; سنڌي شخصيتون: چڪوري اداڪاره - مصطفيٰ ملاح

13 March, 2012

چڪوري اداڪاره - مصطفيٰ ملاح


چڪوري اداڪاره
سنڌي فلمن جي هيروئن
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي

اداڪاره چڪوري جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. توڙي جو چڪوريءَ جي مادري ٻولي پنجابي هئي، پر هن هڪ ئي وقت پاڪستان جي چئن زبانن وارين فلمن ۾ پاڻ مڃايو. هن فني سفر جي شروعات سنڌي فلم “محبوب مٺا” کان ڪئي. اداڪاره چڪوري جو اصل نالو خاور سلطانه هو پر شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ هوءَ چڪوري سڏجڻ لڳي ۽ آخر تائين چڪوري جي نالي سڃاتي وئي. چڪوري کي 3 ڀينرون ۽ 2 ڀائر آهن، جن ۾ هوءَ سڀني کان وڏي هئي.


هن ميرپور خاص ۾ سيپٽمبر 1952ع ۾ اک کولي. کيس شروع کان ئي ڊانس ڪرڻ جو شوق هو، جڏهن ته سنڌي فلمن جي ڊائريڪٽر اي ڪيو جي نظر هن تي پئي ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين ۽ اهڙي طرح 14 سالن جي عمر ۾ هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جڏهن هن اداڪار مشتاق چنگيزيءَ سان گڏجي سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ته ٻنهي جي جوڙي کي پسند ڪيو ويو. تقريبن هن 15 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، ۽ پاڻ مڃرايو. انهن سنڌي فلمن ۾ “اچ ته ڀاڪر پايون”، “سوڍا پٽ سنڌ جا”، “رت ۽ اجرڪ”، “سنڌڙيءَ تان صدقي”، “پيار ڪيو سينگار”، “جيجل ماءُ” ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.
سنڌي فلمن جي هيروئن بڻجڻ کانپوءِ کيس اردو فلمن جون آڇون اچڻ شروع ٿي ويون. سندس اردو پهرئين فلم “پٿر ڪي صنم”، آخري اردو فلم “بندش” آهي.
هن تقريبن 355 پنجابي، پشتو، اردو ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. جڏهن ته فلم “مولا جٽ” ۾ هن جو ڪردار يادگار رهيو، جيڪو هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو.
اداڪاره چڪوري فلمن ۽ اسٽيج تي ڪم ڪرڻ کان سواءِ بهترين ڪوريوگرافر پڻ هئي. جنهن جي خبر تمام گهٽ ماڻهن کي آهي. هن پهريون ڀيرو سنڌي فلم “اچ ته ڀاڪر پايون” ۾ ڪوريوگرافر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کانسواءِ ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو فلمن ۾ ڪوريوگرافر طور خدمتون سر انجام ڏيندي رهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي پهرين عورت ڪوريوگرافر اداڪاره چڪوري آهي.
اداڪاره چڪوري جي پهرين شادي، سنڌي فلمن جي هيرو مشتاق چنگيزي سان ٿي، جنهن مان کيس ڪو به اولاد نه آهي. اها شادي 6 سال هلي. اداڪار مشتاق چنگيزي، اداڪاره چڪوري سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن ۾ چڪوري جي ماءُ جي رضامندي شامل نه هئي. ٻئي ڪراچيءَ ۾ هڪ گهر مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳا هئا ته ٻنهي کي لاهور جي فلم ڊائريڪٽر اقبال يوسف لاهور اچڻ جي دعوت ڏني ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ٻئي زال مڙس گهر خريد ڪري، اتي رهڻ لڳا ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. پر چڪوري جي والده جي ڪوشش جاري رهي ۽ نيٺ چڪوريءَ مشتاق چنگيزيءَ کان طلاق وٺي اداڪار ۽ هدايتڪار ڪيفي سان شادي ڪري ورتي. ڪيفي مان کيس ٻه پٽ؛ عامر ۽ ڪامران آهن. منجھانئن هڪ اداڪار طور ۽ ٻيو ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيا آهن. آخر ۾ ڪيفي به کيس طلاق ڏني ھئي.
اهڙيءَ طرح ڪجهه سالن کانپوءِ، هن جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا. آخري ڏهاڙا ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريائين. ٻن سالن کان گڙدن جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ دوران سرڪار کي علاج لاءِ اپيلون ڪندي رهي. آخرڪار ساهه جو سڳو پهرين نومبر 2010ع تي ٽٽي پيو ۽ سنڌي اردو فلمن جي هيءَ نامياري اداڪاره اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي.


ڪجهه اداڪاره چڪوري بابت
پهرين نومبر 2011ع تي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ مصطفيٰ ملاح جو خط ڇپيو آهي. بعنوان “سنڌي فلمن جي هيروئن اداڪاره چڪوري جي ياد ۾”. رڪارڊ جي درستگي لاءِ اهو لکندو هلان ته، اداڪاره چڪوري جي پهرين سنڌي فلم “محبوب مٺا” نه پر فلم “چانڊوڪي” هئي، جنهن ۾ اداڪاره چڪوري هڪ “خانه بدوش ڊانسر” جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ مشهور گانو “ڌڪ ڌڪ دل ڪري او منهنجا سهڻا سائين، سڀ ٿا چون مون کي حُسن جي راڻي” مٿس فلمايو ويو. چانڊوڪي فلم ۾ هيرو مشتاق چنگيزي ۽ هيروئن “ماهه پارا” هئي. هن فلم ۾ ولن جو ڪردار اداڪار قربان جيلاني ادا ڪيو هو. اي ڪيو پيرزاده جي چونڊ ڪيل خاور سلطانه اهڙي طرح شوبز ۾ چڪوري جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
رمضان “دلدار” چڍڙ/ماتلي

No comments:

راءِ ڏيندا