عزيز جعفراڻي
محقق ۽
ليکڪ
زاهد اسحاق سومرو /جاتي
هُن ڪڏهن به گرمي يا سردي جي پرواهه نه ڪئي. جيتوڻيڪ سندس اڇي لباس وانگر سڄو مٿو اڇو ٿي ويو ھئس، پر ڪڏهن به تحقيق واري ڪم کان نه مُڙيو. تحقيق جو ڪم سنڌي ادب ۾ ڏکيو ۽ خشڪ موضوع پڻ سمجهيو وڃي ٿو.
لاڙ جي شهر سجاول جي عزيز جعفراڻيءَ، سنڌ توڙي پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ به نه رڳو تاريخدان طور سڃاڻپ ماڻي، پر هو سٺي ليکڪ ۽ محقق سان گڏوگڏ بهترين شاعر پڻ هو. هو لاڙ جي متحرڪ ليکڪن مان هو، جن کي سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪلچر کان وٺي، تاريخ جي رهجي ويل پاسن تي تحقيق ڪرڻ ۽ لکڻ جو چاهه هو.
عزيز جعفراڻي، ديبل بندر کان کڏو بندر تائين، پراڻين شين کي بار بار ڏسڻ ۽ انھن بابت کوجنا ڪري ڪتاب لکڻ ۾ ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي. لاڙ ۾ محمد سومار شيخ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جڏهن تحقيقي ڪم هٿ ۾ کڻي، بدين جي تاريخ يا لاڙ جي علمي و ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جهڙا ڪتاب لکيا، تڏهن عزيز جعفراڻي به ماٺ ڪرڻ بدران تاريخ سجاول رقم ڪئي. سندس اهو ڪتاب شايع ٿيڻ تي پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جهڙو اسڪالر ۽ ليکڪ پڻ حيران ٿي جس ڏيڻ کان نه رهي سگهيو ۽ انهيءَ ڪم کي ڏکيو قرار ڏنو هئائين.
عزيز جعفراڻيءَ پنهنجي زندگيءَ جا ٻه مقصد بڻايا؛ هڪ ادب ۽ ٻيو سياحت.
عزيز جعفراڻيءَ 1960ع ڌاري سجاول ۾ هڪ لائبريري قائم ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، لغت، لوڪ ادب ۽ سياحت کي محور بڻايو. هُن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندن سان رابطا رکيا. ادبي لاڳاپي کي جاري رکندي انهن جي سنڌي لکڻين کي سنڌ جي رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن جو حصو بڻايو. علمي و ادبي گهراڻي جي هن شخص، پنهنجي معلم واري پيشي سان انصاف ڪيو. هُو نهايت محنتي ۽ فرض شناس استاد هو. سندس ڪچهرين ۾ گهڻو موضوع سياحت رهيو.
سال 2002ع ۾ عام چونڊن بعد، ساڻس گڏ گلگت، هنزا ۽ اترين علائقن ڏسڻ ۽گهمڻ جو موقعو مليو. ريڊيو پاڪستان گلگت ۾ سنڌ جي مهمان طور عزيز جعفراڻي، آئون ۽ دوست فيض محمد ميمڻ اسٽوڊيو ۾ پهتاسين. پروگرام جي ميزبان احسان شاهه جي سوالن جا جواب ڏيندي، گلگت، هنزا، اسڪردو، چلاس شهرن ۽ دنيا جي مشهور برفاني جبلن نانگا بربت، ڪي ٽو ۽ راڪا پوشي جي حسن جي تعريف سان گڏ سنڌ جي ميداني بناوت واري قدرتي حسن جي مختلف پهلوئن تي پڻ روشني وجهي، سنڌ ڌرتي ءَسان محبت جو اظهار ڪرڻ کان رهي نه سگهيو.
جعفراڻي صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن مان تاريخ سجاول (پهريون ايڊيشن 1984ع) ۽ سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ سن 1800ع کان 2008ع (ٻيو ايڊيشن 2009ع ۾) ۽ تاريخ جاتي جا نوان ورق 2004 ۾ شايع ٿيا.
جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾؛ ۱ - تحريڪ پاڪستان ۾ ٺٽي جو ڪردار، ۲- بيت المقدس جي تاريخ، ۳
- معصوم محبت (ناول)، ۴ - اسلام ۽ جديديت (ترجمو) ۵ - اسلام ۽ قوميت (ترجمو)، ۶ - رحمان بابا ۽ شاهه جي شاعري جو تقابلي جائزو ۽ ۷ - رحمان بابا جي شاعري. ماڃر جي ادب نوازيءَ سان گڏ ،اترين علائقن بابت چار ڪتاب ۽ شاعريءَ جا ٻه ڪتاب شامل آهن.
هن جيڪا لائبريري قائم ڪئي، ان ۾ 28000 ڪتاب آهن. جنهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي ۽ پشتو اخبارن جو غير معمولي تعداد موجود هئڻ سان گڏوگڏ هن وقت لائبريري ۾ چار سئو رسالا پرڏيهه مان اچن ٿا. اها سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جنهن ۾ پرڏيهه جي مختلف ملڪن جا اهم ميگزين اچن ٿا.
اڄ عزيز جعفراڻيءَ جي وفات کي ٽي سال گذري ويا آهن ۽ لڳي ٿو ته ٺٽي سميت سنڌ جي علمي ۽ ادبي تنظيمن يا ادارن هن جاکوڙي اديب ۽ محقق کي وساري ڇڏيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا