; سنڌي شخصيتون: الحاج ولي محمد دادا ڀائي - شڪيل احمد ڪٻر

15 April, 2012

الحاج ولي محمد دادا ڀائي - شڪيل احمد ڪٻر


الحاج ولي محمد دادا ڀائي
سيٺارجا شهر جو باني، سماج سڌارڪ ۽ غريب پرور انسان
شڪيل احمد ڪٻر
هندستان جي جهونا ڳڙهه شهر ۾ جنم وٺندڙ مرحوم حاجي ولي محمد دادا ڀائي انهن شخصيتن ۽ انسانن مان هڪ هو جنهن جيتوڻيڪ جنم ته ٻئي ملڪ ورتو پر آزادي کانپوءِ هندستان ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪري، پاڪستان لڏي اچي، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ پنهنجي ڪاروبار جو آغاز ڪي. جڏهن ته 1951ع ۾ سيٺارجا ۾ برٽش ڪاٽن گروورس کان هتي موجود ڦٽي جو ڪارخانو خريد ڪيو. ان وقت هتي صرف ريلوي اسٽيشن هئي ۽ شهر آباد نه هو. نه وري روڊ رستا ٺهيل هئا ۽ سمورو ڪاروبار پڻ ريلوي ذريعي ٿيندو هو. هن فيڪٽريءَ سان گڏ 200 کان وڌيڪ دوڪان ۽ رهائش لاءِ جايون پڻ ٺهرايون. جيئن هتي شهر آباد ٿي سگهي ۽ پوءِ آهستي آهستي آبادي ٿيندي وئي ۽ اڄ سيٺارجا شهر، خيرپور ضلع جي اهم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان جو سڄو سهرو حاجي ولي محمد دادا ڀائي ڏانهن وڃي ٿو. جنهن جو شهر ۾ اڌ حصو رهيو آهي.


شهر آباد ٿيڻ بعد هتي ڳڙ، ڪڻڪ ۽ ڦٽي جو وڏو ڪاروبار شروع ٿيو. مرحوم ولي ڀائي نه صرف ڪاروبار ڪندي، شهر آباد ڪيو پر سوين ماڻهن کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا. ان کان علاوه هن خدمتن جو سلسلو پڻ شروع ڪيو. مرحوم، شهر جي هاءِ اسڪول ۾ 5 ڪمرن جو دادا ڀائي بلاڪ جوڙائي، ٻارڙن کي تعليمي سهولت ڏياري. ان کان علاوه قبرستان پير ٻوهيو لاءِ 2 ايڪڙ زمين ڏني. سيٺارجا ۾ مسجدن، مدرسن سميت اسپتالن ۾ سهولتون ڏياريون. سيٺارجا ۾ نيشنل، مسلم ۽ يو بي ايل بئنڪن جون برانچون قائم ڪرايون. سندس دور ۾ انهن بئنڪن جا صدر هتان جي وزٽ ڪندا هئا.
مرحوم، خيرپور ٽيڪسٽائل مل ۾ ڊائريڪٽر رهيو. ان کان علاوه ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جو چيئرمين پڻ رهيو. جڏهن ته سيٺارجا ۾ انڊسٽيريل اسٽيٽ قائم ڪرڻ لاءِ به وڌيڪ 80 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جيئن اتي ننڍيون فئڪٽريون قائم ڪري، رهواسين کي وڌ ۾ وڌ روزگار جا ذريعا مهيا ڪري ڏنا وڃن.
مرحوم جو ڪاروبار، جيتوڻيڪ سيٺارجا کان علاوه ڪراچي، محرابپور، اڏيرو لعل، نواب شاهه، ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي به رهيو پر هن سڀ کان وڌيڪ وقت سيٺارجا ۾ گذاريو ۽ هن شهر لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. مرحوم رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ، حاجي عطا محمد خان لنڊ، سيد ارشاد احمد شاهه، سيد منظور شاهه آف هالاڻي، سيد ميرڻ شاهه، ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ، سميت ٻيون اهم شخصيتون سندس حلقه احباب ۾ شامل هيون. مرحوم غريبن جو مددگار ۽ خدا ترس انسان هو ۽ اڪثر لڪيل نموني سندن مدد ڪندو هو.
سندس خدمتن کي اڄ به عزت سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن پويان حاجي محمد عيسيٰ دادا، حاجي يونس ۽ حاجي يعقوب پڻ ڇڏيا آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا