; سنڌي شخصيتون: محمد علي ”جوهر“ - ستار ڀٽي

08 March, 2012

محمد علي ”جوهر“ - ستار ڀٽي


محمد علي ”جوهر“
بي  باڪ صحافي ۽ اديب
ستار ڀٽي
محمد علي ولد غلام رسول خان ذات لاشاري، تخلص ”جوهر“، اڳ ”لاڙڪاڻوي“، سال 1930ع ۾ شهداڪوٽ موجوده ضلعي قمبر - شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم  فارسي ۽ قرآن شريف، پنهنجي ڏاڏي مولوي (آخوند) نصرالله لاشاري ۽ مولوي محمد ابراهيم ”اثيم“ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ٻارهن سالن جي عمر ۾ فارسي تعليم ختم ڪري، صرف و نحو جا سٺا شاگرد سڏجڻ لڳا. ان کان پوءِ شهدادڪوٽ جي بزرگ عالم مولانا قمرالدين مهيسر وٽ عربي پڙهڻ شروع ڪئي. عربي جي منتهي طالب جي حيثيت تي پهچڻ بعد، وڌيڪ عربي ۽ انگريزي تعليم خاطر جامعيه عربيه حيدرآباد ۾ داخلا ورتائون.


ٻارهن سالن جي عمر ۾، مولانا قمرالدين ”قم“ مهيسر وٽ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ، ٿوري گهڻي ڪچي پڪي شاعري ۽ تڪبندي پڻ شروع ڪيائون. ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس استاد وٽان ”المهيسر“ سنڌي ماهوار رسالو شايع ٿيندو هو. جامع عربيه حيدرآباد ۾ مخدوم امير احمد ۽ مولانا غلام گرامي سندن استاد هئا ته ڀرسان ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي ادبي بيٺڪ، تنهن کان علاوه ان وقت حيدرآباد مان روزانو اخبار ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر رحيم داد مولائي شيدائي ۽ اخبار جي خاص شاعر حافظ ”بسمل“ ٽکڙائي سان سندن ڪچهريون رهيون ۽ ڪچو پڪو مواد اخبار ۾ شايع ٿيندو رهيو. باقاعدي شعر ۽ شاعريءَ بابت مولانا گرامي کان سکيائون.
جوهر سال 1950ع ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، لاڙڪاڻي پهتا ۽ هتي شهر ۾ ”جوهر پرنٽنگ“ پريس قائم ڪري، ادبي ذوق جي تڪميل لاءِ صحافت جي دنيا ۾ پير پائيندي، ان وقت وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ هفتيوار اخبارون “پيام نو” اڳتي هلي ”آواز“ پوءِ ”پيغام“ به جاري ڪيائون. تنهن بعد ”انسانيت“ ۽ ”پورهيت“ اخبارون ۽ ماهوار رسالا پڻ شايع ڪيائون. جڏهن سنڌ ۾ “هاري تحريڪ” جو بنياد پيو ته پوءِ سنڌي سماج، ادب ۽ شاعريءَ ۾ انقلابي گيت اڀريا. سائين جوهر صاحب، سنڌ هاري تحريڪ جا لاڙڪاڻي ۾ سرگرم سرواڻ به رهيا. ڇاڪاڻ ته ان وقت لاڙڪاڻو سياسي ميدان ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان، مولوي نذير حسين جتوئي، مولوي الاهي بخش قريشي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن انقلابي شخصيتن سان نروار هو.
سائين محمد علي”جوهر“، بنيادي طرح عشق محبت جو حساس طبعيت رکندڙ شاعر آهي. پر هر صنف تي شاعري ڪئي اٿائين. شاعريءَ کي زندگيءَ جي مشاهدن، متاثرن ٿيندڙ حساس جذبن، حادثن کي محسوس ڪندي اظهار جو ذريعو بنايائين. زماني جي لاهن چاڙهن ۽ سياسي سماجي ماحول، ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻهن سندن سياسي، سماجي حق تلفين، ٻولي سان ٿيندڙ ويڌن، استحصالي قوتن جي ڏاڍ خلاف پڻ ذهني سوچ کي قلم وسيلي شاعريءَ جي انداز ۾ گڏ ڪري چونڊ شاهڪار پنهنجي شعري مجموعي ”ڳاڙها ڳوڙها“ ۾ پيش ڪيو اٿائين. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1991ع ۾ شايع ٿيو. هن مجموعي ۾ سندس شاعري سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهي. بنا ڪنهن بناوٽ يا ڳجهارتن جي دل جي ڳالهه، پڙهندڙ تائين پهچائي اٿائين.
جيئن ته سائين محمد علي جوهر صاحب جو ان دور جي مشهور ادبي تنظيم جمعيت الشعراءِ سنڌ سان ويجهو لاڳاپو رهيو ۽ سال 1953ع کان 1977ع تائين لاڳاتار ٽيويهه سال ڪم ڪندي، سنڌ ۾ مشاعرن جون محفلون ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺـايائين.
هن صاحب شاعريءَ کي پروان چڙهائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندن تمام توانائيون ۽ محنت آل سنڌ ادبي ڪانفرنسن منعقد ڪرڻ بابت رهيون. سندس ڪاوشون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاندار خراج تحسين لهڻن. ڇاڪاڻ ته لاڳاتار ٽي چار ڏينهن هلندڙ ڪانفرنسن ۾، سنڌ جي اديبن شاعرن کي مدعو ڪرڻ، سندس رهائش، طعام جو انتظام ڪرڻ، ڪنهن به غير سرڪاري تنظيم يا شخصيت لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو ۽ چيلينج هوندو آهي.
جميعت شعراءِ سنڌ کان علاوه به محمد علي جوهر ڪيترين تنظمين جو عهديدار رهيو. سال 1967ع ۾ لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ ”انقلاب آڪٽوبر ڪانفرنس“ تمام وڏي پئماني تي پاڪ سوويت ڪائونسل پاران منعقد ٿي. جوهر صاحب ان جا نائب صدر هئا. تنهن کان پوءِ 1970ع ۾ به هن فورم پاران ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو افتتاح، برصغير جي وڏي شاعر فيض احمد فيض صاحب ڪيو. جوهر صاحب انجمن ترقي اردو لاڙڪاڻو جي باني ميمبرن مان هڪ هو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، 1970ع ۾ ”پاڪستان ڪلچرل ڪائونسل“ قائم ڪيائون. جنهن جا چيئرمين هئا. جڏهن ته سنڌ ڪلچرل ڪائونسل جا صدر به رهيا. هن تنظيم ۾ مان (ستار ڀٽي) سال 1989ع کان 1991ع تائين سيڪريٽري جنرل سنڌ رهيس. هن پليٽ فارم تان ڪراچيءَ ۾ سنڌي اردو ڳالهائيندڙن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪيترا ئي ثقافتي ۽ ادبي پروگرام منقعد ڪرايائين. بحيثيت ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، سال 1972ع کان 1977ع تائين، ادبي خدمتون سر انجام ڏنائون. مارشل لا جي نفاذ کان پوءِ، هن اداري کي ڇڏيائون. سائين جوهر جي شخصيت ۾ محبت، صلح جوئي، رواداري تمام گهڻي هئي. انسان ۽ احترام انسانيت جو قائل هو. محمد علي ”جوهر“ جو اهو ذاتي گڻ هو يا خانداني وڙ، جو ھو هر طبقي ۾ برابر جو مقبول هو. کيس امير غريب، هاري ناري، عالم اديب توڙي پورهيت سان پيار هو. محمد علي ”جوهر“، نومبر 2001 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا