خدا بخش ابڙو
رنگن ۾ ساهه ڦوڪيندڙ
معصوم سنڌي
سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو ھڪ
اعليٰ آرٽسٽ/ مصور خدابخش ابڙو، جنھن جو فن نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي. پاڻ
12 اپريل 1957 ع تي ڄائو. ھيءُ مصور، انساني جذبن، احساسن ۽ تصورن جو اظھار پنھنجي
فن وسيلي ڪرڻ جو ماھر آهي. ھن جي مصوريءَ ۾ رنگن جي نمايان ۽ وقتائتي شموليت قابل قدر
وصف آھي. ھن آرٽسٽ مصور جون تصويرون ملڪ جي سڀني نمائشن ۾ شامل ٿينديون ۽ ڪاميابي حاصل
ڪنديون رھيون آھن.
ھن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ
سوين ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا آھن ۽ 1978ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل طرفان اوارڊ به حاصل
ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح کيس 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر الهداد
ٻوهيي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج “ جي ڊسٽ ڪور جي تخليق تي ايوارڊ ملي چڪو
آھي.
سال 1980ع ۾، ھن قومي سيمينار ۾
سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ھن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ڪمرشل ڊيزائننگ جي وڌيڪ تعليم
حاصل ڪئي.
سندس شادي، سنڌ جي نامياري شاعره
عطيه دائود سان ٿيل آهي. سندس ٻار ’سونهن‘ ۽ ’سُهائي‘ ٻئي آرٽسٽ آهن.
خدا بخش هن وقت روزاني انگريزي اخبار
’ڊان‘ سان لاڳاپيل آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا