يعقوب ذڪريا
فطري اداڪاري ڪندڙ
سيد يار محمد شاهه
سنڌ جي فن جي تاريخ
۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد
۾ فورسيٽر ۽ رڪشا هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي
يا سنڌي فلم هجي، نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن
کان سنڌي پروڊيوسرن کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال
انصاري جنهن کي آئون به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان”
۾ يعقوب ذڪريا کان سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن
غريب ٿريءَ جو ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو
نيچرل ڪيو جو سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان
ايوارڊ ماڻيندڙ پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي،
پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو
هوندو هو. نه صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو
ته فلاڻو اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن
سان اظهار به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر
پروڊيوسر وٽ هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽
مطمئن ٿي ويندو هو.
مون سان سندس بي
انتها ويجهڙائپ هوندي هئي. ڪراچيءَ هجان، ٽنڊو آدم هجان يا مٽياريءَ، موقعو ڪڍي
ضرور ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فن ۽ فنڪارن تي ڪچهريون ڪرڻ کانپوءِ هو سڀني
بيرزوگار فنڪارن جي ڪم ڏيڻ يا ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ويندو هو. منهنجي ٽي وي لاءِ
لکيل ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين ۽ منهنجي سنڌي اسٽيج پلي ”اڄ ته خبر پوي“ جيڪو مون
ٽنڊو آدم ۾ ”لطيف گولڊ ميڊل“ جي تقريب دوران پيش ڪيو هو، ان ۾ هڪ ڪاٺياواڙي سيٺ جو
ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”علي گوهر“ ۾ هيروئن جي پيءَ ۽ هڪ مظلوم
هاريءَ جو ڪردار ڪيائين. اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌي فلم ”محب شيدي“ ۾ محب جي پيءَ جو
يادگار ڪردار ڪيائين ۽ جڏهن هو مرحومه ميڊم روشن عطا سان گڏ، مظلوم ڪردار ڪندو هو
ته اها اداڪاري نه بلڪ حقيقت محسوس ٿيندي هئي. بلڪ هو اسانکي پنهنجي اداڪاريءَ سان
روئاڙيندو هو. خوبصورت ۽ پر مزاح گفتگو سان کلائيندو به هو. مون سان گڏ هن محمد
بخش سميجو صاحب جي ڪيترن ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.
بھرحال يعقوب ذڪريا
نيچرل سنڌي اداڪار هو. حالانڪ هو ڪاٺياواڙي ميمڻ هو پر ڪڏهن به ڪنهن محسوس نه ڪيو
ته هو نج سنڌي نه آهي. بلڪ هو اسانکان وڌيڪ نج سنڌي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. هڪ دفعو
اقبال انصاري چيو ته؛ ”شاهه صاحب! يعقوب ذڪريا اگر هندوستان ۾ هوتا تو وهان کي بڙي
بڙي فنڪارون کو اڙا ديتا“، خاص ڪري سندس چوڻ هو ته هو ته گهڻن هندوستاني وڏن
اداڪارن کان وڏو فنڪار آهي.
ٻين اردو پروڊيوسرن
۾ ڪاظم پاشا کيس تمام گهڻي بڪنگ ڏيندو هو. هُن يعقوب ذڪريا ۽ ٻين سنڌي فنڪارن ۽
رائيٽرن جي باري ۾ هڪ ڏينهن مونکي چيو ته؛ سنڌي فنڪار ۽ رائيٽر قدرتي فنڪار آهن.
ڪاش هي سڀ هالي ووڊ يا هندوستان ۾ هجن ها ته هي فنڪار بلندين جي عروج تي هجن ها،
پر جيئن ته هو برگري پروڊيوسر آهي ۽ سنڌين جي ڪردار ۽ رويي کان محتاط رهندو آهي،
ان ڪري صرف مون سان، شفيع محمد شاهه ۽ محمود صديقي سان ويجهڙائپ رکيائين پر اها به
هڪ حد تائين.
يعقوب ذڪريا لازوال
فنڪار هو. انهن ڏينهن ۾ آئون، عراق ويل هوس. واپسيءَ تي خبر پئي ته همراهه وڃي
مليو ماروئڙن سان. الله کيس جنت نصيب ڪري. ڪراچي ٽي وي يا پاڪستان ٽي وي وارا يا
سنڌ جي ثقافت جي کاتي وارا کيس ٻين وانگر نه به کڻي ياد ڪن، پر هو سنڌي فن جي
تاريخ ۾ هميشه نمايان ئي رهندو.
يعقوب
ذڪريا
فنونِ
لطيفه جي ميدان ۾ ڪيترا ئي نامور ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڪم سان سڄي ملڪ ۾ نالو
ڪمايو. منجھن ڪي اهڙا آرٽسٽ به پيدا ٿيا، جيڪي ڄڻ ته ڄاوا ئي فن جي لاءِ هئا. اهڙن
آرٽسٽن ۾ يعقوب ذڪريا جو نالو اهميت وارو آهي. ھو هڪ ليجنڊ ۽ معروف اداڪار هيو. هن
پنهنجي حياتي، فن جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي.
يعقوب
ذڪريا جو جنم، سال ۱۹۲۹ع ڌاري، ڪاٺياواڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ اوپليٽا ۾ ٿيو. مائٽن
سندس نالو بشير رکيو. هُو ڏهن يارنهن سالن جي عمر تائين سخت بيمار رهيو. سُتيون، ڦَڪيون،
دوا درمل، حڪيمن، طبيبن ۽ ڊاڪٽرن جو علاج يا مشورا ڪارآمد نه ٿيا.
هيءُ
خاندان، اوپليٽا مان شفٽ ڪري هيرآباد حيدرآباد ۾ آيو. هن جي پيءُ ذڪريا کي، غريبي
۽ مفلسي ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي. هُو ٻڌائيندو هو ته؛ ٽن ويلن جي ماني به ميسر ڪو نه
هوندي هئي. وري هن ليجنڊ ۽ عظيم اداڪار جي دائما بيماريءَ، سموري خاندان کي
مُنجهائي رکيو هو. هڪ ڏينهن سندس والده اوچتو اعلان ڪيو؛ ”بشير نه مري ٿو، نه منجو
ٿو ڇڏي. اڄ کان وٺي هن جو نالو يعقوب آهي. خبردار! ڪو به مٽ مائٽ هن کي بشير نه سڏي.
هُو منهنجو يعقوب پٽڙو آهي.“ سندس طبيعت سڌرندي ويئي ۽ هُو چاق چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.
جڏھن ته غريبي اھا ئي رھي جيڪا شايد سڀني کي ڏاج ۾ مليل هئي.
هن جو
پيءُ ذڪريا، ننڍڙي يعقوب کي، جڏهن هُو لاچار ۽ يارنهن سالن جو هو ته هڪڙي دڪان تي
بيهاريو. دڪاندار ظالم نڪتو. ڇو ته هُو کيس دڪان تي ۽ گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪرائيندو
هو. ننڍو يعقوب، اخبارن ۽ رسالن ۾ فلمي اداڪارن جا فوٽو ڏسندو هو. ظالم دڪاندار نيٺ
ننڍڙي نوڪر يعقوب کي دڙڪا ڏيئي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. غريبن جي غريبيءَ تي مصيبت
جو پهاڙ ڪرِي پيو. يعقوب، ڊرائيونگ سکي ۽ جيئن حيدرآباد شهر ۾ مني ٽيڪسي آئي ته
هُو ڪيترن ٽيڪسي ۽ رڪشا مالڪان جون گاڏيون هلائڻ لڳو. ٽنڊو ولي محمد واري امان
الله جي مني ٽيڪسي هلائڻ لڳو. امان الله کَلُن جو واپار به ڪندو هو. نيٺ هُو ٿورا ٿورا
پئسا ڪري هڪ ٽئڪسيءَ جو مالڪ ٿي ويو. حيدرآباد شهر جي ٻن وڏن روڊن تي سڄو ڏينهن
مني ٽئڪسي هلائيندو هو.
مون کي
ياد آهي ته يعقوب هڪ نه ٻئي ڏينهن، رستن تي ملي ويندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ واري
سيٽ تي ويهاريندو هو. پڪوڙا کائڻ جو شوقين، لطيف آباد جي يارهين نمبر تي مون کي
چوندو هو ته؛ مان چانهه ٿو گهرايان ۽ پڪوڙا تون گھراءِ. ڪئين ڀيرا ته 50-60 يا ان
کان به وڌيڪ جا پڪوڙا کائي ويندا هئاسين. حيدرآباد ۾ پڪوڙا ته ڇا پر هر شيءِ تڏهن
تمام گهڻي سستي هوندي هئي.
ڪيترا ڀيرا
ڪراچيءَ وياسين. ميڊم سيما پنهور، يعقوب ذڪريا ۽ ٻين سان بس ۾ ويهي ڪراچي ٽي وي
سينٽر تي ويندا هئاسين. هالي ووڊ جي فلم ’ٽرئفڪ‘ ان بعد ’جناح‘ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به
يعقوب ذڪريا مون کي ڪراچي وٺي ويو هو. مون کي چوندو هو ته؛ تون انگلش ڄاڻين ٿو.
هلي هنن سان انگريزي ڳالهاءِ. اسان انهن ٻنهي فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هُو سنڌي ڊراما ناٽڪ
صديءَ جو آرٽسٽ هو.
No comments:
راءِ ڏيندا