حسام الدين راشدي
سنڌ شناس پورهيت تاريخدان!
محمد ابراهيم جويو
پنهنجي بزرگ ۽ دوست، حسام الدين، سان ٿيل ڪچهريون ۽ اُنهن جون
ڳالهيون ته ڪيئي مون کي ياد آهن، پر ڪي انهن مان آءٌ خاص ۽ وڏيءَ اهميت جون سمجهان
ٿو. آءٌ اِئين ٿو ڀانيان ته جيسين ساڻن ٿيل اُهي ڳالهيون ۽ ڪچهريون مون کي ياد آهن
۽ منهنجو حافظو مون ساڻُ آهي، تيسين، ذاتي طور، حسام الدين مون لاءِ جيئرو آهي. ۽
اِئين منهنجا ٻيا به ڪيئي دوست ۽ بزرگ جيڪي منهنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آهن، ۽ پڻ
اُهي بيشمار اَڻ ڏٺل، اَڻ واقف انسان جن سان آءٌ سندن ڪتابن ۽ ڪمن ذريعي واقف
آهيان، اُهي به مون لاءِ اُهڙا ئي جيئرا آهن. اِئين، جيسين ڪِن جي ياد جيئري آهي
تيسين جيئرن لاءِ اُهي جيئرا ئي رهن ٿا. اِنهيءَ ڪري ئي انسان ذات کي ۽ اُن جي
قومن کي پنهنجي ماضيءَ کي ۽ اُن جي تجربي ۽ ڏات کي ياد رکڻو پوندو آهي، ته جيئن هو
بي حس، لاعلم ۽ بي بنياد رهجي نه وڃن ۽ هيڻائي ۽ موت مٿن غالب پئجي نه وڃي ۽ غلامي
۽ حيوانيت، جيڪا موت کان وڌ بدتر آهي، سندن مُقدر نه بڻجي وڃي.
مون کي هڪڙي ڪچهري پنهنجي هِن سدا بهار ۽ سدا جيئري دوست ۽ بزرگ سان
ٿيل، جيڪا پنهنجي اهميت سارُو اڄ به مون کي ائين ياد آهي ڄڻ اُها ڪالهه جي ڳالهه
آهي- سا ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ“ جي اسڪيم هيٺ فارسي ۽ عربي مخطوطات جي ايڊيٽنگ
جي ٻوليءَ متعلق هئي. ڪن دوستن جو خيال هو ته اُهي ڪتاب اردوءَ ۾ ايڊٽ ڪيا وڃن، ڇو
ته اردو مرڪزي ٻوليءَ جو درجو وٺي رهي هئي، ۽ اُن تحقيقي اشاعتي اسڪيم لاءِ گرانٽ
به مرڪزي حڪومت کان بورڊ کي مليل هئي. منهنجي صلاح هئي ته هي ڪتاب اصل جنهن ٻوليءَ
۾ هجن، اصولي طور اُن ئي ٻوليءَ ۾ ايڊٽ ٿين- بشرطيڪ اُنهن جو سڌو واسطو اُنهن ئي
ٻولين جي قومن ۽ ملڪن سان هجي. پر سڀ کان بهتر هو ته اُهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ٿين،
ڇو ته اُنهن جو سڌو، اڻ سڌو، هر طرح جو لاڳاپو سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان هو، ۽ اِن
طرح انهن سان وري اُها بي انصافي به ڪا نه ٿيندي، جو جيئن ايترا سَوَ سال اُهي
ڌارين ٻولين ۾ لکيل هجڻ سبب هِتي اسان وٽ مٽيءَ جي مڻن هيٺ لَٽيا رهيا، ڪو سندن
پُرسان حال ڪو نه هو، ڪو سندن پڙهڻ وارو ڪو نه هو، تيئن هاڻي به جي اُهي فارسيءَ ۽
عربيءَ ۾ ئي ايڊٽ ٿيا ته اُهي وري به اُنهيءَ ئي گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾
اسان وٽ دفنيا پيا رهندا! انهن کان سواءِ، خود سنڌي ادبي بورڊ به سنڌي ٻوليءَ جي
ئي فروغ لاءِ قائم ٿيل ادارو هو، ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا
ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سِرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سِرجڻُ-ڪِن
تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سِرجڻُ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي
مرڪز جو وجود ۾ اچڻُ! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به اِنهيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا
هئا ته پنهنجي ڳالهه تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن! هِن
منهنجي ايڏي وڏي لُڙ تي اسان جو سجاڳ ذهن ۽ روشن ضمير بزرگ ۽ دوست، حسام الدين،
بنهه ڇِرڪي ويو هو. ۽ پوءِ هُن پنهنجا اُن اسڪيم هيٺ تقريباً سڀ (فارسي) ڪتاب
سنڌيءَ ۾ يا فارسيءَ ۾ ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيا هئا ۽ اِئين سندن پهريون ايڊٽ ٿيل فارسي
ڪتاب ”مثنوي چنيسر نامه“ 67 صفحن جي سنڌي مقدمي سان شايع ٿيو: پاڻ ئي اُن جي اردو
شڪل ڦيرائي، سنڌيءَ ۾ آڻي، اشاعت لاءِ مُسَودو پريس کي ڏياري موڪليو هئائون. حسام الدين جملي 41 ڪتاب اسان وٽ ڇڏيا آهن: 12 سنڌيءَ ۾، 25 فارسيءَ
۾ ۽ 4 اردو ۾. سنڌي ادبي بورڊ سندن ڪل 16 ڪتاب شايع ڪيا: 13 فارسيءَ ۾ ۽ 3 سنڌيءَ
۾. تقريباً انهن سڀني 16ڪتابن تي، ۽ پنهنجي آخري ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ تي
پيش لفظ لکڻ جو شرف به پاڻ مون کي ڏنائون (۽ اُهو ڪيڏو شرف هو- تنهن جو اندازو اِن
مان لڳي ٿو ته پاڻ ڪنهن به پنهنجي ڪتاب جو پيش لفظ ٻئي کان نه لکايائون)- اُنهن
سورهن ئي ڪتابن تي لکيل پنهنجي ديباچن ۾، منهنجو نالو وٺي، آءٌ جيڪو سندن نيازمند
هوس، منهنجي قدر افزائي ڪئي هئائون. سندن ٻن شاهڪار سنڌي ڪتابن جا خود نالا به- ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سندن چوڻ تي منهنجا رکيل آهن- ۽ اِها
ڳالهه به اِنهن ڪتابن جي پنهنجن ديباچن ۾ پاڻ ڪئي اٿن. اِن مان اوهين منهنجي ۽
حسام الدين جي وچ ۾ دل جي سنٻڌ ۽ خيالن جي هم آهنگيءَ جو اندازو ڪري سگهو ٿا، ۽
انهيءَ سد-ڳڻيءَ ڳالهه جو مُلهه ۽ احساس هِن مضمون لکڻ وقت، جو مون سندن اِهي ڪتاب
اٿلايا پٿلايا، تڏهن ويتر وڌيڪ مون کي ٿيو.
عزيزو، جيئن ماضي حال جي ڪم اچي ٿو، پر حال جي ماضيءَ کي ڪا گهرج
ڪانهي، تيئن اسان جا عزيز ۽ بزرگ جيڪي پنهنجي عمر جو دؤر گذاري اسان کان جدا ٿي
وڃن ٿا، اُهي به اسان جي ڪم اچي سگهن ٿا پر اسان جي ڪا به ضرورت انهن کي ڪانه ٿي
رهي-نه اسان جي قبرن جي، نه قبن جي، نه سلامن جي، نه چادرن جي، نه مانين ۽ دعوتن
جي: اِنهيءَ معنيٰ ۾ هو اسان لاءِ زنده جاويد آهن، بشرطيڪ اسين اُنهن جي ڳالهين ۽
ڪمن مان فائدو وٺون-اسين هُنن لاءِ ڪنهن به معنيٰ ۾ ڪجهه نه آهيون. پر ماضيءَ مان
۽ پنهنجن گذري ويل عزيزن ۽ بزرگن مان ڪهڙو ڪم وٺون ۽ ڪيئن ڪم وٺون، جو اسان کي فائدو
پوي-۽ اسين پنهنجو فائدو ڪنهن ۾ ٿا سمجهون ۽ ڪهڙو ٿا سمجهون-حال جو شعور ۽ ماضيءَ جو فهم، زندگيءَ جو شعور ۽ تاريخ جو فهم اِنهيءَ کي چئبو آهي. اڪثر
حالتن ۾، هونئن نه ته حالُ به اسان لاءِ چَٽِي ۽ ماضي به اسان لاءِ اُن چٽيءَ مٿان
چٽي بڻيل رهي ٿو، ۽ ظالم ته چاهيندا ئي آهن ته مظلومن لاءِ هردم اِئين هجي، ۽ پوءِ
به ائين سمجهيو وڃي ته سڀ گلشن صدبهار ۾ ويٺا آهيون ۽ گلشن هزار بهار اڃا ئي اسان
لاءِ اڳتي هَڪيو تيار آهي!
حسام الدين جا سنڌي ادبي بورڊ لاءِ لکيل سورهن ئي ڪتاب تاريخ جا ڪتاب
آهن. ويندي، ماڻهن ۽ واقعن جي سندن ذاتي تاثرات ۽ يادگيرن جو ادبي شاهڪار ”هو ڏوٿي
هو ڏينهن“ به. سندن سڄي محويت، سڄو ذوق ۽ پورو نياز تاريخ سان وابسته هو-سنڌ جي
تاريخ سان ”مڪلي نامو“ سندن ڪتاب، سنڌ جي تاريخ تي هڪ بي مثل تصنيف آهي. اُن جي
مقدمي ۾، سنڌ جي تاريخ لاءِ اُن پنهنجي سچي ۽ ڪامل جذبي جو بيان هيئن ڪيو اٿن:
”سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به ڪنهن سليقي سان هٿ نه لاٿو آهي، اُڙيا ٿڙيا مقالا ۽
چوپڙيون لکيون ويون آهن، ليڪن تفصيل ۽ سلسلي سان اُنهيءَ ڏِس ۾ ڪنهن جاکوڙ ڪانه
ڪئي آهي. اِنهيءَ جو وڏو ڪارڻ يقيناً هڪ اِهو به آهي، جو مواد يڪجاءِ ڪونه ٿو ملي،
ڪتابن ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان ٻاهر گهڻو آهي. خود ڪتابن جو مسئلو به ڪو آسان ڪم ڪونه
آهي، سواءِ چند سڌاول ڪتابن جي ٻئي ڪتابي مواد جو علم ۽ اُنهيءَ تائين پهچ هر
ڪنهن جي وس ۽ وت ۾ ڪانه آهي. قبرستان تائين پهچڻ، انهن جي ڪتبن کي تاريخ جي لکڻ ۾
ڪتب آڻڻ، سنڌ اندر، ڪو دستوري ۽ مروج طريقو ڪونه آهي. حسام الدين راشدي لکيو هو
ته، ”سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کان، تاريخي
مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي، سنڌ جا سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن،
سنڌ کان ٻاهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي، تنهن جي وڏي پيماني تي
تلاش ڪري، اُن کي يڪجاءِ ڪجي. ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻيءَ تهذيب ۽ ڪنهن به
اصل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻُ ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي. خصوصاً سنڌي قوم،
جنهن جا اصول، عادتون ۽ اطوار، جنهن جو نقطهءِ نظر ۽ مسائلن متعلق جنهن جا نظريا
مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهن جي فڪر ۽ روش کي پروڙي، اُن جو تجربو ڪري، ڪا صحيح
تاريخ لکجي، اُن لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي. سنڌ جي مفصل تاريخ جي طلب
ڪرڻ، آءٌ ڀانيان ٿو زيادتي آهي. پهريون ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي.
هي وقت آهي جڏهن اسان کي، انفرادي طرح نه، بلڪ اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ ۽
جذبي سان مواد ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهريون اسباب گڏ ڪرڻو پوندو آهي،
اوساريءَ کي اُسارڻُ پوءِ جو ڪم آهي.“ حسام الدين جو هيءُ ڪتاب 1966ع ۾ شايع ٿيل
آهي. اُن ۾ سنڌ جي ادبيات فارسيءَ جي سَرَ موڙ، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو
فارسيءَ ۾ لکيل ”مڪلي نامه“ 96 صفن تي آيل آهي.، ۽ وڌيڪ 35 صفحن جو سنڌيءَ ۾ تعارف
۽ مقدمو، ۽ 743 صفحن تي پکڙيلَ سنڌيءَ ۾ ”تعليقات ۽ حاشيا ۽ ڪيترن ئي ناياب ۽ نئين
سر ترتيب ڏنل شجرن ۽ نقشن سان گڏجي جملي 136 تصويرون شامل آهن. ڪتاب جي تعليقات
سان 14 نمبر تي مرزا عيسيٰ ترخان (ثانيءَ) تي لکيل مقالي جون، ’آف پرنٽ‘ طور، 391 صفحن تي مشتمل، ۽ لاڳاپيل شجرن، نقشن ۽ تصويرن سميت، جدا
ڪتابي صورت ۾، 50 ڪاپيون، پاڻ پنهنجي ذاتي مصرف لاءِ تيار ڪرايون هئائون، جن تي
پريس مان نڪرڻ جو سال 1967ع لڳل آهي-اُنهن مان هڪ ڪاپي پاڻ مون ڏانهن ڪوهاٽ موڪلي
هئائون، جا مون وٽ سندن هڪ بي بها سوکڙيءَ طور سانڍيل آهي: اُن تي پاڻ جيڪو خاص
انتساب ڇاپرايو اٿن-دريا خان دولهه جي نالي-ان ۾ به اسين وطن جي پيار سان ٽمٽار
سندس روح جي گهرائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا-لکن ٿا:
”دريا خان دولهه!
”پنهنجي قلم جو هيءُ پورهيو، ڪمال قرب ۽ نياز منجهان، تنهنجي
”’مبارڪ نالي‘ سان منسوب ڪريان ٿو.
”هن ڪتاب ۾ اُنهن ڌارين جي عبرت انگيز پڄاڻيءَ جو داستان آهي:
-جيڪي ”خرابيءَ سنڌ“ جو باعث بنيا!
-جيڪي اسان جي ڪمزورين جو فائدو وٺي،
اسان جي وطن جا والي بڻجي ويٺا!
-جن جو مقابلو ڪندي، تون سِرُ ڏيئي سُرهو ٿئين!
”اڄ اُنهن جو پونير ڪوبه ڪونه آهي
”اڄ تنهنجي پونير سارِي سنڌ آهي.
”هو فنا ٿي ويا:
”تون زنده جاويد آهين.
”سورهيه! توتي سنڌ جو سلام آهي!-حسام الدين راشدي“
No comments:
راءِ ڏيندا