; سنڌي شخصيتون: شير ميربحر - وفا شر قادري

28 March, 2012

شير ميربحر - وفا شر قادري


شير ميربحر
وفا شر قادري
”راند ته ملهه ۽ ملهه ته شير ميربحر.“ هيءَ چوڻي 1970ع واري ڏهاڪي ۾، ان وقت مشهور ٿي هئ،ي جڏهن ليمن ۽ انبن جي باغن جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ ساهتي پرڳڻي جي تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسوديري ۾ جنم وٺندڙ نوجوان، شير ميربحر سنڌ جي روايتي راند ملهه ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ مان اڀري آيل هن نوجوان نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سنڌ جي راند ملهه کي متعارف ڪرايو.
هن نوجوان کي دنيا اڄ به ”رستم سنڌ“ شير ميربحر جي نالي سان ياد ڪري ٿي. ان دور جا حال حيات جهونا، اڄ به شير جي ساروڻين کي ساري، پاڻ کي جوان محسوس ڪن ٿا. جڏهن نئون ديرو ۾ ملهه راند جي شوقين زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾، ان وقت جي بظاهر سيکڙاٽ هن نوجوان ملهه، چئن نامور پهلوانن لال محمد ڦل، احمد لوهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر کي شڪست ڏني. وري هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل هالا دنگل ۾، چيڪوسلاويا جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي، شير ميربحر دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو ته اسين هر دنگل کٽي سگهون ٿا. ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل بين الاقوامي ملاکڙي ۾ شير ميربحر هندوستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي شڪست ڏني. لکي محل خيرپور ميرس ۾ هڪ ٻئي يادگار ملاکڙي ۾، جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ اڳوڻو والي رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپور موجود هئا، اتي شير جي ڏات کي ڏسي صدر ايوب خان چيو هو ته ”شير واقعي شير آهي“.


شير ميربحر ڪراچي جي نيشنل اسٽڊيم ۾ ٿيل هڪ ٻئي دنگل ۾  آسٽريليا جي پهلوان آسٽن کي ٻئي ملهون ماري، ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ان دنگل جي ڪامينٽري ريڊيو پاڪستان تان سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي هئي. شير ميربحر جي خدمتن کي سامهون رکندي عوامي دور جي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، 1974ع ۾ کيس ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو. جنهن دوران هو سيکڙاٽ ۽ نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏيندو هو ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ ملاکڙن جي نگراني ڪندو هو.
1984ع ۾ جڏهن سنڌ جو هي املهه ماڻڪ، بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال داخل ٿيو ته ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس سهائتا ڪرڻ بجاءِ، الٽو سندس قومي ڪوچ واري نوڪري به ختم ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران ملندڙ وظيفو به بند ڪري ڇڏيو. تاريخ 21 جون 1924ع تي، فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شير ميربحر 28 مارچ 1985ع تي، انتهائي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ اسان کان هميشهه لاءِ جدا ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا