منصور ملڪ
او منھنجا دوست!
رکيل مورائي
اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي، تون جيڪو هاڻ اسان وٽ نه رهيو آهين. دل
چوي ٿي ته تو کي ياد ڪري پاڻ کي اهو احساس ڏياريان ته تون توڻي جو اسان کان وڇڙي
ويو آهين پر سچ اهو آهي ته تون اسان کان ۽ پنهنجي پڙهندڙن کان ڪڏهن به وسري نه
سگهندين.!
تو جيڪو ٿورن سالن ۾ اسان کي ڪتابي صورت ۾ ادب ڏنو ان جو ٿورو اسان
شايد ڪڏهن به لاهي نه سگهون. تنهنجو پهريون ڪتاب اڻويهه سئو اٺانوي ۾ شايع ٿيو هئو؛
”الا مان اڏري ويندوسانءِ.“ هيءُ تنهنجو شاعراڻو ڪتاب هئو، جنهن تي تو اياز جي
شاعراڻي سٽ تان نالو کڻي رکيو هُئو. ائين ڪري تو نه رڳو اياز سان پنهنجي پيار جو ۽
عقيدي جو اظهار ڪيو پر تو ائين ڪري شايد اهو احساس پاڻ کي ڏيارڻ ٿي چاهيو ته اياز
جي شاعريءَ جي ڇانءَ تنهنجي شاعريءَ تي سدائين لاءِ رهي. تو سالن کان پوءِ جڏهن
قلم هٿ ۾ کنيو ته زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ان کي کيسي ۾ نه وڌو ۽ تون لڳاتار
لکندو رهئين. تو شاعريءَ سان گڏ، پنهنجي آتم ڪٿا وانگر زندگيءَ جي سمورن معاملن کي
خطن جو فارم استعمال ڪندي، مختلف دوستن ڏانهن اهڙا خط لکيا، جيڪي هاڻ تنهنجي آتم
ڪٿا جو گمان ڏين ٿا. انهن خطن ۾ تو جيتوڻيڪ گهڻو احتياط کان ڪم ورتو آهي پوءِ به
تنهنجي زندگيءَ جون ڪي ڪمزوريون، تنهنجي اڻ ڳڻين سٺاين سان گڏ ظاهر ٿي بيٺيون آهن. جن مان لڳي ٿو ته تو اهي خط، نيڪ نيتيءَ سان لکيا هئا پر انهن مان اها ڳالهه ظاهر
آهي ته تو اهي سڀ خط ڇپجڻ واري منشا تحت ئي لکيا ۽ جڏهن اهي ٻن ڪتابن ۾ شايع به
ٿيا سي دلچسپيءَ سان پڙهيا به ويا ۽ انهن تو کي گهڻي پذيرائي به ڏني. هڪ اهم لکندڙ
طور تنهنجو تعارف ٿيو. تنهنجي شاعري سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي شاعري آهي. جيڪا بنهه
سادي سلوڻي ۽ معصوم آهي. جيڪا هر پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. وري جو تون
انقلابيءَ مان صوفي ٿئين ته ذاتي طور مون کي ڪڏهن به اعتبار نه آيو ته تون صوفي
آهين. ان جو هڪ سبب اهو هئو ته تون مذهبي مبلغن ۾ ايترو يقين رکندو هُئين جو اهو
صوفيءَ کان وڌي هڪ بلڪل مذهبي شخص وارو عقيدو بڻجي ٿي پيو. عمر جي آخري حصي ۾،
ڊاڪٽرن جي جهلڻ جي باوجود، تون پنهنجي محبوبه سان ملڻ لاءِ ڊگهو سفر پنهنجي پئسن
تي ڪري وئين. جڏهن ته تون تاشقند ۾ پڙهيو، سرڪاري پئسن تي هُئين ۽ تو ئي ٻڌايو هئو
ته؛ تون پنهنجي محبوبه کي پنهنجي ملڪ وٺي فقط ان ڪري نه آيو هئين جو تو وٽ ان کي
رهائڻ جي مالي قوت نه هئي پر تون دلبر هئين ۽ هڪ دل وارو شخص هئين، جو تو ان کي
پنهنجي دل مان ٻاهر نه ڪڍيو ۽ آخري عمر ۾ شايد ان کي ڏسڻ کان سواءِ تو خدا ڏي وڃڻ
نه ٿي چاهيو ۽ تون روس جي شهر ڪيمرو اُسهئين. مون کي خوشيءَ سان گڏ فخر اهو به ٿيو
جو تو ان سفر کي لکت ۾ آندو ۽ هڪ لاجواب سفرنامو سنڌي ادب کي ڏنو. جنهن جو نالو
”ڪراچيءَ کان ڪيمرو تائين“ تو منهنجي صلاح سان رکيو ۽ اهو اعزاز به تو مون کي
بخشيو ته ان جو مهاڳ مان لکان. تنهنجي هن سفر نامي جي سڃاڻپ، سنڌ جي انهن ٿورن
سفرنامن ۾ ٿيندي، جيڪي فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. هيءُ تنهنجو آخري ڪتاب آهي،
جنهن کان پوءِ تو پنهنجي ترتيبوار آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي هئي. افسوس جو تو کي ڌڻيءَ
جي ازلي سڏ ايتري مھلت نه ڏني. تون پنهنجو گڏيل شاعراڻو ڪليات ”منصور جو منشور“،
پنهنجي گذريل جنم ڏينهن تي ڇپائي وئين. اهو به سچ آهي ۽ تون اظهار پڻ ڪندو هئين ته
تنهنجي هلئي وڃڻ کان پوءِ، تنهنجو رهجي ويل ڪم، رهجي ويندو ۽ ائين ئي ٿيو آهي. اهو
پنجويهه مارچ جو ئي ڏينهن هئو، جڏهن تو پنهنجو شاعراڻو ڪليات، مون کي ڏنو هو. مان
ان وقت، پنهنجي پٽ سان گڏ جناح اسپتال ۾ هوس. تو ڪتاب ڏنو پر ان تي تنهنجا هٿ اکر
نه هئا. جيڪي هونئن سڀني ڪتابن تي آهن. اڄ ان ڏينهن کي سال گذري ويو آهي ۽ پاڻ ملي
نه سگهياسين.
اڄ تنهنجي ياد دل کي ڏکارو ڪري رهي آهي. پر تنهنجا ڪتاب ڏسي، سنڌ
جي اڻ ڳڻين پڙهندڙن وانگر، انهن سان پيار ڪرڻ لڳو آهيان. فخر به محسوس ڪري رهيو
آهيان ته تنهنجي پهرئين شاعراڻي ڪتاب تي، منهنجو مهاڳ لکيل آهي. تنهنجي پهرئين خطن
جي ڪتاب تي به، منهنجو مهاڳ لکيل آهي. تنهنجي پهرئين سفرنامي تي به منهنجو مهاڳ
لکيل آهي. جيڪو تنهنجو آخري ڪتاب به آهي. اڄ تنهنجي سڀني ڪتابن سان گڏ، سڀ دوست
آهن، ڳالهيون آهن، ڪچهريون آهن. جيڪڏهن ڪجهه نه آهي ته اهو تون آهين! پر پڪ سمجهه،
تنهنجيون يادون، مون کي تو جيان ئي پياريون آهن. شايد زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ
تائين، اهي آئون پاڻ سان سانڍي رکان.
پنهنجي آخري پيار جيان،
تنهنجو پنهنجو.
No comments:
راءِ ڏيندا