; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر قادر ابڙو - نثار کوکر ۽ ستار زنگيجو

25 April, 2012

ڊاڪٽر قادر ابڙو - نثار کوکر ۽ ستار زنگيجو


ڊاڪٽر قادر ابڙو
پپل جو ڇڻيل پنڙو
نثار کوکر
اها ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن ايتري چٽائيءَ سان سمجهه ۾ ڪا نه آئي هئي، ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي آخري سفر ۾ سندس ئي مٽ مائٽ ۽ پرين پيارا تمام گهڻي جلدي ڇو ڪندا آهن! حقيقت ۾ هو ان مري ويل شخص کان تڪڙو هٿ ڇڏائيندا آهن ته جيئن سندس بي جان وجود وڌيڪ سندن جيءُ نه جهوري. ان سان لاڳاپيل يادون وَر وَر ڏيو دل جو دڳ جهلي بيهن ته ڀلا ڇا ڪجي؟ ان وقت زمين به گونگي ۽ آسمان ٻوڙو بڻجي ويندو آهي. پنهنجو غم ڪير ڪنهن کي ٻڌائي به ته ڇا ٻڌائي! اسلام آباد ۾ ڀوجا ايئر لائين جي تباهه حال ٽڪرن منجهان اسان جي دلبر دوست ڊاڪٽر قادر ابڙي جي جسم جا ٽڪرا سڃاڻي ميڙي هڪ ايمبولينس ۾ وجهي، جڏهن هو روانا ٿيا ته اهو صرف ڊاڪٽر قادر جو آخري سفر ڪو نه هو، پر ايمبولينس ۾ ويٺل سندس دلي دوست اصغر سومري جي به صبر جو امتحان هو. ويهن ٻاويهن ڪلاڪن جي ان سفر ۾ هو ڊاڪٽر قادر جي چاچي کان ۽ چاچو هن کان ڳوڙهن هاڻيون اکيون لڪائيندا رهيا. اکيون ملائين ته ڊنڍڪرن ۾ پئجي وڃن، تنهن کان هنن هڪ ٻئي کي آٿت ڏيڻ جو اهو ئي طريقو ڪڍيو ته آس پاس جي گاڏين ۾ اکيون ۽ تابوت تي هٿ رکيل هجن. ڀرسان ڪا گاڏي گذري ۽ اداسيءَ جا ٻه ٽي ٻول ٻڌائي گم ٿي وئي ٿي.
رب نه ڪري ڪه يه زندگي
ڪبهي ڪسي ڪو دغا دي
ها! واقعي ڊاڪٽر قادر سان ٿي به ته دغا. هن سڄي زندگي جنهن لمحي جو انتظار ڪيو، جنهن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، اهو لمحو آيو ته هن کان زندگي راهه ويندي سفر دوران هٿ ڇڏائي هلي وئي. هن پاڪستان ۾ ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ امتحان ايف سي پي ايس جو پارٽ ٽو لکت ۾ پاس ڪيو ۽ هاڻي هو ان ئي جو زباني امتحان ڏيڻ اسلام آباد پئي ويو. ڊاڪٽر قادر پنهنجي شعبي نفسيات ۾ ماهر ڊاڪٽر بنجڻ پئي چاهيو. ان قسم جي ڊاڪٽرن جي پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري سونهاري سنڌ ۾ ته اڳ ئي کوٽ آهي.
ڪراچيءَ ۾ ڊفينس گارڊن جي طوبيٰ مسجد ڀرسان وارن فليٽن ۾ هن جي ته ڄڻ حياتي گذري هئي. ساڻس پهرين ملاقات به انهن ئي فليٽن ۾ تڏهن ٿي، جڏهن اصغر سان گڏجي سندن فليٽ تي وڃڻ ٿيو. ان وقت به هو پنهنجي ڪمري ۾ اسٽڊي ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه دير بعد اچي هو ويٺو. ڪچهريءَ ۾ قومپرست ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهڻ وارو، پوءِ ڀلي سڄي سنگت ساڻس اختلاف رکي پر هو جيڪا ڳالهه سچ سمجهندو، ان تي ئي ڄمي بيٺل هوندو. هو پنهنجي شعبي سبب بظاهر رونما ٿيندڙ لقائن جا نفسياتي ۽ لڪل پهلو جاچڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو. اياز چواڻي:
رومي ساري رات رنو
حافظ ٽهڪ ڏنو ڇا لاءِ
ٻڌ ته سهي تون اي سقراط
زهر تو پيتو پر ڇا لاءِ
هن چانڊڪا ۽ ايل ايم سي منجهان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ وڃي جو ڪراچيءَ جا وڻ وسايا ته فقير پوئتي مڙي نه نهاريو. قومپرست سياست، سا به سن واري سيد جي، ان جو پرجوش حامي ۽ انهن ئي تنظيمن جي اڳواڻن جو زبردست نقاد به پاڻ. سالن کان عملي سياسي سرگرمين کان پاسيرو پر خبر پل پل جي رکندو ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهندو هو. سندس اهڙي عملي روش ۽ بحث ۾ سخت تنقيد تي اصغر سومرو کيس چيڙائيندو هو ته، ڀلا جي ٻيا خراب آهن ته تو ڪهڙو عملي ڪم ڪيو آهي؟ وڃي سالگرهه، ورسي تي به ڪو نه، اجايو گهر ويٺي حوال ڪرڻ سولا آهن.
اصغر جي اهڙي طعني تي هو پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۽ ڏيهي لهجي وارا مسلسل ٽهڪ ڏيئي چوندو هو؛ ”سائين اڃا هي ٻار آهي، هن ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اچي ڏٺو آهي سياست کي، پر اسان جي منزل اڃا اڳتي آهي. هن جي اها ليول ئي ناهي ته هن سان ڪهڙا ويهي نظرياتي بحث ڪريون“. اهڙن تلخ جملن کان پوءِ آئون اهو تاثر وٺندو هئس ته هاڻي ڊاڪٽر قادر ناراض رهندو اصغر کان، پر وري جو ٻئي ڏينهن چڪر هڻي ڏسان ته ٻئي ڳالهين ۾ ائين جهُٽ لڳا پيا آهن، جهڙو سالن کانپوءِ وڇڙيا مليا هجن. ڊاڪٽر قادر ايترو ته فوڪسڊ ماڻهو هو جو هن، دنيا جهان جا ٻيا سمورا خفا ختم ڪري، هڪ طرفو ٿي، نفسياتي ماهر ٿيڻ لاءِ جستجو ڪئي. انهن امتحانن ۾ هن جا ڪجهه سال مِس ٿي ويا ۽ هن جا بئچ-ميٽ هاڻي برطانيا ۽ سعودي ۾ ماهر نفسيات آهن، پر هن امتحانن ۾ ابتدائي ناڪاميءَ کي پاڻ تي مسلط نه ڪيو. دوستن دشمنن جي ٽوڪن طعنن جي باوجو، هو مستقل محنت ڪندو رهيو. ان دوران هن جناح اسپتال ۾ به ڊيوٽيون ڪيون ته نجي اسپتالن ۾ به ڪم ڪيو. هاڻي ڪجهه وقت کان هو ضياءُ الدين اسپتال ۾ پڙهائي به رهيو هو ۽ ڪم به ڪري رهيو هو، پر پنهنجي امتحانن مان به ڪڏهن هٿ نه ڪڍيائين. اها سندس طبيعت هئي، الاءِ پڙهائيءَ جو اثر، جو هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي.
ڊاڪٽر قادر سان صرف سنجيده ۽ پيشيواراڻن مامرن تي ئي نه پر ڪيترن ئي هلڪن ڦلڪن موضوعن تي به گفتگو ٿيندي رهي. ان رات اصغر ۽ مان ڏاڍو کلياسين، جڏهن هو منهنجي سن سيٽ واري فليٽ تي آيا هئا ۽ کيس سگريٽ بدران سگار دکائڻ لاءِ ڏنوسين. ڪاٺ جي تيلين واري ماچيس سان سگار دکائڻ ڊاڪٽر لاءِ مشڪل مرحلو ٿي پيو، پر هن سگار مان هٿ نه ڪڍيو. سُوٽا هڻڻ ڪري سندس سڄو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اسان ٻئي کل ۾ ويڙهيا پيا هئاسين، پر ڊاڪٽر بُنڊيءَ جهڙو سگار دکائڻ ۾ ڪامياب ويو. ڊاڪٽر قادر ڪراچيءَ جي ايليٽ طبي ادارن ۾ ويندو، پڙهائيندو ۽ ڪم ڪندو رهيو، پر عشق معاشقي جي چڪرن کان پري رهيو. سندس شادي ۽ عشق جي موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن هلڪي ڦلڪي موڊ ۾ کانئس پڇندا هئاسين ته چوندو هو؛ ”پهرين اصغر جي شادي ڪرايو، ان جي حالت ڏسان ته پوءِ اسان به ڪنداسين.“ اهو ته هو، ڳالهه ٽارڻ لاءِ مذاق ۾ چئي ويندو هو. پر اصغر ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر جو خيال هو ته؛ هن معاشري ۾ ماڻهو پنن، پٿرن ۽ لوهه کان متاثر آهن. ڪنهن شخص جي اهليت، علم، طبيعت، وجود ڪا معنيٰ نٿا رکن. انهن لفظن جي وضاحت ڪندي چوندو هو ته؛ پنا يعني پئسا، پٿر يعني عمارتون ۽ لوهه يعني گاڏيون. ڪنهن به رشتي لاءِ وڃو، توهان کان اهي ٽي شيون وڌيڪ اهميت رکندي ملنديون. تنهن ڪري شايد هو ان پاسي کان آجو هو ته جڏهن پنا، پٿر ۽ لوهه اچي ويندو ته شادي به ٿي ويندي. پر هاڻي هو انهن سڀني شين کان آزاد آهي. ڇو ته هو ان سماجي ترجيحات کان به نجات حاصل ڪري چڪو آهي.
منهنجي لاءِ اهو تصور ئي دل کي ڏڪائي ڇڏي ٿو ته هاڻي ڊاڪٽر قادر ابڙي جهڙي دلبر دوست سان ٻيهر ڪڏهن به ملاقات نه ٿي سگهندي. اي هيلوڪا اپريل! تون ڪيڏو نه ڳرو ثابت ٿيو آهين، تو ڪيڏا نه گهرا گهاءُ ڏنا آهن. ڊاڪٽر قادر! تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪريان؟ سنڌ سان ئي ڪريان ٿو، جنهن سان تنهنجي ضدي ٻار جهڙي جذباتي محبت هئي.




قادر ابڙو
ھوائي حادثي ۾ ٿيل هن نقصان جو ازالو نه ٿو ٿي سگھي
ستارزنگيجو
قادر ابڙو گھڻن قلم ڌڻين، قومي ڪارڪنن جو همدرد دوست ليکڪ ۽ سنڌ سان انتها درجي جي محبت ڪندڙ فرد هو. هن کي ڄاڻ نه هئي ته پنڊي جنهن سنڌين لاءِ سدائين صدمن جا سنهيا پي ڏنا آهن. انهي ساڳي شهر ۾ هن جو (انتم سنسڪار)  ڀوڄا هوائي حادثي ۾ ٿيندو ۽ هن جون ارٿيون، هن سان ڏهه سال هڪ فليٽ ۾ گذاريندڙ هن جو پيارو دوست اصغر سومر سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ شهرن کان ٿيندو، روڊ رستي کڻائي، هن جي اباڻي ڳوٺ در محمد ابڙي ڪي اين شاهه دادو پهچندو. شايد هيل تائين گھڻن دوستن کي هن جي موت جو وشواس نه پيو اچي، ڇو ته ڪنهن به هن جو آخري ديدار نه ڪيو آهي. لڳي پيو ته هو ايف سي پي ايس ڪري، نوڪري لاءِ پرڏيهه هليو ويو آهي. شايد اهو دلاسو ڏئي، اسين پاڻ کي حوصلو ڏئي رهيا هجون. سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو نفسياتي بيمارين جو شڪار آهن ۽ ڊاڪٽر قادر ابڙو سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن ڊاڪٽرن مان هو جن خاص نفيسات جي شعبي  ۾ ايف سي پي ايس ڪئي هئي. انهيءَ ساڳئي حادثي ۾ ڊاڪٽر اسد مڱريو پڻ اسان سان نه رهيو آهي. جيڪو پڻ نفسيات جي شعبي جو ماهر هو. هي ٻئي ايف سي پي ايس جي زباني امتحان لاءِ وڃي رهيا هئا جيڪو 24 اپريل تي رکيل هو. ڪجهه ڏينهن اڳ، وڃي هوٽل تي رهي تياري ڪرڻ پي چاهي.
ڊاڪٽر قادر ابڙو نه رڳو نفسيات جي شعبي جو ماهر پر قومي ۽ سياسي سوچ جي حوالي سان مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مستقل طور لکندو پڻ رهيو. هن جي معصوم ۽ فقيراڻي طبيعت ڪنهن به دوست کان وسارڻ جهڙي ٿي ئي نه ٿي سگھي. هو سنڌ جو يگانو عاشق هو. هو به سنڌ جو الستي عاشق هو. هن کي گھڻن دوستن 23 مارچ 2012ع جي فريڊم مارچ ۾ هڪ جذبي سان شرڪت ڪندي ڏٺو. هو ڪل وقتي سياسي ڪارڪن نه هو پر سنڌين لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر هڪ وڏي اجتماع ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. ڪراچي ۾ علاج واسطي ايندڙ سنڌين لاءِ پاڻ وڃائڻ جي حد تائين هليو ويندو هو. هن کي ايف سي پي ايس جي امتحان ۾ رڳو ان لاءِ به فيل ڪيو ويندو هو ته پنجابي ڳالهائيندڙ ڊاڪٽرن جي تعصبي روين خلاف کين سچيون ٻڌايندو هو. سنڌ ۽ سنڌ جي قومي سياست لاءِ  تنقيدي لفظ نه ٻڌندو هو ان لاءِ هن وٽ اهو دليل هوندو هو ته تنقيد اهي ڪن جيڪي قومي سياست جو مستقل حصو هجن. سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس، جيڪو سڻڀيون نوڪريون وٺي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن بابت ڪي سٺا ويچار نه رکندا هجن. سنڌ ۾ گھڻا ئي دوست ڊاڪٽري جون سٺيون ڊگريون وٺي پڙهي لکي پرڏيهه هليا ويندا آهن پر هن طئه ڪيو هو ته هو سنڌ جي پٺتي پيل علاقن ۾ وڃي ماڻهن جي انسانن جي خدمت ڪندو. هن سنڌ جي قومي سياسي نفسيات بابت ڪتاب اڻڻ جو پي سوچيو پر نه ڄاڻ ته هو ڀوڄا جهاز حادثي ۾، سنڌ ۽ دوستن کي ايترو وڏو نقصان ڏئي ويندو. جهاز جي حادثي لاءِ تمام گھڻا جواز ٻڌايا پيا وڃن پر ٿيل نقصان جو ازالو ايترو سولو نه ٿيڻو آهي.




حوصلو ڏياريندڙ دوست جو ڇوڙو
ڊاڪٽر مشتاق شيخ/لياري

جيتوڻيڪ موت برحق آهي، پر جيڪو موت لالچي فردن ۽ گروهن جي سوچ ۽ عمل سبب ٿئي ٿو، ان موت جو حساب ڪتاب ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اهو حساب ڪتاب هن رياست جي جوڙجڪ ۾ ممڪن به ته نظر نٿو اچي، جو ڀوجا ايئر لائين جا مالڪ هن ڪرپٽ سسٽم ۾ دولت جي ذريعي پاڻ کي بچائڻ جا گر ڄاڻن ٿا. اهڙي ئي سسٽم کان مرحوم قادر ابڙو به بيزار هوندو هو. هو اهڙو منفرد نوجوان هئو، جنهن جو ڀوجا ايئر لائين وارا نقصان ڀرڻ جي قوت ئي نٿا رکن. جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگرد سياست دوران قادر ابڙو اسان جي سرگرمين کي سپورٽ ڪيو هو ته اسان سندس ڪلاس جي ٻين شاگردن ۾ قادر ابڙو جي ذريعي ٻيا دوست ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئاسين. هن جي جرئتمندي، تنقيدون ۽ وزندار صلاحون اسان لاءِ سگهه جو ذريعو بڻجي ويون هيون. ڪو به تنظيمي ڪم ڪار ۽ فيصلو ڊاڪٽر قادر جي صلاح کان سواءِ اڻپورو هوندو هو. هو تمام سلڇڻو ۽ سادو شخص هو، سندس شخصي تعلقاتن ۾ لالچ ۽ خوف جو پاڇو به ويجهو نه اچي سگهندو هو. رسمن جي ڪوڙڪين، طبقاتي اوچ نيچ جي کيس ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. قادر اڄ اسان کي  چئي رهيو آهي ته جيڪي گروهه دولت جي لالچ ۾ انساني زندگين سان کيڏن ٿا، انهن کي هيڻو ڪيو، ۽ اسين جيڪي دنيا جي وهنوار ۾ محدود ٿي ويا آهيون، سي ٻه ڳوڙها اکين مان وهائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون. قادر جنهن مون سان واعدو ڪيو هو ته پاڻ گڏجي سنڌ جي نفسياتي معاملن جو اڀياس ڪنداسين، ان اڀياس سان سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي عوام جي خيالن، نفسياتي روين جي ڄاڻ ملندي، اهو اڀياس به هن  جي تنها زندگي جيان تنها ٿي رهجي ويو. جيڪي ماڻهو هن سان مليا، سي سڀ ماڻهو هن تي فخر ڪري سگهن ٿا، اسان ته ان سان گڏجي زندگي جا ڪيئي درد ان جي آڏو اڇلائي ايندا هئاسين ۽ هو هلڪي مسڪراهٽ سان چانهن پياري حوصلو ڏياري روانو ڪندو هو. زندگي جا مسلسل ڏک، درد برداشت ڪرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿي چڪي آهي. پر قادر جي المانڪ وڇوڙي موت کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪنڌ ٽيبل تي هڻي ڇڏيو آهي. پر موت کي ڪير ٿو شڪست ڏئي سگهي؟؟؟

No comments:

راءِ ڏيندا