; سنڌي شخصيتون: انور سولنگي - رفيق عيساڻي ميمڻ

05 April, 2012

انور سولنگي - رفيق عيساڻي ميمڻ


انور سولنگي
ريڊيو، فلم ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار
رفيق عيساڻي ميمڻ/ حيدرآباد
ناليواري اداڪار انور سولنگيءَ پنهنجي فني زندگي جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان 1973ع ۾ ڪئي. هن ريڊيو حيدرآباد تان، انائونسمينٽ کان شروعات ڪئي. ريڊيو جي ڪافي پروگرامن ۾ ميزباني به ڪيائين. ان کان پوءِ ريڊيو ڊرامن ۾ صداڪاري ڪيائين. اهڙيءَ طرح مرحوم انور سولنگي، ريڊيو حيدرآباد تي لاتعداد سنڌي، اردو ڊراما ڪيا. جنهن ڪري کيس سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي مشهوري ملي. پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نوڪري به ملي، پر اڳتي هلي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شيدائي هجڻ جي ڏوهه ۾ نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ انور سولنگي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن پي ٽي وي تان سوين سنڌي ۽ اردو ڊراما راڻيءَ جي ڪهاڻي، ديوارين، ڄار، جنگل، هوائين، بدنصيب ٿري، خانصاب، آڏي پڇا، ڇوٽي سي دنيا، پاتال، ڪشمڪش، اعتماد ۽ ان کانسواءِ ڪي ٽي اين تان 200 قسطن جي سوپ سيريل فاصلا ۽ گهر بي گهر ۾ اهم رول ڪيا.


مرحوم انور سولنگي ڊرامي جي دنيا ۾ پنهنجي فني حيثيت مڃرائي، ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل به ڪيا. سندس اداڪاري اهڙي شاندار هوندي هئي جو هو هر ڪردار جي گهرائي ۾ هليو ويندو هو. جنهن ڪري سندس ادا ڪيل ڪردار حقيقت جي تمام ويجهو نظر ايندو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي فن کي ارپي ڇڏي هئي.
اداڪاري کانسواءَ انور سولنگي هڪ اديب ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. هن جو هڪ ڪتاب ”وليون وهه گاڏڙيون“ پڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل پڻ ڏني ۽ ڊراما لکيا. پاڻ لطيف سرڪار جو عاشق هجڻ سان گڏ، لطيف سائين جو وڏو پارکو پڻ هو. هو گهڻ رُخي شخصت جو مالڪ هو. کيس سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾، سنڌي فلمن جو وڏو دور هو. جنهن ڪري سئنيما گهرن تي وڏي رش هوندي هئي. پاڻ ان وقت ڪافي فلمن ۾ اهم ڪردار پڻ ادا ڪيائين.
مرحوم انور سولنگي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي اداڪاري ڪرڻ سان گڏ سنڌي چئنلز تي هدايتڪاري پڻ ڪئي. پاڻ جيڪي ڪامياب سنڌي ڊراما ڊائريڪٽ ڪيا، انهن ۾ ”ڪِني آڱر“، ”ستاوڙو“، ”لڱن ڇڏيو ساءُ “۽ ”تماشو“ شامل آهن. هن پنهنجي زندگي جا 40 سال فن کي ارپيا، پر حڪومتي ادارن کيس هميشه نظر انداز ڪيو.
مرحوم انور سولنگي پونئيرن ۾ ست سالن جو معصوم پٽ محمد طلحه ۽ هڪ نياڻي ڇڏيا آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا