; سنڌي شخصيتون: استاد محمد جمن - جبران زيب

13 March, 2012

استاد محمد جمن - جبران زيب


استاد محمد جمن
جبران زيب
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان روز مشهور ڪلام مشهور فنڪارن جي آواز ۾ نشر ڪيا وڃن ٿا. نيم ڪلاسيڪي فنڪارن جي فهرست ۾ استاد محمد جمن اهم جاءِ والاري ٿو. اڄ به ريڊيو حيدرآباد تان جڏهن استاد محمد جمن کي نشر ڪيو وڃي ٿو ته ڪيتريون ئي دليون ساڻس گڏ ڳائين ٿيون. استاد محمد جمن 10 آڪٽوبر 1935ع تي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ ”ساڙو“ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ بانسري سان دل ۽ سندس ڪلاسيڪي موسيقي سان محبت هئي.
هن بانسري نواز جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. بانسريءَ سان گڏوگڏ ڳائڻ تي به عبور حاصل هئس. ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ استاد جمن باقاعدگيءَ سان پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو حيدرآباد تان ڪئي. پاڻ موسيقار استاد نذر حسين خان جي تربيت ۾ رهيو ۽ ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا، بڙي وحيد علي خان کان ورتائين ۽ هن پنهنجي سريلي آواز سان محفلن ۾ رنگ ڀريا.
استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي مقبول صنف ”ڪافي“ کي تمام منفرد انداز سان ڳايو. سندس سڀ کان مشهور ڪلام ”منهنجو ملڪ ملير“ ۽ ”بوند برهه جي بهار...“ سان گڏوگڏ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ”يار ڏاڍي عشق آتش .....“ آهن ۽ ٻيا به اهڙا ڪيئي ڪلام آهن، جن ذريعي هن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
استاد محمد جمن کي موسيقيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بيدل ايوارد، گولڊ ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ 1990ع ۾ پاڪستان گورنمينٽ طرفان ڏنل صدارتي ايوارڊ ”تمغهء حُسنِ ڪارڪردگي“ شامل آهن.
استاد جمن ڪيترن ئي راڳن تي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي فنڪارن کي ڌنون ڪمپوز ڪري ڏنيون.
استاد محمد جمن 1990ع ۾ 24 جنوري تي ڪراچي ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. 

No comments:

راءِ ڏيندا