; سنڌي شخصيتون: موهن لال پريمي - پروفيسر عبدالحق ساريو

09 March, 2012

موهن لال پريمي - پروفيسر عبدالحق ساريو


موهن لال پريمي
پيار جو پورهيو ڪندڙ شخص جو وڇوڙو
پروفيسر عبدالحق ساريو/لاڙڪاڻو
ڏوڪري شهر مان جنم وٺي وڏو ٿيندڙ موهن لال پريميءَ جو تعلق، هڪ ته اقليتي برادريءَ سان ۽ ٻيو انتهائي پٺتي پيل ۽ غريب گهراڻي سان هو. سندس جنم پهرين جنوري 1963ع تي ڏوڪري شهر ۾ ڪنعيا لال جي گهر ٿيو. مسڪيني حال هوندي به هن سموري زندگي، شاهاڻي شان سان گذاري. پرائمري تعليم کان ويندي ماسٽرس تائين، کيس پهاڙ جيڏين مصيبتن ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو. پر هن لڳاتار محنت ۽ جفاڪشيءَ سان تعليمي سفر جاري رکيو. پرائمري ماستريءَ دوران محنت ڪيائين ۽ امتحان پاس ڪري، نصير آباد ڪاليج ۾ اردوءَ جو 1990ع ڌاري ليڪچرار مقرر ٿيو.


ليڪچرار مقرر ٿيڻ کان پوءِ به هن ادبي سفر جاري رکيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سچل سائين جي اردو شاعري تي علامه اقبال يونيورسٽيءَ مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ٿيسز کي سنڌ جي سڄاڻ ۽ ادبي حلقن تمام گهڻو ساراهيو. سندس پيار جي پورهيي جلد ئي قبوليت ماڻي ورتي ۽ ان ٿيسز کي مقتدره قومي زبان جهڙي اداري ڪتابي صورت ڏني. سندس ٿيسز سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سندس شاندار ٿيسز کي بدلائي پي ايڇ ڊي جي سند ڏني وڃي ها، پر ائين نه ٿيو. ان باوجود به هن درويشن صفت شخص همت نه هاري ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ کي موضوع بڻايو. پر افسوس جو مسلسل بيمارين ۽ سماجي ۽ معاشي مشڪلاتن سبب، پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪري نه سگهيو.
موهن لال پريمي روحاني طور هڪ صوفي مزاج شخص هو. ان ڪري ئي هن تحقيق لاءِ روايتي انداز نه اپنايو. بلڪ سنڌ جي ٻن وڏن صوفي شاعرن کي تحقيق جو موضوع بڻايو ۽ ان سان پوري ريت نباهه به ڪيو.
جڏهن آئون پهريون دفعو ساڻس مليو ھيس ته هو انتهائي پيار ۽ ٻاپوهه سان مليو ھيو. هي محبتي ماڻهو هر ڪنهن جي دل ۾ جلد ئي جاءِ ٺاهي وٺندو هو.
سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سنگت ۾ ڪيترن اهم موضوعن تي ليڪچر پڻ ڏنائين. ڀٽائي سائين، سچل سائين ۽ پير تقي شاهه سميت ڪيترن ئي صوفي بزرگن جي ڪلام تي پر مغز مقالا لکيائين. جن کي ادبي حلقن تمام گهڻو ساراهيو. موهن لال جهڙي محقق، شاعر ۽ ليکڪ کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا