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، انسٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ، بزٽيڪ، شامل آهن. ان کان علاوه هو ٽرينر طور اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرن کي به ٽريننگ ڏيندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ادب کان علاوه فوٽوگرافي، فشنگ ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن؛ آسٽريا، اندورا، اسپين، بلغاريا، فرانس، جرمني، چيڪ ريپبلڪ، سلوواڪيا ريپبلڪ، جرمني، هنگري، رومانيا، ترڪي، ايران، پولينڊ، اٽلي، سوئزرلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا، ٿائلينڊ، سريلنڪا، چائنا ۽ متحڊه عرب امارات جي سياحت ڪري چڪو آهي.

سندس سفرنامن جو مجموعو “پرين هُن پار”، ۲۰۰۸ع ڌاري پڌرو ٿيو. جڏهن ته هُن جو پهريون ڪتاب، “خالي بينچ“ ناول ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو.

 

ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جا ايندڙ ڪتاب هن ريت آهن

ادبي صنفون ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، سفرنامو، مضمون ۽ ترجما

ڪتاب (شايع ٿيل)

خالي بينچ (ناول) ۲۰۰۰ع

پرين هُن پار(سفرنامو) ۲۰۰۸ع

ڪتاب (تياري هيٺ)

پيار ڪهاڻيون (ڪهاڻين جو مجموعو)

ويلنٽائن ۹۸ (ناول)

آ ٿي ڇلان ڇپرين... (مختلف ملڪن جا سفرناما)

پراگ، منهنجو محبوب شهر (چيڪوسلوواڪيا جو سفر نامو)

رنگن منجھ روح (آرٽ ۽ آرٽسٽن تي لکيل مضمون)

ننڍڙو شهزادو (سينٽ ايسڪپيري) ترجمو

هڪ محبت هزار افسانا (ميلان فيرڪو) سلوواڪ مان ترجمو

چيڪوسلوواڪيا جون لوڪ ڪهاڻيون

اسحاق انصاريءَ سان رابطي جا ذريعا هيٺين ريت آهن.

·       پتو (مستقل) انصاري هائوس، انيس انصاري اسٽريٽ، لاهوري محلا لاڙڪاڻه

·       موجوده گھر نمبر، آر-۲۹۹ ڊيسينٽ هاوئسز، گلستان جوهر بلاڪ ۷، ڪراچي

·       لکپڙه لاءِ؛ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، آءِ آءِ چندريگر روڊ ڪراچي

 


 

اسحاق انصاري

(ناول نگار، نثر نويس، محقق، استاد ۽ براڊ ڪاسٽر - جنم ڏينھن تي)

محمد سليمان وساڻ

اسحاق صاحب هڪ خوبصورت ۽ نفيس انسان، پيار ڪندڙ ۽ پيار ونڊيندڙ شخص آهي۔ سائين اسحاق انصاري شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ منهنجو اسٽيٽسٽڪس جو استاد به رهيو آهي۔ سندس مختصر سوانح حيات پيش آهي جيڪا روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات تان ورتل آهي۔

ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري ۴ مارچ ۱۹۶۰ع تي الله بخش ”انيس”انصاريءَ جي ادبي گھراڻي ۾جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي سي اسڪول ۾ ٿي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنيمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي. اسڪول جي دوران هو ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس جو رانديگر رهيو. ان کان علاوه هُن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان دوران هن ”گلن جهڙا ٻارڙا”تنظيم جي مختلف عهدن تي به ڪم ڪيو. فرسٽ ييئر ۽ انٽر پري انجينرنگ ۾ گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان ئي ڪاليج مان فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس ۾ بي ايس سي ڪئي. ٽيبل ٽينس ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جو چيمپين رهڻ سان گڏ، باسڪيٽ بال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسحاق انصاريءَ جي پهرين لکڻي شعر جي صورت ۾ گل ڦل ۱۹۷۳ ۾ “سنڌ” جي نالي سان ٿي. ان کان علاوه گل ڦل جي مضمون نويسيءَ جي مقابلن ۾ انعام حاصل ڪيا. سندس لکڻيون گلن جهڙا ٻارڙا رسالي ۾ به شايع ٿينديون رهيون. هو ڪافي وقت تائين سڌ ٻالڪ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.

اسحاق انصاريءَ ۱۹۸۵ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي، اسٽيٽسٽڪس جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ۽ سيپٽمبر ۱۹۸۵ سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف ڪيمپس خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس شعبي ۾ ليڪچرر طور جوائن ڪيو. ان ئي سال سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “پل ۽ پهر” پي ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو ۽ ستت ئي سندس ٻيون ڊرامو “چهرا چهرا چنڊ” پي ٽي وي تان نشر ٿيو.

لطيف يونيورسٽي ۾ هاسٽل جي وارڊن کان وٺي، راندين جي چيئرمين تائين ڪم ڪيو ۽ ان کان علاوه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور سچل چيئر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد سان گڏ ڪم ڪيو. اسحاق انصاري ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هو شاھ عبداللطيف جي سينڊيڪيٽ جو به چونڊيل ميمبر رهيو.

ان کان علاوه اسحاق انصاري خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽي جي ادبي سرگرمين جو روح روان رهيو ۽ هن ئي مچ مشاعري جي روايت وڌي، ان کان علاوه پهريون ڀيرو فرسٽ اپريل تي “پيروڊي مشاعرو” ڪرايو. هو ڳپل عرصو ريڊيو پاڪستان خيرپور سان ڪمپيئر طور ڳنڍيل رهيو.

۱۹۸۹ ۾ ان وقت جي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد ۾ ڪمپيوٽر ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪرڻ ويو. جنوري ۱۹۹۰ ۾ هو ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ تحت ان وقت جي چيڪوسلوواڪيا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو. جتي هُن پهريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ۱۹۹۵ ۾ هو پي ايڇ ڊي ڪري واپس وطن وريو.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ايسوسيئيٽ پروفيسر تائين لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رهيو، جتان ۱۹۹۹ ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر طور ڀرتي ٿيو. جتان رٽائر ٿيو ۽ هن وقت شماريات جي هڪ اداري ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر انصاريءَ مختلف بين الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، هن وقت تائين مختلف تعليمي ادارن سان لاڳاپيل آهي جتي هو پي ايڇ ڊي جي سپروائزر طور به ڪم ڪري ٿو. انهن ادارن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، زيبسٽ، انسٽيوٽ آف بزنس مينيجمينٽ، بزٽيڪ، شامل آهن. ان کان علاوه هو ٽرينر طور اسٽيٽ بينڪ جي آفيسرن کي به ٽريننگ ڏيندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ادب کان علاوه فوٽوگرافي، فشنگ ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو ۲۴ ملڪن، آسٽريا، اندورا، اسپين، بلغاريا، فرانس، جرمني، چيڪ ريپبلڪ، سلوواڪيا ريپبلڪ، جرمني، هنگري، رومانيا، ترڪي، ايران، پولينڊ، اٽلي، سوئزرلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا، ٿائلينڊ، سريلنڪا، چائنا ۽ متحڊه عرب امارات جي سياحت ڪري چڪو آهي. سندس سفرنامن جو مجموعو “پرين هُن پار” ۲۰۰۸ ۾ پڌرو ٿيو. جڏهن ته هُن جو پهريون ڪتاب، “خالي بينچ”ناول ۲۰۰۰ ۾ شايع ٿيو.

ڪتاب(شايع ٿيل)

۱. خالي بينچ (ناول)

۲. پرين هُن پار (سفرنامو)

۳. نڪري پيس نيپال ڏانهن (سفرنامو)

۴. ننڍڙو شھزادو (ناول) (نتولن دُسان اڪسو پئغي جي جڳ مشهور ناول ”لٽل پرنس”جو ترجمو)

۵. پيار درياھ (ناول)

۶. سنڌي ڪھاڻي (سھيڙ)

 

(محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا