; سنڌي شخصيتون: رزاق مهر - رضوان گل

11 April, 2012

رزاق مهر - رضوان گل


رزاق مهر
(۲۰ جولائي ۱۹۵۴- ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع)
رضوان گل
موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو.
رزاق مهر ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.


ملازمت جي شروعات، بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي مان، ڊرافٽسمين جي حيثيت سان ڪيائين. جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿيو ۽ ۱۹۸۹ع ڌاري ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد سندس پوسٽنگ جوهي، قمبر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهي. هو آخر تائين، پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان وابسته رهيو.
کيس لکڻ جو شوق ۱۹۷۴ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکي. جنهن بعد هن باضابطا طور ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جن تي کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ انهيءَ همت افزائي جي نتيجي ۾ هن ڊرامن ڏانهن پڻ لاڙو ڪيو.
رزاق مهر جو پهريون ٽي وي ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ آهي. جڏهن پي ٽي وي تي رزاق جا ڊراما هلڻ شروع ٿيا ته کيس تمام گهڻو ساراهيو ويو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو، جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا. جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا.
سال ۱۹۸۲ع ڌاري رزاق مهر جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون ڪٿي آهي“ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ موجود اڪثر ڪهاڻين جو موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل آهي. هن فرد جي انفرادي احساسن تي به ڀرپور ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اڪثر ڪردار جيئرا جاڳندا اسان جي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن. هن هروڀرو خيالي ڪردارن کي جنم ناهي ڏنو. سندس ڪهاڻين جو هيرو غريب ماڻھو آهي. ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه پاڻ هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪتل دانهن“ به لکيائين، جيڪو اڃا تائين شايع ٿي ناهي سگهيو.
رزاق مهر فقط ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه، پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هيو. شاعريءَ ۾ اصلاح امير علي چانڊيو کان ورتائين. غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ خاص طور تمام خوبصورت نظم ۽ آزاد نظم پڻ لکيائين. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ رسالي ماهوار ”نئين دنيا“ ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. جنهن ۾ ڏاڍو ڪارائتو مواد ڏئي ۽ ڀرپور ايڊيٽوريل لکي، پاڻ کي هڪ سيبتي ايڊيٽر طور به مڃرايائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪهاڻيون ۽ ”ڊهندڙ ليڪا“ ڪهاڻيون شامل آهن.
رزاق مهر جي ڪهاڻي ”آڙاهه“ کي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بهترين ڪهاڻيءَ جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سندس ڊرامي ”جياپو“ کي سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ڪلچرل تنظيمن پاران رزاق مهر سان رهاڻيون رچائي کيس مانُ ڏنو ويو.
رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِريي سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ، ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل سندس ڪالم، هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو.
مون کي خوشي آهي ته مان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان، ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته؛ آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو. دوستن جي درميان، سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. کيس اوچتو دل جي تڪليف ٿي ۽ ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع تي بي رحم موت هن کي ڇني، اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر اسان جي دلين ۾ سندس يادون ۽ محبتون هميشه تازيون آهن.




رزاق مهر
نامياري ڪهاڻيڪار جي ياد ۾
ابراهيم لاشاري
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري ڪي ماڻهو علم ۽ و ادب جو روشن مينار هوندا آهن. جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشني جي وسيلي واٽون پيا ڏسيندا آهن، جيڪي وقت بوقت خوبصورت سوچن ۽ حسين منظر نگاري کي لفظن جي مالها ۾ پوئي سموئي، دلڪش لفظن کي جملن جي تريب ڏئي سماج جي عڪاسي کي دلفريب ڪهاڻين جو روپ ڏئي لاجواب ادب تخليق ڪندڙ ۾ لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهي خان مهر جي گهر ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع اڱاري ڏينهن مطابق ۱۸ شوال ۱۳۷۳هجري ۾عبدالرزاق مهر پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. رزاق مهر کي ننڍپڻ کان پڙهڻ جو وڏو شوق هيو، سندس والد کيس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي مراد واهڻ لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ابتدائي پنج درجا مراد واهڻ منجهان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مئٽرڪ (ڊي سي هاءِ اسڪول) لاڙڪاڻي منجهان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين تنهن بعد انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان سال ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪيائين.
رزاق مهر صاحب تعليم منجهان هٿ نه ڪڍيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو منجهان سال ۱۹۷۹ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب جي ڊگري به حاصل ڪري ورتي. رزاق مهر صاحب بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو منجهان ڊرافٽس مين جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، ڪجهه عرصي بعد ان نوڪري مان هٿ ڪڍي هي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙجي ويو، ۽ رزاق مهر صاحب پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
ٿوري عرصي بعد رزاق مهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سال ۱۹۸۹ع امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿي ويو. سندس سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪا ليجز جوهي ڊگري ڪاليج، قمبر ڪاليج، ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو، رزاق مهر کي ڪهاڻين لکڻ جو شوق سال ۱۹۷۴ع ۾ ٿيو هن پهريان پهريان ڪهاڻي (ڪرشن هاٿي جي اڳيان) لکي ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ان وقت ڪهاڻين کي گهڻي موٽ ملي. هن کي وڌيڪ لکڻ جو شوق جاڳيو، ان سلسلي ۾ (سڪون ڪٿي آهي، آڙاهه، وئرٿ زندگي، ٽٽل انسان، جنم جلي، هڪ شخص جو موت، شڪست، پيڙا جي ڪوهيڙن ۾، اهم ۽ نراليون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار سماجي بي وسي اڪيلائي جو احساس، وغيره جو شڪار هوندا آهن هن اڳتي هلي ڊراما لکڻ طرف قلم کنيو، ۽ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي زبردست شاهڪار ڊراما لکيائين. رزاق مهر ڊراما نگاري جي شروعات اسٽيج ڊراما لکڻ سان ڪئي، جن ۾ (بدحواس هيڊ ڪلارڪ، ٽي خانداني بيروزگار، ايف آءِ آر، مولوءَ مت وڃائي جهڙا زبردست لاجواب ڊراما سنڌي ادب کي ڏنا.
رزاق مهر صاحب پاڪستان ٽيليويزن لاءِ به ڪيترا ئي ڊراما لکيا جيڪي اڪثر قسطوار نشر ٿيا. رزاق مهر صاحب جي پي_ ٽي_ وي جي ڊرامن منجهان جهڙوڪ جياپو، وڇوٽيون، پاتال، زندگي ڏانهن، ڦيرو، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر، سفر، زخم زندگي جا، اعتراف، ڌرتي ڌڻي، ۽ درد، واقعي پنهنجو مٽ پاڻ ڊراما آهن.
رزاق مهر جو پهريون ڊرامو جيڪو پي ٽي وي تي نشر ٿيو سو هو (زندگي ڏانهن) رزاق مهر جا ٽيليويزن تي جڏهن ڊراما نشر ٿيا ته سندن مقبوليت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو. سندس پي_ ٽي_ وي تي ڊرامي (جياپو) رزاق مهر جي سڃاڻپ ۾ بي انتها اضافو ڪيو. جياپو ڊرامي سال ۱۹۹۱ع ۾ نشر ٿيو سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر مطلب ته جهر جهنگ ۾ مشهوري ماڻي. سندس ٻي سيريل (وڇوٽيون سال ۱۹۹۴ع ۾ ٽيليڪاسٽ ٿي، جنهن ۾ هن زندگي ۾ ملندڙ جلندڙ ڪهاڻي ڏيکاري وئي، هڪ شڪي مزاج شخص پنهنجي نوڪري ڪندڙ زال تي شڪ رکي ٿو.
نتيجتن هو زال کي تمام گهڻو پريشان ڪري ٿو، ۽ خود کي به سڪون نٿو مليس. سندس ٽيئن سيريل (پاتال) جيڪا سال ۱۹۹۶ع ۾ نشر ٿي، هن ڊرامي ۾ هيروئن ڪلچر ۽ وياج خوري جهڙن سماجي مسئلن تي لکي ڪردارن کي نروار ڪيو آهي. ان کان علاوه رزاق مهر صاحب فقط ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار، ناول نويس نه هو مگر ان سان گڏ هن شاعري به ڪئي ڪالم نگار ٿي سوين موضوعن تي سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم وسيلي مضمون لکڻ ۾ ڪا به ڪمي نه ڇڏي هن شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ نظم ، آزاد نظم ، غزل ۾ ڦن طبع آزماني ڪئي ،عمومن هن نظم ۽ آزاد نظم لاجواب نموني لکي سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪيو ،نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي
منهنجن گيتن ۾ آ بک،
گهربا آهن توکي سک،
منهنجا گيت روئاري توکي،
ڏيندا رهندا هر دم ڏک.

رزاق مهر صاحب سال ۱۹۷۶ع ۾ لاڙڪاڻي منجهان ماهوار شايع ٿيندڙ رسالي ( نئين دنيا پبليڪيشن ) ۽ ماهوار( ڪونج ) رسالي لاڙڪاڻي جي ايڊيٽر طور فرض سرانجام پڻ ڏنا. رزاق مهر جي ڪهاڻي ( آڙاهه) کي سال ۱۹۸۷ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان بهترين ڪهاڻي جي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو .رزاق مهر بهترين ليکڪ ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار کان علاوه بهترين انسان پڻ هو. هي عظيم انسان ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۳ع دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري، هميشه هميشه لاءِ ڦوهه جوانيءَ ۴۹ ۾ سال ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن پنج نياڻيون، هڪ پٽ، ۽ هزارين دوستن کي سوڳوار ڪري اسان کان ڌار ٿي ويو. سندس اڄ لاڙڪاڻي شهر ۾ ۱۴هين ورسي وڏي شان شوڪت سان ملهائي پئي وڃي، سنڌ جا مختلف اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار سندس فن ۽ ڪيل ادبي پورهئي تي روشني وجهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندا.

No comments:

راءِ ڏيندا