; سنڌي شخصيتون: استاد وحيد علي خان - قاضي عبدالرحمان

25 March, 2012

استاد وحيد علي خان - قاضي عبدالرحمان


استاد وحيد علي خان
قاضي عبدالرحمان
ڪن راڳين جي ڳلي ۾ قدرتي ڏات هوندي آهي، اهڙن راڳين ۾ استاد وحيد علي خان به آهي جنهن سنڌي راڳ کي دنيا ۾ مشهور ڪيو. استاد وحيد علي خان کي سنڌي راڳ، غزل، گيت ۽ صوفياڻي ڪلام تي مڪمل عبور حاصل هيو.
استاد وحيد علي خان ولد استاد غلام رسول خان 1952ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. استاد وحيد علي خان جو سنڌ جي موسيقي ۽ راڳي گهراڻي سان واسطو هيو. ان ڪري هن 7 سالن جي ننڍي عمر ۾، پنهنجي راڳ جي شروعات، پنهنجي چاچي استاد اميد علي خان ۽ پنهنجي والد استاد غلام رسول خان کان، حاصل ڪئي. ان کانپوءِ راڳ ۽ ڳائڻ جي باقائدي سکيا، پنهنجي مامي، مشهور سنڌي گويي استاد منظور علي خان، کان ورتي.


استاد وحيد علي خان جنهن به محفل ۾ ڳائيندو هيو ته اتي ويٺل ماڻهن ۾ سڪتو طاري ٿي ويندو هيو. روح مان نڪتل لفظ، زبان مان نڪري ايندا هئا. 20 سالن جي ڄمار ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ 5 سالن کانپوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جيڪو آخري وقت تائين رهيو. زماني جي گردشن پنهنجن ۽ پراون جي منافقتن سبب، هميشه احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا رهيو پر ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت يا غلا نه ڪئي.
استاد وحيد علي خان ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو. پر هن هميشه سنڌ جي راڳ کي اهميت ڏني ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي ڳايو. استاد وحيد علي خان جي مادري زبان پنجابي هئي. کيس مليل ايوارڊن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ، خيرپور ناٿن شاهه ۾ تاج پوشي، سچل ايوارڊ، ڄام ڏاتار گولڊ ميڊل ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ شامل آهن. استاد وحيد علي خان جي آواز ۾ قدرتي طور هڪ عجيب ڪشش شامل هئي. جيڪو به استاد وحيد علي خان کي هڪ ڀيرو ٻڌندو هيو ته ان جو ديوانو ٿي ويندو هيو ۽ ان جي خواهش هوندي هئي ته مان ٻيهر ڪٿي ۽ ڪيئن استاد جو ديدار ڪيان ۽ ڪلام ٻڌان.
هڪ دفعي جي ڳالهه آھي. شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾، ڪجهه دوستن جو پروگرام ٿيو ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ شاهه لطيف ڊي ملهايو وڃي ۽ ان ۾ وحيد علي کي گهرايو وڃي، جنهنجو ذمو قاضي عبدالرحمان تي رکيو ويو. مقرر وقت تي وحيد علي خان آيو ۽ شاهه لطيف جو ڪلام ڳاتائين. سڄي رات محفل کي جهومائيندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ استاد وحيد علي خان جي گائڪي کي ٻڌڻ کانپوءِ، دوستن جو يڪراءِ فيصلو ٿيو ته ايندڙ سال استاد وحيد علي خان جي تاج پوشي ڪئي ويندي. 1991ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ذوالفقار عباسي ۽ قاضي عبدالرحمان طرفان، استاد وحيد علي خان جي تاج پوشي ڪئي وئي.
هڪ دفعو مونکي لي مارڪيٽ، بارا امام بارگاهه گهرايائين، جتي سندس سهري جو فليٽ هيو. چوڻ لڳو ته؛ قاضي صاحب مان جيڪو ڪجهه آهيان، هيءُ آهيان. منهنجي ڪير به مدد ڪري نه رهيو آهي. جي ڪا ڪمي پيشي ٿي وڃي ته مونکي معاف ڪجو. اها هئي استاد جي سادگي.
پنهنجي آخري وقت ۾ اسپتال اندر چيائين ته؛ مونکي خوشي آهي ته مان پنهنجي گهر واري ۽ ٻچا هن دنيا ۾ ڇڏي وڃي رهيو آهيان. اهي منهنجو نالو خراب نه ڪندا بلڪ ثابت قدم رهي ڪري منهنجو نالو روشن ڪندا. گردن جي بيماري ۾ مبتلا راولپنڊيءَ جي ڪرنل مختيار اسپتال ۾ داخل استاد وحيد علي خان 23 مارچ 1998ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي، پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا