اداڪار يوسف علي
سنڌ جو خانصاحب ۽ گامون
سچار
سيد يار محمد شاهه
مون لاءِ اهو ممڪن ئي نه
آهي، ته زندگي ۾ شوبز جي ساروڻين مان، سڀني انهن دوستن، جن سان به شوبز ۾ منهنجو
جيڪو به رشتو رهيو، يا جيتريون به وارداتون، يا يادگيريون ۽ سندن ڪارناما هئا،
انهن کي ترتيب سان ياد ڪري توهان تائين پهچائي سگهان. بس جيڪي به نامور فنڪار
منهنجي حلقي ۾ آيا ۽ انهن سان جيڪي به گهڙيون گهاريم، انهن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ۾،
مونکان ممڪن آهي ته، انصاف نه ٿئي، تنهن هوندي به هر ڪنهن بابت ذڪر ڪرڻ جو حق ادا
ڪرڻ منهنجو فرض آهي.
مون جڏهن ٽيليويزن جي
دنيا ۾ پير پاتو ته اتي هڪ چوياري هئي جيڪا مرحوم محمود صديقي، زاهد معصومي، منصور
بلوچ ۽ مرحوم يوسف علي جي مشهور هوندي هئي، ۽ سڀ ناليوارا اداڪار ۽ پروڊيوسر انهن
جي وڏي عزت ڪندا هئا.
مرحوم يوسف علي ٿرپارڪر
جي شهر جهڏي جي هڪ اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان هو، جيڪو اتي هڪ گيراج ۾
ڪم ڪندو هو، پر جڏهن هو مسلمان ٿي روزگار سانگي ڪراچي پهتو، ته هن ايسٽرن ۽ ماڊرن
فلم اسٽوڊيوز جا چڪر لڳائيندي، ان وقت جي فلمي فائيٽر ٽولي جي حلقي ۾ شموليت
اختيار ڪري، فائيٽ سکڻ شروع ڪئي، ۽ ان وقت جي ٺهندڙ سنڌي اردو فلمن ۾ فائيٽرن کي
اسسٽنٽ به ڪيو، ۽ ڪجهه نامور اداڪارن جا ڊپليڪيٽ رول به ڪيا. جيئن ته هو جڏهن جهڏي
۾ هوندو هو، ته ات گهڻيون فلمون ڏسندو هو، اهي به گهڻيون انگلش ئي هونديون هيون.
هن کي اداڪارن جا نالا، هدايتڪارن، رائيٽرن ۽ فائيٽرن جا نالا بر زبان ياد هوندا
هئا، انگلش نه ڄاڻندي به انگلش فلم جي اسٽوري ۽ مڪالما سمجهي ويندو هو. ان ڪري
ڪراچيءَ ۾ به انگلش فلمن جي ڄاڻ هئڻ ڪري فلمي ماحول ۾ هن کي تمام گهڻي پذيرائي
نصيب ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هارون رند، عبدالڪريم بلوچ صاحب به اسٽوڊيوز ۾ ايندا
هئا. هارون رند ته بطور اسسٽنٽ جي نوڪري به ڪندو، يوسف عليءَ ۾ کين تمام گهڻيون
صلاحيتون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. يوسف علي مزدوريءَ کانپوءِ پاڻ کي هر لحاذ کان اپ ٽو
ڊيٽ رکندو هو، ڪپڙي لٽي ۾ سهڻو سمارٽ، نيٺ عبدالڪريم بلوچ جي ڪوششن سان ٽي ويءَ جي
دنيا ۾ اچي ويو، هن سنڌي اردو ڊرامن ۾ بي شمار ڪردار ادا ڪيا، پر سندس اردو ڊرامه
سيريل جيڪو سنڌي ۾ ”خانصاحب“ ۽ اهو ئي ڊرامون ”چهوٽي سي دنيا“ جي نالي سان اردوءَ
۾ نشر ٿيو ته سندس ڪردار امر بنجي ويو. هن سنڌي ڊرامن ۾ به هزارين ڪردار ڪيا جن ۾
”گامون سچار“ کيس واقعي گامون سچار بنائي ڇڏيو.
پروڊيوسر منظور قريشيءَ
جي ڊراما سيريل ”دنيا ديواني“ ۾ پهريون دفعو ساڻس مونکي محمود صديقي، فريد نواز
بلوچ، لطيف منو، ماجد جهانگير، قاضي سيف الدين، غلام عباس شاهه ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن
سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. طارق روڊ جي هڪ ”بالي“ نالي سان بلڊنگ جي هڪ فليٽ
۾ جيڪو منظور قريشيءَ وارن جو پنهنجو ذاتي فليٽ هيو، ان ۾ اسانجون روز نشستون
ٿينديون هيون. يوسف عليءَ جي ڪهاڻي ۽ فلمي ٽيڪنڪ جي ڄاڻ ٻڌائڻ جو هڪ منفرد انداز
هوندو هو ۽ سڀ خاموشيءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ سندس معلومات پيا ٻڌندا ۽ ان مان
پرائيندا هئاسين. ان کان علاوه پروڊيوسر منظور قريشي، هارون رند، محمد بخش سميجو ۽
اقبال لطيف جڏهن به ڪو ڊرامون ٺاهيندا هئا، ته هو اسڪرپٽ، شوٽنگ ۽ ايڊيٽنگ تائين
کيس پنهنجي ويجهو رکندا هئا، ۽ کائنس تمام گهڻيون صلاحون پڻ وٺندا هئا، جن جي
ڊرامن ۾ جيڪا به پختگي ڏسڻ ۾ ايندي هئي ان ۾ يوسف عليءَ جو به پورهيو شامل هوندو هو،
خاص ڪري بيڪ گرائونڊ ميوزڪ جون ڪيسٽون به پاڻ آڻي ڏيندو هو.
هڪ دفعو پروڊيوسر محمد
بخش سميجو جي اردو ڊراما سيريل ”انتها“ ۾ منهنجو هڪ ظالم وڏيري جو ڪردار هو ۽ آئون
پنهنجي ڪار جي ٽڪر سان يوسف علي کي ماريان ٿو، جيڪو هڪ مظلوم هاريءَ جو ڪردار ڪندو
آهي، ان منظر ۾ آئون جيئن ئي کيس ڪار جو ٽڪر هڻان ٿو ته يوسف علي، ان وقت پهرين
بانٽ تي، پوءِ ڪار جي ڇت تي، ۽ بعد ۾ قلابازي کائي ڪار جي ڊگيءَ تان ڪري مري ٿو
وڃي. اهو منظر يوسف علي جي ڄاڻ ۽ فائيٽر هئڻ جي ڪري تمام خوبصورتي سان
رڪارڊ ٿيو، پر جيڏي مهل مرحوم محمد بخش سميجو اهو منظر ايڊٽ ڪرڻ ويٺو ته کيس ڏاڍي
پريشاني ٿي، رات جو هڪ بجي هو ڪار کڻي جمشيد ڪوارٽر ۾ يوسف علي کي ڳولهڻ ويو، ۽ ات
يوسف علي جي گهر واري، جيڪا هڪ ڪرسچن نرس هئي ۽ جنهن هن جي زندگيءَ ۾ ڀرپور سهارو
۽ ساٿ ڏنو هو، ان ٻڌايس ته هو محمود صديقيءَ سان گڏ سيد يار محمد شاهه جي اشرف
اسڪوائر واري فليٽ تي هوندو، سميجو صاحب کيس ڳولهيندي اچي هيٺ ڪار ۾ منهنجي فليٽ
جي هيٺان ئي هارن وڄائي، اسانکان يوسف عليءَ جو پڇيو، جيڪو ان وقت محمود صديقيءَ
سان تاش کيڏي رهيو هو. يوسف علي رڙ ڪندي چيو ته ”سميجو صاحب ايڊيٽنگ ۾ ڦاٿو هوندو،
ڇو ته ڪار جي ٽڪر وارو منظر مون شوٽ ڪرايو هو، ۽ انهن شاٽس جي ڪيمسٽري يا اسڪرين
پلي صرف منهنجي ئي دماغ ۾ آهي. اهو ٻڌي محمود صديقيءَ ۽ مون کيس منٿ ڪري سميجو
صاحب ڏانهن موڪليو، ان کانپوءِ ان منظر تي سميجو صاحب کي خوب داد مليو.
يوسف عليءَ جو آخري
ڊرامون ”نجات“ هو، جيڪو سائره ڪاظميءَ پروڊيوس ڪيو هو. ان جي هڪ ڪردار ۾ کيس تمام
گهڻي پذيرائي ملي ۽ ان کي معاشري جي ڪيترن ادارن ۽ تنظيمن طرفان ايوارڊ ۽ دعوتون
پڻ ملنديون رهيون. ان سلسلي ۾ هڪ تقريب جيڪا حيدرآباد ۾ ٿيڻي هئي، ان جي شرڪت جي
سلسلي ۾ هو تياري ڪري رهيو هو، ته چون ٿا ته ناشتي لاءِ انڊا گهوٽالا ٺاهي، ان ۾
گيهه جو تڙڪو به ڏنائين، ۽ ان کي کائڻ کانپوءِ کيس اٽيڪ ٿيو ۽ هو هن فاني دنيا مان
هميشه لاءِ ”اولاد ۽ پي ٽي وي ايوارڊ جي حسرت ساڻ کڻي هليو ويو“. مون کيس ڪڏهن به
مذهب تي بحث ڪندي يا حصو وٺندي نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو هو. سندس انتقال جو ٻڌي آئون ۽
محمود صديقي روئيندا ات پهتاسين، ته هڪ امام بارگاهه جو متولي جيڪا جمشيد ڪوارٽر ۾
سندس گهر جي ويجهو ئي آهي، ڪجهه مولوين ۽ نوجوانن سان گڏ ات آيا ۽ اچي چيائون ته
لاش اسان امام بارگاهه ۾ کڻي وينداسين، غسل، ڪفن، جنازي نماز ۽ تدفين به اسان ئي
ڪنداسين. گهر وارا ۽ ٻيا دوست حيران ٿي ويا جو اسان سڀني مان ڪنهن کي به خبر نه
هئي ته هو پوري طرح مسلمان هو، عيسائي هو، سني هو يا شيعو هو. سڀئي آيل ۽ موجود
عزيز ڪوبه فيصلو نه پي ڪري سگهيا، ان وقت ملڪ انوکي اچي چيو ته هو واقعي فقهي لحاذ
کان شيعو هو ۽ مونکي اها به خبر آهي، ته هو ان امام بارگاهه ۾ نماز به پڙهندو هو. هن فاني زندگيءَ جو اهو راز سندس اختتام تي ئي ظاهر ٿيو هو. پوءِ انهن لاش کڻائي
وڃي کيس ان امام بارگاهه ۾ غسل ڏنو ۽ سندس ڪلهي ڪانڌي به هزارن جي تعداد ۾ ڪٿان
آيا ڪا خبر نه پئي، هر اک آلي هئي، سڀني کي سندس جوانيءَ جي موت تي بي حد افسوس
هو. يوسف علي کي ”تين هٽيءَ“ جي ويجهو لياقت آباد واري قبرستان ۾، جنهن قبر ۾ دفن
ڪيو ويو هو، ات اڳئي خدا پاڪ هڪ نم جو گهاٽو وڻ پيدا ڪيو هو، جيڪو اڄ به مٿس ڇانو
ڪريو بيٺو آهي.
لڪي غريبن جي مدد ڪرڻ،
چڱائي ڪري چپ سبي ڇڏڻ، وڏو هئڻ جي باوجود به، پاڻ کي ننڍو فنڪار سمجهڻ وارو يوسف
علي اڄ اسان ۾ ناهي، پر سندس سوين يادگار ڪردارن ۽ سندس زندگيءَ جي انوکي سفر تي
ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا