; سنڌي شخصيتون: سيد حسام الدين راشدي - رکيل مورائي

01 April, 2012

سيد حسام الدين راشدي - رکيل مورائي


سيد حسام الدين راشدي
سنڌ جو محب وطن تاريخدان
رکيل مورائي
سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ وطن دوست تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هن  ڌرتيءَ جو اهو سدورو پٽ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي  اهڙي تاريخ سيهڙڻ، سموهڻ ۽ لکڻ ۾ وقف ڪئي، جنهن تاريخ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شان، وقار ۽ اعليٰ مرتبو لڪل هئو پر ان ۾ سنڌ جي شاندار تهذيب، ثقافت ۽ اعليٰ قدر به لڪل هئا ته وري عام ماڻهن جي حقيقي بهادري، وطن دوستي توڻي وطن لاءِ ڏنل قرباني ۽ ان ۾ آيل تڪليفن جو ذڪر به ٿيل هو.


هن عالم پنهنجي تحقيق جو موضوع ئي سنڌ جي ماضيءَ جي وقار ڳولڻ تي رکيو ۽ ان ڳولا ۾ هن حياتيءَ ۾ جيترو سفر ڪيو ان جو ثمر سندس لکيل ۽ ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي مليو، سنڌ جي هن محب وطن عالم سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي زندگي، وطن دوستي، سندن زندگي جو ڪاروهنوار، علمي، تاريخي ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي پنهنجا املهه ڪتاب سنڌ کي ڏنا، مان جيڪڏهن ان حوالي ۾ سندس فقط هڪ ڪتاب جو نالو کڻان تڏهن به هن جي تحقيق جو اندزو ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ جي تاريخ تائين شخصي طور اهو منهنجي پسند جو ڪتاب پڻ آهي، جنهن جو نالو آهي ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ هيءُ راشدي جي الڳ الڳ موضوعن تي لکيل الڳ الڳ وقتن تي پڙهيل مقالن جو ڪتاب آهي. جنهن کي هڪ هنڌ گڏي هڪ ضخيم ڪتاب شايع ڪرايو ويو، جيڪو ڪتاب هاڻ شايد مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي، نه رڳو هيءُ ڪتاب پنهنجي طور تي هڪ اهم دستاويز آهي پر ان تي لکيل مهاڳ پڻ هڪ اعليٰ مهاڳ آهي ۽ ان کان پوءِ سندس جيڪو ڪتاب ادب جي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ جنهن جا اڻ ڳڻيا ڇاپا اچي چڪا آهن، اهو آهي ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“.
اهو چوڻ جي شايد ضرورت نه آهي ته هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب آهي، هن ڪتاب لکڻ جي ڪٿا به عجيب آهي.
راشدي صاحب کي لکڻو هڪ تعزيتي خط هئو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ان خط جي جواب ۾ لکڻو هئو، جنهن ۾ بلوچ صاحب، راشدي صاحب کي لکيو هئو ته لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز گذاري ويو.
۽ ائين راشدي صاحب نواز علي نياز جي تعزيت لاءِ خط لکڻ چاهيو ۽ جڏهن هو خط لکڻ ويٺو ته پوءِ سندس اکين ۽ دماغ ۾ نواز علي نياز، لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جي ادبي، سياسي ۽ سماجي بيهڪ ۽ ان کانپوءِ سموري سنڌ ۽ ان سان راشدي صاحب جو عشق! ائين اهو خط هڪ باڪمال ڪتاب ۾ تبديل ٿي ويو ۽ شايد اهڙو ڪتاب جنهن جو سنڌ ۾ مثال ٻيو نه ملي سگهي.
راشدي صاحب جي وفات اپريل جي پهرين تاريخ تي ٿي ۽ ساڳئي وقت هيءَ سال سندس سئو سالا جنم ڏينهن جو سال به هئو ۽ ادبي ادارن هن سال کي سندس سئو ساله ڪري ملهائڻ جو اعلان به ڪيو پر اسانجي حڪومت هن برک عالم ڏانهن ايترو ڌيان ڏيڻ مناسب نه سمجهيو، جيترو هن ٻين ٻولين جي لکندڙن ڏانهن ڏنو آهي.
ڏوهه اسان جي حڪومت جو نه آهي پر ان ۾ ويٺل سڄاڻ ذهنن جو آهي. جن پنهنجي سموري عمر ۾ نصابن جي ڪتابن کان سواءِ ڪڏهن به ڪو ڪتاب نه ڏٺو آهي ۽ نه پڙهيو آهي. ظاهر آهي ته اهي سيد حسام الدين راشديءَ کي ڪيئن سڃاڻندا.
هُن کي سڃاتو ته شايد ايراني حڪومت، جنهن کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگريءَ سان نوازي پاڻ لاءِ فخر محسوس ڪيو، پر شايد انهن پنهنجي عظيم شاعر حافظ شيرازيءَ کي پڙهيو هئو ۽ ساڳئي وقت ايران جي عظيم تهذيب کان به واقف هُئا. پر شايد سنڌ جي بدقسمتي آهي جو ان جي حڪمرانن نه سنڌ جي عظيم تهذيب سان شناسائي رکي آهي ۽ نه ئي پنهنجي عظيم شاعر ڀٽائيءَ سان ۽ نه ئي وري سنڌ جي تاريخي ۽ ادبي ڪتابن سان! ظاهر آهي ته اهي سنڌ جي هن عظيم محبت وطن تاريخدان جو سئو سالا جشن ولادت ڪيئن ملهائيندا؟ جنهن شخص سان سندن شناسائي نه هجي. اڄ راشدي صاحب جي وفات جو ڏينهن آهي، هو مڪليءَ ۾ سُتل آهي، سندس اکين ۾ سنڌ جي قديم تاريخ بند آهي. جنهن کي کولڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ فقط ائين ڪرڻو آهي ته سندس زندگيءَ ۾ نڪتل سموريون تاريخي تصويرون ڇپايون وڃن، سندس خط ڇپايا وڃن، سندس يادگيريون ڇپايون وڃن ۽ سندس رهجي ويل سڀ ڪتاب ڇپايا وڃن ۽ اهو ڪم سنڌ جو ثقافت کاتو ڪري سگهي ٿو، سنڌي ادبي بورڊ ڪري سگهي ٿو ائين ڪرڻ سان نه رڳو راشدي صاحب جو رهجي ويل ڪم ظاهر ٿيندو پر ممڪن ته سنڌ جي تاريخ جا ڪي لڪل پهلو به ظاهر ڇپجي ظاهر ٿين. اسين اميد ڪريون ٿا ته اسان جا ادارا اهڙو نيڪ ڪم ستت ئي پنهنجي هٿ ۾ کڻندا ۽ بس!!

No comments:

راءِ ڏيندا