; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حاجي سڄڻ ميمڻ - عبدالرحمان اوٺو

18 March, 2012

ڊاڪٽر حاجي سڄڻ ميمڻ - عبدالرحمان اوٺو


ڊاڪٽر حاجي سڄڻ ميمڻ
نالي واري شخصيت
عبدالرحمان اوٺو
ڊاڪٽر حاجي محمد سڄڻ ڏيپلو جي سيٺ حاجي محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ 15.12.1928 تي جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڏيپلو مان حاصل ڪيائون. ميٽرڪ ميرپور خاص مان ۽ 1945ع ۾ بمبئي يونيورسٽي پڙهڻ ويا، سائنس سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائون. ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ ڊائوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين جتان 1953ع ۾ ٻيو نمبر کڻيM.B.B.S ڊگري حاصل ڪيائون، ۽ انهي سال صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيا.


ڊاڪٽر محمد سڄڻ ميمڻ 1962ع کان 1980ع تائين دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ سول سرجن ٿي رهيا. سال 1988ع ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ مقرر ٿيا. بعد ۾ هو ڊائريڪٽر جنرل به ٿي رهيا. ڊاڪٽر حاجي محمد سڄڻ نه رڳو ميمڻ جو پر هو سموري انسانيت بالخصوص سنڌ واسين جو سڄڻ ٿي رهيو.
ڊاڪٽر سڄڻ هوشيار، محبوب طبيعت ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ آهي. خلق جي خدمت ڪندڙ انتهائي رحم دل. کائنس ڪنهن جو به ڏک برداشت نه ٿيندو آھي. هو نئون ڪوٽ کان ڏيپلي ايندي، رستي ۾ سوين مريضن جو مفت علاج ڪندو ايندو.
ڊاڪٽر سڄڻ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪرڻ پڄاڻا به ڏيپلو ۽ ڏيپلو وارن کي وساريو نه اٿس. هن ڏيپلو تعلقه اسپتال کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرائڻ، ڏيپلو کي پڪو روڊ منظور ڪري ڏيارڻ، لائيٽ جي گرڊ اسٽيشن منظور ڪرائڻ، ڊگري ڪاليج کولائڻ سميت شهر جي ڀلي لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر محمد سڄڻ سنڌ جو هڪ معروف ۽ مشهور سرجن ۽ ماهر ڊاڪٽر آهن. وطن دوست ۽ اعليٰ منتظم هئڻ سان گڏ مهربان معالج، اعليٰ ذهن بهترين صلاحيتن جو پڻ مالڪ آهي. ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ 1991ع کان پوءِ رٽائر ٿي، مختلف پرائيويٽ ڪلينڪن تي مريض جي خدمت ڪندو رهيو. هاڻي
جنهن مئي مڻ کنيا، سو رڙهڻ کان رهيو،
جيئان ويل چيئر تي گهر ۾ ئي رهندو آهي.
ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ جي انسان دوستي جو هڪ مثال اهو آهي ته جنهن وقت سندن نڪاح ٿي رهيو هو ته هڪ شخص اچي چيو ته سندس گهر واري جي طبيعت خراب آهي، پاڻ نڪاح مان اٿي مريض جو علاج ڪرڻ لاءِ پهتو. واپسي ۾ جڏهن سندس امڙ تمام گهڻي ڪاوڙ ڪئي ته پاڻ مرڪندي کيس چيو ته امان تو ئي ته منهنجو نالو سڄڻ رکيو آهي. هاڻي سڄڻ ۽ ڊاڪٽر ٿي مريض کي موٽائي ڇڏيان اهو ڪيئن ممڪن آهي.
اهو اڄ به ٿر وارن لاءِ ڇپر ڇانو مثال آهي.
دعا آهي ته سندس عمر دراز  ٿئي.

No comments:

راءِ ڏيندا