; سنڌي شخصيتون: امام بخش مڱريو - راجا رشيد ڪنڀر

13 March, 2012

امام بخش مڱريو - راجا رشيد ڪنڀر

امام بخش مڱريو
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ٽنڊي آدم جي باني آدم مري جي قبي جي سامهون ڳوٺ جئيندو مڱريو ۾ رهندڙ استاد، امام بخش مڱريو سنڌي ادب لاءِ سوچ ۽ لوچ رکندڙ ادب دوست انسان آهي. پاڻ هڪ پورهيت خاندان سان تعلق رکندي به وس آهر خرچ ڪري ”ڏکن پٺيان سک“ ڪتاب ڇپرايائين. ”انمول موتي“ ڪتاب مرتب ڪيائين. تعلقي کپري جي موجوده 32 شاعرن جي شاعري سهيڙي گڏ ڪيائين. حڪمت تي تحقيق ڪري ”مجربات حڪمت“ پڻ لکائين.

هن نفسا نفسي واري دور ۾ به هن کاهوڙي ماڻهوءَ جي ڪتب خاني ۾ هند، سنڌ توڙي عالمي ليکڪن جا هزارين ڪتاب موجود آهن. سندس ڪتب خاني ۾ جنت السنڌ، چچ نامو، تاريخ طاهري، سنڌ جي پيرائتي ڪٿا، آثار قديمه جي ڊائريڪٽري، پراڻو پارڪر، قديم سنڌ، قديم سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ قومون، ذاتين جي انسائڪلو پيڊيا، انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا، نئين مصر جا پراڻا ورق، سنڌ جو هڪ عام جائزو، بيگلار نامون، قديم سنڌ ۽ ان جا شهر، سنڌ جا ڪوٽ قلعا، سوڍن جي صاحبي، شاعرن ۾ لطيف سرڪار جي شاعريءَ تي 50 کن ڪتاب، سچل سرمست جو ڪلام، مئين شاهه عنايت جو رسالو، ڪنڊڙي وارن جو ڪلام بحر العشق، ڪلام مصري شاهه نصرپوري، ڪلام پير اشرف، ٻڍل فقير جو رسالو، رسالو مولانا غلام محمد خان زئي، ڪلام نانڪ يوسف، ڪلام دريا خان زنگيجو، ڪلام همايوني، رسالو محمد حسن بيڪس، ڪلام تاجل بيوس، ڪلام خانڻ جنجڻي، ڪلام جانڻ چن، ڪلام منٺار فقير، شيخ اياز، استاد بخاري، حسن درس، سرويچ سجاولي، سرڪش سنڌي، حليم باغي، آسي زميني جي شاعري، حڪمت ۾ شاهڪار جميل ڪنزل، مجربات گلشن حڪمت، آيورو ويدڪ فارماڪو پيا، گجينه طيب ميٽريا ميڊيڪا. زراعت تي، سنڌ جا فصل، سنڌ جو ڀاڄيون مصالا، ڊيري لاءِ ڊيري گائيڊ سميت تاريخ، سوانح حيات، طب، شاعري، روحاني عمليات، جفر، رمل ۽ نجوم تي هزارين ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ محمد امين پکن ڌڻي، قاضي قادن ۽ 737هه ۾ لکيل شموش الانوار بيروت لبنان جي ڇپائي ٿيل، خزينه اسرار گرامر 1885ع صرف بها مع شرح، سميت هزارين ناياب ڪتاب سندن بنا پلستر اڌ ڪچي ڪوٺيءَ ۾ اکڙيل درن وارن ڪٻٽن ۾ رکيل آهن، جتي ڪئين علم جا اڃارا وڃي ورقن تي وکريل معلومات جي موتين مان مالا مال ٿيندا آهن.
هن ماٺيڻي ماڻهوءَ جي کاهي روڊ واري شفاخاني تي به ڪافي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جتي باذوق ادب دوست ماڻهن جا ميڙا متل هوندا آهن. 44 سالن جي هن مانجهي مرد جي خواهش آهي ته سالن کان سانڍيل ناياب قيمتي ڪتاب سندس نالي سان لائبريري جوڙائي رکيا وڃن، جيئن علم جا پياڪ اچي اڃ اُجهائي سگهن ۽ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ضايع ٿيڻ کان بچائي سگھجي.
.

No comments:

راءِ ڏيندا