; سنڌي شخصيتون: حضرت سائين ميمون شاهه - شاهه خالد

06 April, 2012

حضرت سائين ميمون شاهه - شاهه خالد


حضرت سائين ميمون شاهه
گادي نشين سخي ڏاتار
شاهه خالد ڏاتار وارو
دنيا ۾ دين اسلام امامن عالمن درويشن جي تبليغ ۽ روحاني فيض جي ڪري پکڙيو. جن هڪ الله پاڪ جي ذڪر فڪر ۾ مشغول رهي، خدا پاڪ جي خلق کي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ، پنهنجيون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. جيڪي به نامور درويش روحاني رهبر ٿي گذريا آهن. تن مان حضرت سائين سيد ميمون شاهه مرشد به هڪ آهي. پاڻ هند سنڌ جي مشهور بزرگ درگاهه سخي ڏاتار جميل شاهه گرناري رح جن جا سجاده نشين هئا. سندن والد جو نالو سائين براق شاهه هو. براق شاه جي شهادت کانپوءِ پاڻ 13 سالن جي عمر ۾ گادي نشين مقرر ٿيا. 52 سال درگاهه سخي ڏاتار جا گادي نشين رهيا. پاڻ ٻاراڻي عمر کان وٺي ڪچهرين جا ڪوڏيا هئا. پاڻ درويش بزرگ ڏاتاري قوم جو روحاني پيشوا رهبر امام بارگاهه مسجد انجمن سجاديه جو سرپرست اعليٰ هئا. سندن وصال کي ڪئين ورهيه ٿي ويا پر اڄ به يقين نٿو اچي ته ڪو اسان کان وڇڙي ويو آهي. هيءَ دنيا فنا آهي، موت اٽل ۽ برحق آهي. جو اسان مان هر هڪ تي اچڻو آهي. ليڪن هتي اهي ماڻهو مري به مات نه ٿيندا آهن جيڪي زنده دل هوندا آهن.


سائين جي تربيت عملي فقيري ۽ درويشي رنگ ۾ ٿي. جنهن کي هنن احسن انداز ۾ ڪاميابي سان نڀايو. سندن اٿن ويهڻ ۽ ڳالهائڻ مريدن لاءِ مشعل راهه بڻجي ويو آهي. سائين ميمون شاهه ٻه شاديون ڪيون. هڪ سندس خاندان اهلبيت سائين محب علي شاهه صاحب جي نياڻي سان نڪاح ڪيو. هن پاڪ بي بي مان کيس هڪ نياڻي ۽ 3 پٽ عطا ٿيا. انهن جا نالا هي آهن. سائين سڪندر علي شاهه، سائين ديدار علي شاهه (مدد) معراج سائين علي نواز شاهه، سائين ميمون شاهه صاحب ٻي شادي پليجو برادري مان ڪئي. کيس اتان هڪ نياڻي عطا پيدا ٿي. سائين ميمون شاهه بابا رمضان شريف ۾ آخري ڏينهن سڀني کي ٻڌايو ته هي عيد پنهنجي نه آهي. 30 جنوري پهرين شوال يعني عيدالفطر جي رات محفل سماءِ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهر مان نڪتا ۽ درگاهه سخي ڏاتار تي حاضري ڀرڻ وقت، سائين خليفو خدمتگار محمد سليمان هنڱورجو موجود هو. سائين ميمون شاهه درگاهه اندر فوت ٿي ويا. هر طرف آهون دانهون روڄ راڙو ماتم ۽ سڏڪن جو پڙاڏو هو. عيد ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. سندن جسد درگاهه کان حويلي وٽ اچڻ وقت قيامت خيز منظر هو. ڪيترا ئي مرد عزيز ماڻهو بي هوش ٿي ويا. ڪيترا ئي ماڻهو او سائين اسان کي ڪنهن جي سهاري ڇڏي ٿا وڃو چوندي اوڇنگار ڏيئي روئي رهيا هئا. عيد الفطر جي ڏينهن 1418هجري 30 جنوري 1998ع تي سائين کي درگاهه ڏاتار جي احاطي ۾ هزارين آلين اکين جي موجودگي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس وڏي فرزند کي پڳ ٻڌرائي درگاهه جميل شاهه ڏاتار جو گادي نشين مقرر ڪيو ويو.
سائين جي وڇوڙي بعد پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان هڪ روحاني رهبر شفيق بزرگ هستي کان محروم ٿي ويا آهيون. حضرت قبله سائين ميمون شاهه روحاني پيشوا فقير درويش سچا سخي خدا ترس انسان هئا. سندن ڪو به ثاني نه هو. سندس اوطاق ۽ دروازي جي نوڪرن کي ابا پٽ کان سواءِ ڪڏهن به ڪو نه سڏيائون. ايترو ته سخي هئا جو سندن حويلي تي هر وقت فقيرن ۽ سوالين جو ميلو لڳل رهندو هو ۽ ڪو به ماڻهو نااميد ٿي واپس نه ويو. معصوم ٻارڙن سان بيحد محبت ڪندا هئا. سائين جي وڇوڙي سنڌ واسين کي نهوڙي ڇڏيو آهي. منجهن وڏائي اصل نه هئي. هر ماڻهو سان اهڙي ته پيار سان ملندا هئا هڪ ڀيرو ملندڙ سندن مداح بڻجي ويندو هو. سدائين مرڪندا رهندا هئا. اهڙا پيارا، جيءَ جيئارا ماڻهو، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ جي باوجود اسان جي دلين ۾ اڄ به زنده آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا