; سنڌي شخصيتون: اداڪاره شهزادي - سيد يار محمد شاهه

18 March, 2012

اداڪاره شهزادي - سيد يار محمد شاهه


اداڪاره شهزادي
فن جي تاريخ جي شهزادي
سيد يار محمد شاهه

اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنون عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي.


بھرحال اداڪاره شهزادي هڪ خوبصورت ڪردار جي مالڪ، اها نفيس مزاج اداڪاره هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ پنهنجي فني سفر ۾ انيڪ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ٽي وي ۽ خانگي ايوارڊ به ماڻيا. هيروئن کان ڪريڪٽر ايڪٽر تائين جو سندس فني سفر، سنڌي فنڪارن جي تاريخ ۾ هميشه ڪر کنيو بيٺو هوندو. سندس زندگيءَ بابت ڪئين فيچر ڇپيا هوندا، ڪئين انٽرويو ٿيا هئا، ۽ اڄ هوءَ اسانجي وچ ۾ نه آهي. بلڪ سپرهاءِ وي تي قائم قبرستان نالي ”باغ حسين“ ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي.

منهنجي مرحومه سان ملاقات بليڪ اينڊ وائيٽ واري دور ۾، ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي ٿي. مونکي ڊرامن جا نالا گهٽ ياد هوندا، پر اهو ضرور ياد اٿم ته هن مونسان جن جن پروڊيوسرن جي ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪيو، انهن ۾ هارون رند، منظور قريشي، محمد بخش سميجو، بيدل مسرور ۽ اقبال لطيف به شامل هئا. ساڳيءَ طرح مون شاهه اسد جي سنڌي فلم ”پرو“ ۽ منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ جي شوٽنگ جي ابتدا، لطيف سرڪار جي درگاهه تي جنهن پهرئين سين سان ڪئي، اها منهنجي ۽ شهزادي جي وچ ۾ هڪ خوبصورت ڊرامائي سين هئي. اهڙيءَ طرح ”پرو“ ۽ ”علي گوهر“ ۾ اسان جي وچ ۾ خوبصورت ڊرامائي منظر شوٽ ٿيا. منهنجي ئي لکيل هڪ ٽي وي سيريز ”قلم نمبر“ جنهنجي آخري ٽن قسطن ۾ شهزادي ۽ محمود صديقي وڏا جاگيردار آهن، پر پٽ جي اولاد کان محروم هوندا آهن. هڪ منظر ۾ شهزادي، محمود صديقيءَ کي روئيندي چوي ٿي ته؛ خدا جو شان آهي، جن گهرن ۾ غريب ويلن تي ويٺا آهن، ات پٽن مٿان پٽ ۽ جن جاگيرن کي وارث گهرجن، ات اولاد ئي نه آهي. اهڙي طرح مرحومه کي به صرف هڪ نياڻي هئي، جيڪا سيد گهراڻي جو نوجوان اداڪار ۽ زاهد معصومي جي ڀاءُ کي پرڻائي ڏنائين ۽ آخر تائين ڌيءَ ۽ ناٺيءَ ۾ ساهه هوندو هوس. ساڻس گڏ ڪراچيءَ ۾ اتوار بازار، منگل بازار ۽ جمعه بازار ۾ عورتن جي ڊريسن جا اسٽال لڳائيندي، اداڪاره ممتاز ڪنول سان هميشه سونا زيور ۽ ڊرامي ۾ خوبصورت لباس پائڻ جا مقابلا ڪندي رهندي هئي.

جيئن ته هوءَ ڪنن کان گهٽ ٻڌندي هئي، ان ڪري هوءَ پنهنجي مڪالمن سان گڏ سامهون واري اداڪار جا به مڪالمه مڪمل ياد ڪري ايندي هئي، ۽ رڪارڊنگ دوران پنهنجي مڪالمن جي ادائيگيءَ کان پوءِ، سامهون واري اداڪار جي چپن تي اک رکي ويٺي هوندي هئي. ان اداڪار اسڪرپٽ وارو جملو ڳالهايو، ته پوءِ شهزادي پنهنجي حصي جو جوابي مڪالمو ادا ڪندي هئي، پر جيڪڏهن سامهون واري اداڪار يا ادڪاره اهو جملو يا آخري الفاظ، ڪنهن ٻئي انداز ۾ ادا ڪيا، ته پوءِ شهزادي خاموش رهندي هئي، ۽ هدايتڪار جي ڪٽ ڪرڻ کانپوءِ وائڙي ٿي جهيڙو شروع ڪري ڏيندي. چوندي هئي ته؛ جيڪو اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، اهو ته هن ڊائيلاگ چيو ئي ڪو نه.

پاڪستان جي سپراسٽار نديم ۾ به اها ئي فني خرابي آهي، ته هو به ڪنن کان ٻوڙو آهي، ۽ سامهون واري جي چپن تي غور ڪري، ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر اسانجي اداڪاره شهزادي اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جي واقعي خوبصورت شهزادي هئي. اسان کيس هميشه ياد رکنداسين، ڀلي ڪراچي ٽيليويزن ۽ محڪمه ثقافت وارا کيس وساري ڇڏين.

سنڌي فن جي تاريخ جي هوءَ واقعي شهزادي هئي ۽ فن جي تاريخ جي شهزادي ئي رهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا