بانو محبوب جوکيو
سنڌي اديبا ۽ شاعرا
معصوم سنڌي
شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو،
25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي. سندس اصل نالو غلام بتول
آهي.
هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ
اسڪول مان ڪئي. جڏھن ته 1994ع ۾ ايم. اي سنڌي ۽ ايم ايس سي اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ڌاري
شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي
جي نياڻي، نامياري آرٽسٽ اياز جوکيي، صحافي اخلاق جوکيي ۽ اديب تعليمي ماهر الطاف جوکيي
جي ڀيڻ آهي. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين.
سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’سرتيون‘
رسالي کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي.
گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس
۾ ليڪچرار آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ
به کڻي چڪي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا