; سنڌي شخصيتون: کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي

30 April, 2012

کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي

سائين کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي
فاني آ غير فاني
ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو
سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فراواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه، لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي؛
ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،
ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،
سائين کيئلداس”فاني“ وليرام بيگواڻي، تاريخ چوٿين اپريل ۱۹۱۴ع ۾ سنڌ ڌرتي جي لاثاني ڳوٺ”مياڻ جي ڳوٺ“ تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو. ”ميان جو ڳوٺ“ شڪارپور جي اوڀر اتر طرف (همايون کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي) آهي. سنڌ جو مشهور ادبي رسالو”سنڌو“ ۱۹۳۲ع ۾ پهريان شڪارپور مان جاري ٿيو، ۽ پوءِ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع کان جون ۱۹۳۹ع تائين ۽ ۱۹۴۳ع کان ڊسمبر ۱۹۴۶ع تائين ميان جي ڳوٺ مان پڌرو ٿيو.”سنڌو“ رسالي جو ايڊيٽر مسٽر بولچند وسومل راجپال به اصل ”ميان جي ڳوٺ“ جو رهاڪو هو. ميان جي ڳوٺ جو ماحول به شڪارپور جي علمي ماحول وانگر هو. گويا ائين کڻي چئجي ته”ميان جو ڳوٺ“ ڄڻ شڪارپور جو ورش (ڌرتي ۽ ٽڪر) آهي. ميان جو ڳوٺ جا ٻيا عالم-اديب ۽ شاعر هئا، سائين ڪريم بخش ٽانوري، لڇمڻ راجپال، پرڀداس، وسومل راجپال ۽ محمد عظيم سميجو. اهڙي علمي-ادبي ڳوٺ جي ماحول ۾ سائين کيئلداس”فاني“ ڄائو-نپنيو. ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سائين ڪريم بخش ٽانوريءَ کان حاصل ڪيائين. جنهن لاءِ پاڻ هڪ خط ۾ لکيو اٿائين ته:”استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جهڙو معلم ۽ منتظم، بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون سان ٻيو ڪونه مليو.“ ”فاني“ صاحب ننڍپڻ کان ئي اهڙن قابل استادن جي صحبت ۾ رهيو، جن جي اثر ۽ رنگ ۾ رنڱجي ويو.


ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مزيد تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ لڳو. تعليم دوران سن ۱۹۲۹ع ڌاري آغا غلام نبي”صوفي“ جي صحبت ۾ شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. ان وقت هو شڪارپور ۾ ٿيندڙ طرحي يا غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو ڪلام پيش ڪندو هو. ان وقت شڪارپور ۾ تمام گهڻا مشاعرا ٿيندا هئا. ڪيترن مشاعرن جي صدارت ته ڪوي ڪشنچند ”بيوس“ ڪئي هئي. بيوس جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي نه سگهندو ته پنهنجو شعر ڏياري موڪليندو هو. ان دور ۾ مشاعرن ۾ شڪارپور مان آغا غلام نبي”صوفي“ فقير غلام علي”مسرور“، لطيف الله ”جوڳي“، ساز علي”ساز“، کيئلداس ”فاني“ ۽ هولا رام”پورن“ ۽ ٻاهران غلام علي”جعفري“، نواز علي”نياز“، محمود ”خادم“، ماستر قادر بخش ”بشير“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا. سائين”فاني“ صاحب جي ان وقت جي هڪ مشاعري ۾ پيش ڪيل غزل مان چند سٽون هت ڏجن ٿيون:
ٻاهر ڪڍون نه ٻاڦ سراپا ڳنڀير هون،
رکندا سدائين دوست لئه دل ۾ اڪير هون،
دولت کي لت هڻي اسان الفت کي چميوسي،
هئاسون امير هاڻي گداگر فقير هون.
ڪي سال بري حال محبت ۾ ٿيا گذشت،
آهيون ڪبير راهه - عشق ۾ صغير هون.
دعويٰ جي ڪئي دوست ته ڌاريا ڇو وچ پون،
پاڻهي جوابدار ۽ پاڻهي مشير هون.
مان محبت ڀري دنيا کي وسائي نه سگهيس،
پيار جي ريت مان ڪنهن ريت نڀائي نه سگهيس.

هو اچي مون کي ڏسي غم جو غم نه ڪري،
مان کلندي کلندي مگر لڙڪ لڪائي نه سگهيس.

سونهن ۾ ڪيڏي ڪشش آهه اڃان پر ڇا ڪجي؟
پاند ڇرڪن کان زماني جي ڇڏائي نه سگهيس.

داغ ڌوئي نه سگهيس ايترو روئي نه سگهيس،
دوش دامن تان هٽائڻ سان هٽائي نه سگهيس.

منهنجي همدردي جي حد آهه جو وچ سير ته ڇا،
مان ڪناري تي به ٻڏندي کي بچائي نه سگهيس.

آهي حرفت جي محل تي ڪو فضائن جو فضل،
مان خزائن ۾ آشيانو بڻائي نه سگهيس.

سائين کيئلداس ”فاني“ صاحب پنهنجي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين شڪارپور شهر جي ”نيو ايريا هاءِ اسڪول“ ۾ مقرر ٿيو، جتي نامور ڪوي شيخ اياز، نورالدين سرڪي، غلام نبي ”مير“ ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاگرد وٽائنس پڙهي ڪڙهي نڪتا.
مينگهراج منشاراماڻيءَ جي نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ته ۱۹۴۷ع ۾ هتان جي مشهور”چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج“ ۾ سنڌي استاد جي جڳهه خالي ٿي. ”فاني“ صاحب ان وقت تائين بي اي پاس ڪري چڪو هو. تنهن ڪري ان جاءِ تي مقرر ٿيڻ لاءِ انتطاميا سان رابطو قائم ڪيو، ته ڪوي ڪشنچند ”بيوس“ ڪاليج انتظاميا ڏانهن هڪ سفارشي چٺي هن طرح لکي:ۡ مسٽر کيئلداس بيگواڻي”فاني“ بي اي شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسري لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگري سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي، سا منهنجي نظر ۾ اهڙي آهي، جهڙي سوني منڊي ۾ هيري جي ڪڻي.
ههڙي اعليٰ شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دُبالا ٿيندو.
ڪشنچند”بيوس
۱۷ مئي ۱۹۴۷ع
محترم ڪشنچند ”بيوس“ جي ان راءِ کي اهميت ڏيندي، ان وقت جي ڪاليج انتظاميا کيس سنڌي پروفيسر مقرر ڪيو. انهيءَ مقرري کان اڳ ”ڪاليج مسيلني“ جي اشاعت ۽ ڪاليج جي اسٽيج تان ٿيندڙ ڊرامن ۽ ادبي پروگرام وقت ڪاليج انتظاميا”فاني“ صاحب جون خدمتون حاصل ڪندي هئي.
ٿوري ئي وقت کان پوءِ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ هي ڪوي پيدا ڪندڙ ۽ ڪويتائون سرجيندڙ ڪوي ڏيهه ڇڏي پرڏيهي ٿيو.
سال ۱۹۵۵ع ڌاري جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز جي نظر مان سنڌو جو پرچو گذريو، جنهن ۾ ”فاني“ صاحب جو نظم او منهنجا وطن شايع ٿيو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ مٿس جيڪا ڪيفيت طاري ٿي، تنهن جو اظهار هن طرح ٿو ڪري:
”اڄ سنڌو رسالو نظر آيو، ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم او منهنجا وطن پڙهيم، ڇا ٻڌايان ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا. ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌڌنڌ حلمن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تائين بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر، کيئلداس”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ ”باقي“ آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا.“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ص ۱۴۲-۱۴۳) مٿي ان نظم ”او منهنجا وطن“ جو آخري بند؛ ....
او منهنجا وطن دلدار وطن،
ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،
لڳي لنءُ لنءُ ۾ آهي اهڙي لگن،
ڀل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀون،
ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سان وئي،
ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.
--
مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ،
مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ.
چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو اڄ رڃ ۾ مرڻ،
سنسار جو تنگ خيال سڏي،
دل قرب جو تنهن کي ڪمال سڏي.

”فاني“ سنڌي شاعرن جي ساٿ جو اڳواڻ آهي. هي بي سرو سامان ماڻهو سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ جيڪي به سڏڪي ساهه کڻي ٿو، تن مان وطن جي وڇوڙي جي وير وري ٿي. سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فرواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي. ان کان علاوه هو شاعريءَ جي ڏيهه ۾ سخن جي صنفن بيت، گيت، ڪافي، چوسٽو، رباعي، غزل ۽ نظم ته لکندو رهيو، پر پنجڪڙن ۽ ترائيل تي به طبع آزمائي ڪري پيو.
”فاني“ صاحب جو غزل به نهايت ئي خوبصورت آهي. سندس غزل ۾ غزل کان علاوه هر هڪ بند ۾ فلسفو ۽ فڪر سمايل آهي. اڪثر سندس غزل جو هر بند ”بيت الغزل“ ۽ ”شاهه بيت“ آهي.

ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،
ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،
آ ڏور هندوري جي حسينه جي هٿن ۾،
حبشڻ کي ان ۾ لاڏ مان لڏندو ڏٺو اٿم.

ته کيئلداس ”فاني“ صاحب جي شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جو غير فاني سرمايو آهي، جنهن کي فراموش ڪرڻ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ يا سنڌي ادبي تاريخ جو ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.
دل جا بادل دل اک تي ڇانيل،
بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،
دل ۾ آلو دود دکي ٿو،
”فاني ٻاهر آگ اجهايل.

ڪجھ بيت ”فاني“ صاحب جا؛
چٽ ڏسي ٿيو چت ۾، بيحد باغ بهار ۾،
آيو اهنڪار، گهڙي مورک ماڻ ۾.
__
دلي پنهنجو پاڻ، پڏائي پورو ڪيو،
سندس مٽي ماءُ، وڻي ڪيئن واکاڻ،
پاڻ مٿان ڪيو ماڻ، مٽي خود مدمست ٿي،
__
ڪنڀر ٻڌي ٻٽاڪ، ٻنهي مٽي ماڻ جي،
چي: ناحق ويٺا ڪريو، هڪ ٻئي اڳيان هاڪ،
مان ئي کوٽي خاڪ، ڳوهي چاڙهي چڪ تي.
__
اڻ هوندو اڀمان، مورک مٽي ماڻ جو،
پنهنجي تڇ توفيق تي، مستي ڪيا مستان،
اُن ڪنڀر تان قربان، جنهن مٽيءَ مان جڳ جوڙيو.
__
مُئي هڪ ڏينهن مارئي، جيئندي صديون سال،
مارن لاءِ مرڻ جو، ملندو ڪونه مثال،
محلن منجهه محال، جنهنجو جياپو ٿيو.
__

مُئي هڪڙي مارئي، ٻي ڪا ڪانه مري،
لکن مان ڪا لهسجي، دردي دانهن ڪري،
ساعت ڪانه سري، جنهن جي دلبر ديس کان.
__
تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کن ۾،
هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪري پوندين پٽ تي.
__
داڻو داڻي سان ملي، سڏجي ٿو هڪ سنگ،
بوندون بوندون سان ملي سڏجن ٿيون سارنگ،
اهڙو شال امنگ، جاڳي هر جاتيءَ ۾.

(کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون ۱۹۹۵ع ڄاڻايل آهي.
ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند)


کيئل داس ’فاني‘
سنڌ جو عظيم ڪردار - ورسيءَ جي مناسبت سان
نسيم بخاري
اڄ ۸ اپريل ان عظيم استاد ۽ عظيم انسان کيئل داس ’فاني‘ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، جنهن جي صحبت سنڌ ۽ هند کي ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز، نامور اديب نور الدين سرڪيءَ سميت ڪيترن ئي هستين سان نوازيو. اها ڳالھ پوري پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن کيئل داس ’فاني‘ انهن شخصيتن ۾ موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نه اتساهي ها ته سندن موجوده ادبي سڃاڻپ شايد سامهون نه اچي ها. کيئل داس ’فاني‘ ۰۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ وليرام بيگواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. اهو ميان جو ڳوٺ جنهن مان بولچند واسومل راجپال مشهور ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي رسالو ”سنڌو“ ڪڍندو هو، جيڪو بعد ۾ سندس ادارت هيٺ شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان ۱۹۴۷ع تائين شايع ٿيندو رهيو. بول چند ورهاڱي کان پوءِ ساڳيو رسالو ۱۹۶۵ع تائين هندستان مان به شايع ڪندو رهيو. ’فاني‘ جي ابتدائي تعليم ۾ استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. کيئل داس ’فاني‘ جهڙيءَ ريت پنهنجي نصابي شاگردن کي ادبي سازگار فضا ۽ ماحول بخشيو، بلڪل اهڙي ئي مهرباني هن سان سندس استاد ۽ مشهور شاعر اديب آغا صوفي ڪئي هئي، جنهن سان ’فاني‘ ۱۹۲۹ع ۾ مليو هو، جيڪو شڪارپور ۽ ان جي آس پاس جي اڀرندڙ شاعرن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو ۽ سندن شاعريءَ جي وزن بحر جي نه رڳو تڪ طور ڪندو هو پر ان ڏس ۾ وڌيڪ رهنمائي به فرمائيندو هو. ان کان وڌ اهو ته شڪارپور ۾ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مشاعرو منعقد ڪندو هو. ’فاني‘ خود پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي هيئن جڙي ويو هو.
”صبا سچ هئو ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه
ٻڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه.“
کيئل داس ’فاني‘ شيخ اياز ۽ نورالدين سرڪيءَ سميت ڪيترن کي ”نيو ايرا“ هاڻوڪي قاضي حبيب الله بوائز هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو، جتي شيخ اياز انگريزيءَ جي پهرين درجي کان ٽين، چوٿين درجي تائين کانئس تعليم ۽ ادبي تربيت حاصل ڪئي. شيخ اياز پاڻ لکيو آهي ته ’فاني‘ ”منهنجي زندگي ۽ اؤسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مان سندن ٿورا نه ٿو لاهي سگهان جي ’فاني‘ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪردار ادا نه ڪري ها ته منهنجي شاعري اتي نه هجي ها، جنهن جاءِ تي اڄ آهي. فاني لفظن جو سنگتراش آهي، هو انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي، هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. ’فاني‘ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون، سندس لفظ خوبصوت ڄار آهن، جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو.“
کيئل داس ’فاني‘ ايم اي انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي. ”نيو ايرا“ موجوده قاضي حبيب الله ۾ استاد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڪشن چند ”بيوس“ جي مهربانيءَ سان سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي به ادبي سرگرمين کي اوج رسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ هندستان ۾ ڀوتال ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۷۳ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. صوبائي حڪومت جي ادبي اڪادميءَ جو نائب صدر بڻيو. مرڪزي ادبي اڪادمي جو ميمبر رهيو، ڪنوينر سنڌي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪاميٽي، آل انڊيا ريڊيو جو گائڪ ۽ گيت ڪار رهيو، انٽر ڪاليج جو پرنسپال به ٿيو، هندستان ۾ سندس پهريون شعري مجموعو ۱۹۸۴ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻيو شعري مجموعو ’پيلا پن ۽ خزان جي خوشبو‘ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ٿيو. فانيءَ جي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب مڪتي مارڳ به سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. هندستان جي مختلف شهرن ۽ خاص ڪري ڀوپال ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ٿي هال ۾ ويٺل ماڻهن جو داد وصولي چڪا آهن. انهن سمورن حوالن جو خالق ۽ مالڪ ۸ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ ڀوپال ۾ وڇڙي ويو. فاني نه رڳو هن دنيا مان موڪلائي ويو پر هن کي پنهنجي ۽ دنيا جي فنائيت جو به پورو پورو شدت سان احساس هو. شايد ان ڪري ئي هن پنهنجو تخلص ’فاني‘ رکيو هو. دنيا جي مختصر زندگيءَ وارو احساس سندس رڳ رڳ ۾ رچي ويو هو. ان ڪري هن حياتيءَ جي پل پل جو نه رڳو قدر ڪيو پر ان کي سجايو به ڪيو. جيئن هن کي استاد عبدالڪريم ٽانوري يا ادبي استاد آغا صوفيءَ جي صحبت هڪ نعمت بڻجي نصيب ٿي، ائين ئي هن پاڻ ٻين لاءِ لاڀائتو ٿيڻ جو نه رڳو ارادو ڪيو پر ان کي عمل جو روپ به ڏئي ڏيکاريائين. ’فانيءَ‘ جي شاعري نه رڳو فني حوالي سان پڪي پختي آهي پر اها فڪر انگيز به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جدت ۽ نفاست سان گڏوگڏ لاجواب رواني به آهي.
کيئل داس فاني جتي ڪلاسيڪي صنفن، بيت، گيت ۽ ڪافيءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي، اتي عروضي صنفن، غزل، نظم ۽ مسدس، مربع، چوسٽي ۽ ربائيءَ ۾ به شاندار تجربا ڪيا آهن. هن جي انفراديت سندس نرالو ۽ مُنفرد اسلوب آهي، جيڪو ساهت جو سينگار آهي. ۱۹۹۵ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس شعري مجموعو ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو، جيڪو ترتيب انور فگار هڪڙو ڏنو آهي، جنهن جي سال کان پوءِ شڪارپور جيم خانه ڪلب ۾ سنڌي ادبي سهڪاري ڪاميٽيءَ پاران مهورتي تقريب ٿي هئي. ۲۰۱۸ع ۾ فانيءَ جي شخصيت تي نقش ناياب منگي يادگار ڪاميٽي ۽ بزم مسرور طرفان هڪ پروگرام ٿيو آهي، جڏهن ته هندستان ۾ ۲۰۱۱ع ۾ پريم پرڪاش جي صدارت هيٺ ورسيءَ جي موقعي تي پڻ ياد ڪيو ويو آهي.
فانيءَ جي حوالي سان وڪي پيڊيا تي پروفائيل نه ٿو ملي، گوگل تي انگريزيءَ ۾ ڪو مواد موجود نه آهي، نه ئي وري اردوءَ ۾ انٽرنيٽ تي ڪي وچور ملن ٿا. باقي سنڌيءَ ۾ ڳولڻ سان ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۽ حسيب ناياب منگيءَ جا ٻه مضمون ملن ٿا. کيئل داس فانيءَ تي نه ته ڪنهن سنڌي نيوز چينل ڪا دستاويزي فلم ٺاهي آهي، نه ئي وري هن جي جنم ڏينهن يا ورسيءَ جي مناسبت سان وڏي پيماني تي سنڌي ميڊيا ڪا خصوصي ڪوريج ڏني آهي. ۱۹۹۷ع جي جولاءِ مهيني ۾ روزاني حلال پاڪستان خصوصي صفحو شايع ڪيو هو، جيڪو ڊاڪٽر قاضي منظر حيات ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ شيخ اياز، نقش ناياب منگي، قاضي منظر حيات، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، حميده قاضي، حسيب ناياب منگي ۽ انيس الرحمان جون تحريرون شايع ٿيون هيون.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي ته ۱۹۹۵ع کان اڄ ڏينهن تائين کيئل داس فانيءَ کي ۲۵ سالن جي عرصي ۾ جيڪڏهن ساريو به ويو آهي ته شڪاپور ۾ ٻه ڀيرا؛ هڪڙو ڀيرو هندستان ۾ سو به هندستان جي ڀوپال شهر ۾، جتي هو رهيو باقي هندستان جي ٻئي ڪنهن به شهر ۾ کيس ساريو نه ويو آهي. سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪڏهن به کيس اجتماعي طور تي ياد ڪرڻ جي ڪا تقريب منعقد نه ٿي سگهي آهي، نه ئي سنڌ جي وڏن ادارن يا ادبي نمائندگي رکندڙ تنظيمن اها ضرورت محسوس ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب شايع ته ڪيو پر ان جي مهورت نه ڪرائي آهي.
سنڌ جي يا هند جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ کيئل داس فانيءَ جي حوالي سان ڪا پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز نه لکي وئي آهي، نه ئي وري ڪو مونوگراف منظر عام تي آيو آهي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته کيئل داس فانيءَ جي شخصيت فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪنهن سنڌي رسالي ڪو خاص ايڊيشن شايع ڪيو، ٽه ماهي مهراڻ ۲۰۱۸ع ۾ وفا منظور چوهاڻ جي هڪ تحرير ضرور شايع ڪئي آهي.
کيئل داس فاني سنڌ جي جنهن شهر شڪارپور ۾ ادبي منزلون ماڻيون ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان شهر جي امر ڪردار سنڌ ۽ هند جي نامور سياستدان شهيد الله بخش جي بي درد ۽ ناحق خون تي به قلم کنيو آهي. هن لکيو آهي،
افسوس! ويو سنڌ جو سرتاج گذاري
دنيا کي روئاري
حاسد تون ڏئي ڦوڪ ڏيئو گل نه ڪرين ها
هن ملڪ مٿان قهر مصيبت نه ڌرين ها
ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري
فانيءَ جي رومانوي شاعري ڪمال جي آهي، مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ته
تو بن گل، لالاڻ چُڀي ٿي،
ساوڪ ۽ سرهاڻ چڀي ٿي
چانڊوڪي چانڊاڻ چڀي ٿي
اونڌھ آهه اماس
دل ۾ آهي دلاسو آس
ٻئي هنڌ لکي ٿو
اڀري چنڊ لهي ويو پل ۾ ڇيڙي سڪ جو ساز،
ڪيئن اچي آرام ڪنن ۾ گونجي ٿو آواز،
دل جو ديپ جلائي هلندس پير پير ۾ پائي هلندس
ڏيئو نه ڍرڪڻ ڏيندس توڙي تيز لڳي طوفان
پريتم تو لئه من مستان
اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن اڌمن واري ڪيفيت کي احساساتي رنگ ڏيندي جڏهن شعر تخليق ڪري ٿو ته اهي لفظ سرجي ٿا پون ته،
جيئن جيئن اڀ ۾ بجلي ڀڙڪي
تيئن تيئن وياڪل دل ٿي ڌڙڪي
البيلي جي اوسيئڙي ۾،
پل پل سر سريءَ تي لڙڪي
ڪڪرن کي جهولي ڦهلايان، سرتيون ساوڻ
’فاني‘ پنج ڪڙا به شاهڪار لکيا آهن، مثال طور دنيا جي پس منظر ۾ لکي ٿو ته
لڳي ٿي دنيا قبرستان
گهمن ڌرتيءَ تي زنده لاش
رهي ڪنهن ۾ به نه آهي شناس
ٿئي ٿي انسانيت حيران
لڳي ٿي دنيا قبرستان
فانيءَ جي گيتن ۽ پنج ڪڙي جا مٿيان حوالا ان جي گيتن سان انصاف نه آهن. فقط عاجزاڻو اظهار آهن. فانيءَ جي نه رڳو شاعري پر هڪ هڪ صنف طويل مقالي جي تقاضائو آهي، جنهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو. هتي فقط ان کي ساري فاني ٻين کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن اسان پنهنجي محسنن کي ساريون، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه وساريون. ڇو ته انهن کي نظرانداز ڪري اسان ساڻن ناانصافي نه ٿا ڪريون. انهن کي ته پنهنجي جيون ۾ جيڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻو هو سي ڪري ويا، کين اسان جي مڃتا آهي نه پرواھ، اسان هنن کي ساري پنهنجو پاڻ کان هڪ طرح جي اها پڪ وٺون ٿا ته اسان جو ايندڙ نسل به اسان کي ياد ڪري. اڄ جيڪڏهن اسان ئي پنهنجن عظيم انسانن کي نه سارينداسين ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن بڻجي سگهي ته اسان کان پوءِ ايندڙ به اسان کي ياد ڪن؟ ڪنهن کي اها خبر آهي ته فاني ۱۹۴۰ع ۾ ٺهيل پهرين سنڌي فلم ايڪتا جو ليکڪ هو، جيڪا ليکڪ ڪريم بخش نظاماڻي ٺاهي هئي، جنهن جو هيرو به ڪريم بخش پاڻ ٿيو هو. ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي سوانح حيات ڪيئي ڪتاب ٻن جلدن تي ڇپجي پنهنجي رنگين مزاج ڳالهين جي ڪري زبردست داد حاصل ڪري چڪي آهي، مطلب ته چئي سگهجي ٿو ته کيئل داس فاني سنڌي فلم جو به باني ڪار آهي ته پوءِ اوهان پاڻ ٻڌايو ته سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙي لائق پٽ کي ڀيٽا ڏيڻ کپي يا نه!؟

کيئلداس ”فاني“
هند سنڌ جو مشهور شاعر ۽ شيخ اياز جو استاد
حسيب الرحمان منگي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ناليوارن استادن، شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن ۽ سنگيت ڪارن جو جنم ٿيو آهي انهن ۾ ”کيئلداس فاني“ جو نالو به اهم آهي. کيئلداس ”فاني“ ولد وليرام بيگواڻي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي ”ميان جي ڳوٺ“ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو”سنڌو“ مسٽر” بولچند واسومل راجپال“ پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. ”فاني“ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس ”فاني“ جو ۱۹۲۹ع ڌاري شعر وشاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ”فاني“ به شرڪت ڪندو هو. هڪ هنڌ کيئلداس ”فاني“ لکي ٿو ته شال مالڪ مرحوم جناب آغا صوفي درازي کي ابدي جاوداني بخشي جو خاص طور شڪارپورشهر ۽ آسپاس جي اُڀرندڙ شاعرن کي مصرع طرح شايع ڪري فقط فقط اُن جي اوٽ تي (قافيه رديف) مشاعره منعقد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي به هيئن جُڙي ويو هو.
صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه
ٻُڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه
جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي
اتي ”فاني“مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه (۱)
کيئلداس فاني هڪ قابل شخص هو. وٽس علم جي ڄاڻ تمام گهڻي هئي، جنهن سبب ئي هن کي نيوايرا هاءِ اسڪول(هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ملي. جتي هن نورالدين سرڪي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز مرحوم سميت ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي سوني زيور سان نوازيو. بعد ۾ جڏهن چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچراريءَ لاءِ جڳهه خالي ٿي ته فاني کي ”بيوس“ جي سفارشي خط سنڌي ليڪچراري ڏياري، بيوس جو خط هن ريت هو: ”مسٽر کيئلداس ــــ وــــ بيگواڻي ”فاني“ بي اي، شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسر لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگريءَ سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي. سا مُنهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سوني مُنڊيءَ ۾ هيري جي ڪڻي. ههڙي اعلى شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دوبالا ٿيندو“ ۱۷ مئي ۱۹۴۷ع ڪشنچند تيرٿداس کتري (بيوس) لاڙڪاڻو (۲). فاني ليڪچرار بڻجڻ کانپوءِ ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جو مهتمم پڻ ٿي رهيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳئي سال ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي وڃي هند وسايائين ۽ ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اُتي به سندس علمي ۽ ادبي خدمتون نمايان رهيون. هند ۾ رهندي سنڌ کي وساري نه سگهيو.
ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن
ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن
لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن
جن روهه رُلايو مون کي وطن
”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دُکي
سالن ۾ ٿين ساعت نه سُکي (۳)
کيئلداس ”فاني“ ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. جتان ۱۹۷۳ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سندس قابليت کي ڏسي ڀوپال گورنمينٽ کيس انٽر ڪاليج جو هميشه لاءِ پرنسيپال مقرر ڪيو. فاني صاحب اُتي ”سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ“ جو ڪنوينر، صوبائي اڪيڊمي جو وائيس پريزيڊنٽ، مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو ميمبر، ممبئي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلامنڊل جو ۳۵ سال چيئرمين به رهيو. فاني جون تحريرون توڙي شاعري مختلف رسالن جي صُفحن جي زينت بڻجي چُڪي آهي. هو هڪ ئي وقت اُستاد، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار۽ سنگيتڪارهو. سنڌ هند جي ناليوارن شاعرن ۽ اديبن کيس هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي، ڪجهه مثال ٿو پيش ڪريان. شيخ اياز لکي ٿو ته ”هُوسنڌي ادب ۾ امر ٿي چُڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گُداز سان پڙهندا.“ (۴) منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا“(۵)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کيئلداس فاني کي ”فلسفي شاعر“ لکيو آهي.(۶)، فاني جي غزلن جو اڀياس ڪندي مُنهنجو والد نقش ناياب منگي لکي ٿو ته ”فاني جي غزل واري شاعري جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جابجا نظر اينديون، هن جنهن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي.(۷)، همٿرام ڪيسواڻي لکيو ته ” اُستاد شري کيئلداس فاني شڪارپور سنڌ جي پروفيسر ۽ شاعر جي شاندار شخصيت انهيءَ مان عيان آهي ته نه فقط هو اعلى درجي جو عالم ماهر اديب ۽ شاعر آهي پر ٻين قابل شاگرد شاعرن به سندن صحبت مان خاص شاعراڻو فن ۽ ڪماليت حاصل ڪئي آهي، شيخ اياز جي اکرن ۾ ”فاني صاحب لفظن گهڙڻ ۾ هڪ سُهڻوسنگتراش ۽ ماهر مصور آهي، سندس سُخن سازي جي ساک ٿا ڏين“(۸)، فاني صاحب جي شاعري ۽ نثر جا مجموعا هندستان ۾ ريڊيو راڳ، سامونڊي لهرون، سڪ سوز ۽ ساز (گُجرات ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران بي اي آنرس لاءِ منظور ٿيل ڪتاب) مڪتي مارڳ، پڇتا جا ڳوڙها، احساس جو آئينو، خزان جو خوشبوءِ ، پيلا پن، توڙي سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ۱۹۹۵ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”سمنڊ سمايو بوند“ ۾ ڇپيل آهن.
کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند“ ۾ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون ۱۹۹۵ع ڄاڻايل آهي، ان کان علاوه روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۳۱ جون ۱۹۹۷ع تي پنهنجي ادبي صفحي”ساهت سڀيتا“ جو فاني نمبر شايع ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ” فاني جي ٻي ورسي جي مناسبت سان ترتيب ڏنو ويو آهي.“ ان حساب سان فاني جي ديهانت جي تاريخ ۳۱ جولاءِ ۱۹۹۵ع ٿئي ٿي. فاني جي شاگرد نورالدين سرڪي مرحوم پنهنجي ڪتاب ” ڪي وسرن نه مُور“ ۾ فاني جي ديهانت جي تاريخ ۸ اپريل ۱۹۹۵ع ڄاڻائي آهي. هاڻي اهو مسئلو به تحقيق طلب ٿي ويو. کيئلداس فاني بيگواڻي سوين شعر لکيا جي اسان وٽ هميشه امر رهندا.
حوالا:
۱. فاني کيئلداس بيگواڻي.(ڪتاب) ”خزان جي خوشبو ۽ پيلا پن“، ڀوپال مارچ ۱۹۹۴ع صفحو نمبر ۸.
۲. فاني کيئلداس بيگواڻي ”ڪتاب“ ”سڪ سوز ۽ ساز“ ڇاپو پهريون، ڪلاڪار منڊل ڀوپال فيبروري ۱۹۸۳
۳. ساڳيو صفحو ۵۴.
۴. قاضي حميده: استاد هيو فاني.......(شيخ اياز جو پنهنجي استاد کيئلداس فانيءَ کي خراج) روزانه هلال پاڪستان: ادبي صفحو ساهت سڀيتا ۳۱ جولاءِ ۱۹۹۷ع صفحو نمبر ۴.
۵. ملڪاڻي منگهارام:”سنڌي نثرجي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد...ڪنڊيارو ٽيون ايڊيشن ۱۹۹۳ع ، صفحو نمبر ۲۳۳.
۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ صفحو نمبر۲۸۲.
۷. منگي نقش ناياب: کيئلداس فاني جي غزل گوئي. ”ماهوار نئين زندگي ڊسمبر ۱۹۹۸ع صفحو نمبر ۳۲.
هي انتهائي ناياب مضمون سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سلسلي وار”سنگت“ ادبي ڪڙي نمبر ۱۴ براءِ مئي ۽ جون ۲۰۰۸ع مان ٿورن سان ورتو ويو آهي.


کيئل داس ”فاني“
جديد شاعريءَ جو مُهندار شاعر ۽ شيخ اياز جو استاد
بشير ڪالاڻي
اڄ جديد شاعريءَ جي مُهندارشاعر کيئل داس ‘فانيءَ’ جي ديهانت جو ڏينهن آهي. هن ۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي شڪارپور جي علمي، ادبي ماحول واري مشهور ‘ميان جي ڳوٺ’ ۾ وليرام بيگواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ”ميان جي ڳوٺ“ جي اسڪول مان ڪريم بخش ٽانوري کان حاصل ڪئي. مئٽرڪ شڪارپور مان پاس ڪيائين. جلد ئي سي ائنڊ ايس ”نيو ائرا هاءِ اسڪول“ شڪارپور ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي ڪيترائي وڏا اهڙا ماڻهو پڻ کائنس تعليم حاصل ڪري بعد ۾ وڏا ماڻهو ٿيا، جن اڳتي هلي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو. انهن ۾ سرفهرست، شيخ اياز۽ مشهور قانون دان نورالدين سرڪي ۽ سترام ڪلياڻيءَ جهڙا اهم اديب ۽ شاعر سندس شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا. هو خانبهادر الله بخش سومري جو ٽيوٽر پڻ هو. ”فاني“ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پهرين شڪارپور جي نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو.
”فاني“ شڪارپور مان ئي بي اي ڪئي. هو ڪاليج ميگزين جو چار ئي سال مهتمم رهيو ۽ ۱۹۴۷ع ۾ ”چيلا سنگه ۽ سيتل داس“ ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. کيس شروع کان ئي شاعري جو شوق ۽ ذوق هو، نتيجي ۾ آغا غلام نبي ‘صوفي’ جي صحبت ۾ رهي شاعري سکي. ۱۹۲۹ع کان ”فاني“ هڪ مقبول ۽ معروف شاعر طور اُڀري نروار ٿيو. پاڻ شيخ ايازجي استاد طور سندس شاعريءَ جي درستگي ڪندو کيس علم عروض جي پڻ سکيا ڪندو رهيو.
کيئل داس ”فاني“ هڪ صوفي صفت شاعر آهي، هو هميشہ مذهبي تنگ دلي کان آزاد ۽ هندو مسلم اتحاد جو حامي رهيو آهي. ان ڪري هو پنهنجي شاعري ۾ ان جي اتحاد جي ضرورت ۽ اهميت تي زور ڏيندو رهيو آهي.
اصل کان آهيون هتي هندو مسلمان هڪ شريڪ
جو تڏهن اڻڄاڻ ٿي هڪ ٻئي سان اٽڪن ٿا عزيز. (فاني)
۱۹۴۷ع ۾ هندستان جو ورهاڱو عمل ۾ آيو ته کيس مجبورن پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کي ڇڏي ڀوپال (انڊيا) هجرت ڪري ويو. ”فاني“ ڀوپال ڪاليج جو پروفيسر رهندي ۱۹۷۳ع ۾ رٽائر ٿيو. انڊيا حڪومت سندس ادبي، علمي ۽ تعليمي خدمتن جي مڃتا طور کيس انٽر ميڊئيٽ ڪاليج جو مستقل پرنسپال مقرر ڪيو.
”فاني“ ساهتيه اڪيڊمي وزارت ايڇ آر ڊي حڪومت جو رڪن، صوبائي حڪومت جي ادبي اڪيدمي جو وائيس پريزيدنٽ ۽ سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ جو ڪنوينر رهيو. جڏهن ته آل انڊيا ريڊيو جو معروف راڳي ۽ گيت سرجڻهار هئڻ سان گڏوگڏ بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ مضمون نويس ۽ بهترين موسيقار ۽ شاعر هو.
مختياراحمد ملاح ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ لکي ٿو ته، ”فاني هڪ مفڪر شاعر آهي. هن وٽ جيڪي نظريا آهن، تن کي گنڀيرتا سان بيان ڪري ٿو. سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ، وطن جي حب ۾ مارو ماڻهو هميشہ ياد ڪندو رهي ٿو.“
دل ٿي چوي تہ باه لڳايا پهاڙ کي،
گلڙن جي بجاءِ آءُ ڇهان خار خار کي
برباد جڏهن آشيانو ياد ٿو اچي،
پنهنجي وطن جا گيت مون ڳايا ٿي وطن ۾
فاني کي اهو اڄ ترانو ياد ٿو اچي. (فاني)
”فاني جو شعر، فڪر لفظن جي استعمال ۽ موسيقيت ڪري جديد شاعري ۾ نهايت پيارو ڪلام آهي. سنڌ جو مشهور شاعر شيخ اياز شاعري ۾ فاني جو شاگرد هو، ڪيترن ئي شاعرن فاني کان اتساه حاصل ڪيو.“
کيئل داس ”فاني“ سنڌي شاعري جي طويل دور جو ساکي آهي. هن سنڌي شاعري کي پنهنجي دور ۾ رنگ ۽ روپ مٽيندي ۽ ترقي جي منزل ڏانهن ويندي چڱيءَ طرح ۽ چٽي نظر سان ڏٺو آهي. سنڌي شاعريءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيل اٿس. ورهاڱي کان اڳ سنڌي شاعريءَ کي فارسي تشبيهن، ٻولي ۽ محاورن واري ڍير مان ڪڍي ان کي سنڌي ٻوليءَ جي روح ۽ ڍنگ سان رنڱڻ ۾ سندس وڏو ڀاڱو آهي. کيئل داس فاني جي شاعري جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي تہ هو نازڪ خيال شاعر آهي، ڪنهن بہ ڳاله کي لفظن جي هيرن جي لڙيءَ ۾ پوتڻ لاءِ وٽس ڊولائتو ڍنگ آهي. هو اکر اکر کي اٿساهي لفظ لفظ کي زبان ڏئي ڪلام کي ڪمال تي رسائي ٿو، اهو ئي سبب آهي جومهان ڪوي شيخ اياز چيو آهي تہ ” فاني لفظن جو سنگتراش آهي هو لفظن کي گهڙي ڇِلي، مهٽي سهڻي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي.“ شيخ اياز ڪتاب ”سمونڊ سمايو بوند ۾“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”فاني“ منهنجي زندگيءَ ۾ ۽ منهنجي شاعري جي اوسر ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ مان هن جو ٿورا نه ٿو لاهي سگهان.جي ”فاني“ منهنجي رهنمائي نه ڪري ها، ته منهنجي شاعري اتي نه پهچي ها، جنهن جاءِ تي اڄ آهي.“
”فاني“ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو، سو سچ آهي. واقعي ”فاني“ لفظن جو ڄاڻو ۽ خالق آهي هو لفظن جي نفسياتي اثر کان وڏو واقف آهي ۽ انهن جي استعمال تي جيڪا کيس قدرت حاصل آهي اها هن کي وڏي عظمت ٿي بخشي.
کيئل داس فاني جتي پنهنجي ڪلاسيڪل صنفن، بيت، گيت، ۽ ڪافيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي سموهڻ تي قدرت رکي ٿو اتي هو عروضي صنفن غزل، نظم، مسدس، مربع، چوسٽي، ۽ رباعي جو بادشاه شاعر آهي.
جوش جنبش کي جواني ٿا چون
حسن جوڀن جي نشاني تي ٿا چون
سونهن سڪَ ۽ چوه ڇِڪَ سڀ کن پلڪ
بي بقا هر چيز فاني ٿا چون
هر گهڙي ڳوڙهن جي وهندڙ تار کي
يار پاڻيءَ جي رواني ٿا چون. (فاني)
ان کان علاوه فاني کي هر هڪ صنف لاءِ پنهنجو الڳ اسلوب آهي ۽ نرالي انداز آهي سندس هر هڪ سٽ ساهت جو سينگار آهي.
بالآخر جديد شاعري جو سرمُوڙ شاعر ۸ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ ڀوپال ۾ ئي وفات ڪري ويو. سندس مجموعه ڪلام ”سمونڊ سمايو بوند ۾“ انور فگار هڪڙو جو ترتيب ڏنل، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۱۹۹۵ع ۾ شايع ڪيو.

(روزاني سوڀ ۾ تاريخ ۸ اپريل ۲۰۱۷ع تي ڇپيل)


کيئلداس فاني

ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر

ڪشور ھميراڻي

آدجگاد کان جذبن، ڪيفيتن ۽ اڌمن جو انساني زندگي جي ڪاروان تي وڏو اثر پئي رهيو آهي، ۽ اهي جذبا ئي هميشہ انساني زندگي جي مڪمل نموني سان عڪاسي پئي ڪندا رهيا آهن، انساني ڪيفيتون ۽ جذبا هر گهڙي هڪجهڙا بہ نٿا رهي سگھن ۽ رهڻ بہ نہ کپن. هونئن عام انسانن جي ڀيٽ ۾ تخليقڪار/ڪوي جن وٽ انهن جذبن کي اظهارڻ جو الڳ ڏانو هوندو آهي جنهن کي حالات گهڻو سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪندا آهن اهو زندگي جي انهن عجيب و غريب ڪيفيتن امنگن، مفروضن ۽ وارداتن کي تخيلي ماٽي منجھ مهي جيئان ولوڙيندو آهي ۽ پنهنجي ڏات ۽ ڪلا جي ڪاريگري سان ڪمال جي ڪٺمال جوڙيندو آهي. شاعري تہ ائين قديم زماني کان انهن اڌمن کي اظهار جو بھترين ۽ موثر ذريعو پئي رهي آهي، جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقي جو زبردست سنگم هوندو آهي، ڪويتا (شاعري) ۾ جذبن جو ذڪر ڪندي ورڊس ورٿ هڪ هنڌ لکيو آهي تہ؛

"Spontaneous overflow of powerful feelings"

"شاعري شاندار جذبن جي پاڻمرادي اڇل آهي"

نيو ايرا اسڪول کان ڪويتا جي ڪٺن پيچري تي سفر جي شروعات ڪندڙ جديد سنڌي شاعري جي امام شيخ اياز جي استاد کيئلداس فاني جي شاعري ۾ پُڻ انساني جذبن ۽ ڪيفيتن جو ڪجھ نرالو اظهار آهي، جنهن لئہ خود شيخ اياز لکي ٿو تہ؛

"فاني لفظن جو سنگتراش آهي. انهن کي گهڙي ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. فانيءَ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو"

وقتي حالتون، لهجا رويا ماڻهو کي جھنجھوڙي ٽوڙي مروڙي ڇڏيندون آهن، ۽ اهي حالتن جون ويساهہ گهاتيون ۽ تاريخي ستم ظريفيون پنهنجي گهرائي سان ڪنهن حساس ڪوي جي تخليق تي پنهنجو ڀرپور اثر نروار ڪن ٿيون، جيئن پوءِ تيئن نت نيون ۽ انهن حالتن، ڀوڳنائن ۽ دردن جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ تخيلات سرجڻ تي مجبور ڪنديون آهن، پر انسان به ڏاڍو آهي انهن سڀني حالتن سان منهن مقابل ٿي جيئڻ جا نت نوان گس ڳوليندو رهندو آهي!

دل تہ هڪ آ مگر غم بہ تہ هڪ هڪ ٿي اچي،

سور  سورن  پٺيان ڄڻ  قافلو ايندو ٿو وڃي.

دل جا بادل دل اک تي ڇانيل،

بوند ۾ منهنجي بحر سمايل،

دل ۾ آلو دود دکي ٿو،

فاني ٻاهر آگ اجهايل.

کيئلداس فاني انهي دور ۾ شاعري ڪئي جڏهن ننڍو کنڊ ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو، طبقاتي توڙي مذهبي متڀيد، انتهاپسندي ۽ نفرتن جا الا ڀڙڪي ڀڙڪي ڀنڀٽ بڻجي پيا هئا، هر طرف روڄ راڙو هيو، انساني رت ڌرم جي دانگي تي اٻڙڪا کائي رهيو هو، مسجد منزل گاهہ سميت الاهي فساد عروج تي هيا، ڌرتي ڌڻين جا لاشا بنان ڪفن ننڌڻڪا بڻيل هيا، هرڪو هٿ پٿر بڻجي پيو هيو فاني جي شاعري پڙهڻ سان اڄ ٻہ تڏهوڪا لڱ ڪاڊاريندڙ منظر تري ٿا اچن!

ڏني جان جن هئي وطن واسطي،

رلي لاش  تن جو  ڪفن  واسطي.

سڀ جي هٿ ۾ پيو پٿر ڏسجي،

ڪٿ  شرافت  وڃي لڪي آهي.

هڪ ٿيون هڪوار جي هندو مسلماني  ڇڏي،

خودبخود "فاني"  شرارت شور شيطاني ڇڏي،

کيئلداس فاني ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ لکيائين، فاني ٻولي سادي ۽ عام فهم استعمال ڪيائين،  فاني جي شاعري کان اڳ سنڌي شاعري تي ڌارئين ٻولي جو تسلط مسلسل برقرار پئي رهندو آهي، فرسوده تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون ٽنبيون وينديون هيون، فارسي لفظن جي اجائي لٻاڙ نج سنڌي ٻولي جي اسلوب کي انتهائي وڏو ٺيس رسايو!

۽ جڏهن اها ئي شاعري سفر ڪندي فاني وٽ پهتي تہ فاني ان شاعري کي مور جي پرن ۽ نج هٿ سان ڀريل هرمچي واري چني تي ٽانڪيل هيرن جيان  نج اصلي لفظن جا جواهرات ٽانڪي مقامي ۽ سادو بڻايو ۽ سنڌي شاعري کي انهي ادب براءِ ادب واري رينگٽ کان جان ڇڏائي نج ۽ حقيقي زندگي جي مسئلن جي خوب ترجماني ڪيائين. فاني هٺ وڏائي طبقاتي نظام جي خلاف هيو ۽ پنهنجي ڪويتا ۾ پڻ ڀرپور بغاوت ۽ مزاحمت ڪيائين؛

تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کن ۾،

هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪري پوندين پٽ تي.

انقلاب ڳلو ڦاڙي ٿو ڪٺا ڪري سر باز،

ڀڳل ڀونگين ڇنل ڇنن مان اُٿي هليا آواز:

                         "بنگلن جا بنياد هِلايو،

                          ڀتيون ڀتين سان نہ ملايو"

ويريء تي ڪر وار _ نہ ڇڏ ڪو زوراور زردار.

جڏهن غلامي ساهہ گهٽيندي،

 غيرت  تن  مان  اڀري  ايندي،

 ڪهڙي  دل  قربان  نہ ٿيندي،

                             ويڻ   وڄڻ   جي   وير؟

                             دل تان غم ڪر دور دلير!

وطن جنم ڀومي ڪنهن کي پيارا ناهن هوندا؟ ڀلا پکين کان به ڪڏهن پنهنجي آکيرن جو گس وڃائڻو آهي تہ پوء بہ انسان هيو! کيئلداس فاني پنهنجي  نظم منهنجا وطن ۾ پنهنجي وطن جي سڪ اڪير تڙپ رڃ سڃ جون سڀ کڙڪيون کولي ڇڏيون آهن جنهن مان سندس حب الوطني جو جذبو باب سينڊراس جي لفظن جيئان پسي سگهجي ٿو؛

" مون پنهنجي شاعريءَ جون سموريون دريون کولي ڇڏيون آهن، انهن درين مان اوهان سڄي دنيا ڏسي سگهو ٿا".

سال ۱۹۵۵ع ڌاري جڏهن عظيم شاعر شيخ اياز جي نظر مان سنڌو جو پرچو گذريو، جنهن ۾ ”فاني“ صاحب جو نظم او منهنجا وطن ڇپيل هيو جنهن کي پڙهڻ بعد اياز ابراهيم جويو صاحب کي خط لکي ٿو جيڪو ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۾ شامل آهي ان ۾ منهنجا وطن نظم بابت هيئن اظهاري ٿو؛

”اڄ سنڌو رسالو نظر آيو، ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم او منهنجا وطن پڙهيم، ڇا ٻڌايان ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اڏامي ويا هئا. ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌڌنڌ حلمن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. الا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تائين بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙيءَ جو لاکيڻو شاعر، کيئلداس”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ ”باقي“ آهي، هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا.“ (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ص ۱۴۲-۱۴۳)

او منهنجا وطن دلدار وطن،

ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،

لڳي لنءُ لنءُ ۾ آهي اهڙي لگن،

ڀل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀون،

ڪوشش مون ڪئي وئرٿ سان وئي،

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي.

--

مشڪل ٿي پيو واپس آ ورڻ،

مشڪل ٿي پيو ڳڻتين ۾ ڳرڻ.

چاهي ٿو هرڻ واريءَ ڏي ورڻ،

سمجهي ٿو سٺو اڄ رڃ ۾ مرڻ،

سنسار جو تنگ خيال سڏي،

دل قرب جو تنهن کي ڪمال سڏي.

زندگي جي پلئہ جڏهن رڳو اداسين جا پاڇا پون ٿا، منهن تي  چمڪندڙ چوڏس جي چنڊ باوجود اندر سارو اماسي ڪاريون راتڙيون بڻجي پوي! زندگي جي پياس جيئن پوءِ تيئن ڊگهي ٿيندي وڃي تڏهن فاني جهڙي تخليقڪار جو جيءُ جُهري پوي ٿو؛

زندگي اڄ اداس ٿي ڏسجي،

موت جي آس پاس ٿي ڏسجي.

منهن تي چمڪي ٿو چنڊ چوڏس جو،

پر ڇو اندر اماس ٿي ڏسجي.

تشنه لب آهه سمنڊ ۾ به سپي،

زندگي پياس پياس ٿي ڏسجي.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو گيت جيت  آس اميدون پيار پريت سڀ اڌورا رهجي ويندا آهن انساني وجود مڪمل هوندي به اڻ مڪمل لڳندو آهي ۽ انهي سڄي زندگي جو ڪاٿو ڪندي ڌرتي جو هي ڪوي به مڪملتا ۽ اڻ مڪملتا جي ٽواس تي ٽنگيل رهجي وڃي ٿو!

رات اڌوري چنڊ اڌورو محب سان ميلو آهہ اڌورو،

آس  اڌوري پياس  اڌوري  پراڻ اچي ٿيا پورا آهن،

                                     منهنجا گيت اڌورا آهن!

 



کيئلداس ”فاني”

هند سنڌ جو مشهور شاعر، اديب ۽ استاد

حسيب ناياب منگي

سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ناليوارن استادن، شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن ۽ سنگيت ڪارن جو جنم ٿيو آهي انهن ۾ ”کيئلداس فاني“ جو نالو به اهم آهي. کيئلداس ”فاني“ ولد وليرام بيگواڻي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي ”ميان جي ڳوٺ“ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو”سنڌو“ مسٽر” بولچند واسومل راجپال“ پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. ”فاني“ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس ”فاني“ جو ۱۹۲۹ع ڌاري شعر وشاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ”فاني“ به شرڪت ڪندو هو. هڪ هنڌ کيئلداس ”فاني“ لکي ٿو ته شال مالڪ مرحوم جناب آغا صوفي درازي کي ابدي جاوداني بخشي جو خاص طور شڪارپورشهر ۽ آسپاس جي اُڀرندڙ شاعرن کي مصرع طرح شايع ڪري فقط فقط اُن جي اوٽ تي (قافيه رديف) مشاعره منعقد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي به هيئن جُڙي ويو هو.

صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه

ٻُڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه

جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي

اتي ”فاني“ مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه (۱)

کيئلداس فاني هڪ قابل شخص هو. وٽس علم جي ڄاڻ تمام گهڻي هئي، جنهن سبب ئي هن کي نيوايرا هاءِ اسڪول(هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ملي. جتي هن نورالدين سرڪي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز مرحوم سميت ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي سوني زيور سان نوازيو. بعد ۾ جڏهن چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچراريءَ لاءِ جڳهه خالي ٿي ته فاني کي ”بيوس“ جي سفارشي خط سنڌي ليڪچراري ڏياري، بيوس جو خط هن ريت هو: ”مسٽر کيئلداس ــــ وــــ بيگواڻي ”فاني“ بي اي، شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسر لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگريءَ سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي. سا مُنهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سوني مُنڊيءَ ۾ هيري جي ڪڻي. ههڙي اعلى شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دوبالا ٿيندو“ ۱۷ مئي ۱۹۴۷ع ڪشنچند تيرٿداس کتري (بيوس) لاڙڪاڻو (۲). فاني ليڪچرار بڻجڻ کانپوءِ ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جو مهتمم پڻ ٿي رهيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳئي سال ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي وڃي هند وسايائين ۽ ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اُتي به سندس علمي ۽ ادبي خدمتون نمايان رهيون. هند ۾ رهندي سنڌ کي وساري نه سگهيو.

ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن

لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن

جن روهه رُلايو مون کي وطن

”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دُکي

سالن ۾ ٿين ساعت نه سُکي (۳)

کيئلداس ”فاني“ ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. جتان ۱۹۷۳ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سندس قابليت کي ڏسي ڀوپال گورنمينٽ کيس انٽر ڪاليج جو هميشه لاءِ پرنسيپال مقرر ڪيو. فاني صاحب اُتي ”سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ“ جو ڪنوينر، صوبائي اڪيڊمي جو وائيس پريزيڊنٽ، مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو ميمبر، ممبئي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلامنڊل جو ۳۵ سال چيئرمين به رهيو. فاني جون تحريرون توڙي شاعري مختلف رسالن جي صُفحن جي زينت بڻجي چُڪي آهي. هو هڪ ئي وقت اُستاد، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار۽ سنگيتڪارهو. سنڌ هند جي ناليوارن شاعرن ۽ اديبن کيس هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي، ڪجهه مثال ٿو پيش ڪريان. شيخ اياز لکي ٿو ته ”هُوسنڌي ادب ۾ امر ٿي چُڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گُداز سان پڙهندا.“ (۴) منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا“(۵)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کيئلداس فاني کي ”فلسفي شاعر“ لکيو آهي.(۶)، فاني جي غزلن جو اڀياس ڪندي مُنهنجو والد نقش ناياب منگي لکي ٿو ته ”فاني جي غزل واري شاعري جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جابجا نظر اينديون، هن جنهن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي.(۷)، همٿرام ڪيسواڻي لکيو ته ” اُستاد شري کيئلداس فاني شڪارپور سنڌ جي پروفيسر ۽ شاعر جي شاندار شخصيت انهيءَ مان عيان آهي ته نه فقط هو اعلى درجي جو عالم ماهر اديب ۽ شاعر آهي پر ٻين قابل شاگرد شاعرن به سندن صحبت مان خاص شاعراڻو فن ۽ ڪماليت حاصل ڪئي آهي، شيخ اياز جي اکرن ۾ ”فاني صاحب لفظن گهڙڻ ۾ هڪ سُهڻو سنگتراش ۽ ماهر مصور آهي، سندس سُخن سازي جي ساک ٿا ڏين“ (۸)، فاني صاحب جي شاعري ۽ نثر جا مجموعا هندستان ۾ ريڊيو راڳ، سامونڊي لهرون، سڪ سوز ۽ ساز (گُجرات ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران بي اي آنرس لاءِ منظور ٿيل ڪتاب) مڪتي مارڳ، پڇتا جا ڳوڙها، احساس جو آئينو، خزان جو خوشبوءِ، پيلا پن، توڙي سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ۱۹۹۵ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”سمنڊ سمايو بوند“ ۾ ڇپيل آهن.

کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند“ ۾ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون ۱۹۹۵ع ڄاڻايل آهي، ان کان علاوه روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۳۱ جون ۱۹۹۷ع تي پنهنجي ادبي صفحي”ساهت سڀيتا“ جو فاني نمبر شايع ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”فاني جي ٻي ورسي جي مناسبت سان ترتيب ڏنو ويو آهي.“ ان حساب سان فاني جي ديهانت جي تاريخ ۳۱ جولاءِ ۱۹۹۵ع ٿئي ٿي. فاني جي شاگرد نورالدين سرڪي مرحوم پنهنجي ڪتاب ”ڪي وسرن نه مُور“ ۾ فاني جي ديهانت جي تاريخ ۸ اپريل ۱۹۹۵ع ڄاڻائي آهي. هاڻي اهو مسئلو به تحقيق طلب ٿي ويو. کيئلداس فاني بيگواڻي سوين شعر لکيا جي اسان وٽ هميشه امر رهندا.

حوالا:

۱. فاني کيئلداس بيگواڻي (ڪتاب) ”خزان جي خوشبو ۽ پيلا پن“، ڀوپال مارچ ۱۹۹۴ع صفحو نمبر ۸.

۲. فاني کيئلداس بيگواڻي ”ڪتاب“ ”سڪ سوز ۽ ساز“ ڇاپو پهريون، ڪلاڪار منڊل ڀوپال فيبروري ۱۹۸۳

۳. ساڳيو صفحو ۵۴.

۴. قاضي حميده: استاد هيو فاني.......(شيخ اياز جو پنهنجي استاد کيئلداس فانيءَ کي خراج) روزانه هلال پاڪستان: ادبي صفحو ساهت سڀيتا ۳۱ جولاءِ ۱۹۹۷ع صفحو نمبر ۴.

۵. ملڪاڻي منگهارام:”سنڌي نثرجي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد...ڪنڊيارو ٽيون ايڊيشن ۱۹۹۳ع ، صفحو نمبر ۲۳۳.

۶. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ صفحو نمبر۲۸۲.

۷. منگي نقش ناياب: کيئلداس فاني جي غزل گوئي. ”ماهوار نئين زندگي ڊسمبر ۱۹۹۸ع صفحو نمبر ۳۲.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچي ڇپيل) 




کيئلداس ”فاني

جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا - ميان جي ڳوٺ جي مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ مَهان شخصيت

موتين جهڙو ماڳ ميان جو ڳوٺ طرفان

اڄ ۴ اپريل، ميان جي ڳوٺ جي مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ اُن مهان شخصيت جي ڄمڻ جو ڏهاڙو آهي، جنهن هن ئي تاريخ تي ۱۹۱۴ع ۾ ميان جي ڳوٺ جي موجوده ”شهرِخَموشان“ جي سامهون وهندڙ ”پيرَ واهي“ ڀرسان وليرام بيگواڻيءَ جي گهر ۾ اکيون کوليون هيون.

اهو ميان جو ڳوٺ جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ علم، ادب ۽ واپار جو مرڪز هو. کيئل داس فاني به ان ئي ميان جي ڳوٺ جو نه رڳو اعليٰ پائي جو استاد هو پر ناليوارو شاعر، مفڪر، ليکڪ، ناٽڪ نويس، ڪلاڪار ۽ راڳي پڻ هو، جنهن پنهنجي فڪر، احساس، لفظن ۽ سُرن جي آلاپ سان سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئون رنگ ڏنو ۽ ان وقت جي نوجوانن کي علم،ادب ۽ فن جي نئين گَسن تي هلڻ سيکاريو.

ان دور جو ”ميان جو ڳوٺ“ رڳو هڪ جاگرافيائي ماڳ نه هو، پر علم، ادب،تهذيب ۽ رواداري جو جيئرو جاڳندو مثال هو . ان وقت جي اوطاقن مان علمي ۽ اخلاقي ڳالهيون ئي ٻڌبيون هيون ۽ فاني جي شخصيت کي سنوارڻ ۾ به ان ماحول جو وڏو ڪردار هو۔ ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ پڙهندي، استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جي شفقت هيٺ، فاني لفظن سان محبت ڪرڻ سکيو، اهو ئي سبب هو جو سندس شاعريءَ ۾ سادگي ۽ سچائي جو رنگ ايترو گهرو نظر اچي ٿو۔

ميان جي ڳوٺ جي اها ادبي فضا، جتي بولچند وسومل راجپال جهڙا اديب ”سنڌو“ رسالي ذريعي فڪر کي اُجاگر ڪندا رهيا، ۽ دنيا تائين پنهنجي ٻولي ۾ سرجندڙ نئين ادب کي پهچائيندا رهيا، ان ئي ڳوٺ مان کيئل داس فاني جهڙي شخصيت جو اڀرڻ روشنيءَ جو هڪ نئون ڪِرڻو ثابت ٿيو هو .

کيئل داس فاني ميان جي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ ڪريم بخش ٽانوري، يار محمد ٽانوري ۽ بولچند وسومل راجپال جهڙن قابل استادن جي نگرانيءَ هيٺ اٺين درجي تائين علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم پرائڻ شڪارپور ويو، جتي هن نيو ايرا هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. شڪارپور شهر ۾ تعليم دوران سن ۱۹۲۹ ڌاري کيس ناليواري شاعر ۽ اديب آغا غلام نبي”صوفي“ جي صحبت ملي جنهن ۾ هن جو لاڙو شعر ۽ شاعري جي پاسي ٿيو، جنهن کانپوءِ هن شڪارپور شهر ۾ ٿيندڙ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو شعر پڙهڻ شروع ڪيو هو.

کيئلداس ”فاني“مئٽرڪ تائين تعليم پرائڻ کانپوءِ پهرين شڪارپور شهر جي ”نيو ايرا هاءِ اسڪول“ ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هندُ ۽ سنڌُ جو ناليوارو ڪوي شيخ اياز،ناليوارو سياستڪار نورالدين سرڪي، غلام نبي ”مير“ ۽ ٻيا ڪيترائي سندس شاگرد ٿيا، جن پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو .

ناليواري ليکڪا محترمه حميده قاضي پنهنجي ڪتاب ”شيخ اياز،شخصيت ۽ فن“ ۾ شيخ اياز جي حوالي سان لکيو آهي ته ” اڳوڻي نيو ايرا هاءِ اسڪول ۽ هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول شڪارپور ۱۰ اپريل ۱۹۳۴ ع تي مبارڪ عليءَ شيخ اياز جي انگريزيءَ ۾ داخلا ٿي. اِن اسڪول ۾ شيخ اياز کي اهڙو استاد مليو جنهن جي ڏاهَپ، ڏات ۽ سکيا جو سايو هو سدائين پنهنجي مٿان محسوس ڪندو رهيو، اهو استاد هو سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر کيئلداس ”فاني“، جنهن جي تعليم ۽ تربيت هيٺ رهي سندس شاعريءَ ۾ سَنوارَ آئي.“

سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي مهاڳ ۾ ”فانيءَ“ جو ذڪر ڪندي اياز لکيو آهي ته : ”کيئلداس فاني“ منهنجو نيو ايرا اسڪول شڪارپور ۾ پهرين درجي انگريزيءَ جو استاد هو .انهن ڏينهن ۾ ”کيئلداس فاني “ ۽ لطف الله بدوي ڪشنچند بيوس کانپوءِ سنڌ جا سڀني کان سٺا شاعر سمجهيا ويندا هئا . منهنجي زندگيءَ ۾ ”فانيءَ“ ۽ هاسانند جهڙا بي غرض ۽ همدرد انسانَ ورلي آيا آهن “.

شيخ اياز، فن ۽ شخصيت“ ڪتاب ۾ محترمه حميده قاضي جن لکن ٿيون ته ”کيئلداس فاني جي حيثيت ۽ اهميت واضح ڪندي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ ۾ به شيخ اياز لکيو آهي ته : ”کيئلداس فاني منهنجو استاد هو، نه فقط هُن مون ۾ ڏهن ورهين جي عمر ۾ شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو پر هُن ئي مون کي سنڌي شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفظن جو سنگتراش آهي. انهن کي گهڙي، ڇِلي، مهٽي سَهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي “.

کيئل داس فاني جي شخصيت جو سڀ کان روشن پاسو سندس استادي پيشو هو، جنهن دوران هن پنهنجي شاگردن جي ڀرپور علمي آبياري ڪئي هئي.شڪارپور جي نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ئي کيئل داس فاني بي اي جي ڊگري پوري ڪئي، بعد ۾ هن انگريزي ۾ ايم اي پڻ ڪئي .

سن ۱۹۴۷ع ۾شهر جي مشهور سي اينڊ ايس ”چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج“ ۾ سنڌي استاد جي جاءِ خالي ٿي ته ناليواري شاعرڪشنچند ”بيوس“ جي ڪوششن سان کيس ۱۷ مئي ۱۹۴۷ع تي اتي ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ ڪاليج ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۽ ڪاليج جي اسٽيج تان ٿيندڙ ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ به ”فاني“ گهڻو سرگرم رهندو هو .

کيئل داس فاني هڪ شاعر جي حيثيت سان شاعري جي هر صنف ۾ پاڻ ملهايو. غزل، نظم، بيت، ڪافي، رباعي، گيت، هر هنڌ سندس اسلوب ۾ رواني، سادگي ۽ فڪر جي گهرائي نظر اچي ٿي۔ هن سنڌي شاعريءَ کي مصنوعي تشبيهن کان ڪڍي، نج احساسن ۽ سادي ٻوليءَ سان مالا مال ڪيو هو۔

پنهنجي شاعري بابت کيئل داس فاني پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظن کان بي خبر هوندي هيئن جڙي ويو هو.

صبا سچ هئو ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه،

ٻڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه.“

کيئل داس فاني جي شاعريءَ ۾ محبت، وڇوڙو، وطن جي سڪ ۽ انساني درد جي گهري عڪاسي مِلي ٿي۔ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هو وطن کان وڇڙي ڀوپال وڃي رهيو هو، تنهن وقت سندس ڪلام ۾ درد ۽ وطن جي ياد جو لهجو وڌيڪ گهرو ٿي ويو هو ۽ هن جي لفظن ۾ ميان جي ڳوٺ جي مٽيءَ جي مهڪ سدائين جيئري رهي، ڄڻ هر سٽ ۾ هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ جا نقش محفوظ ڪيا هجن .

ناليوارو شاعر ۽ اديب محترم ڊاڪٽر انور”فگار“ هڪڙو،کيئل داس فاني بابت پنهنجون يادگيريون ٻڌائيندي چوي ٿو ته کيئل داس فاني نه رڳو استاد، شاعر، اديب، ناٽڪ نويس ۽ ڪلاڪار هو پر هو هڪ بهترين موسيقار پڻ هو ۽ سندس آواز ۾ به اهڙو جادو هو، جو جڏهن سُر ڇيڙيندو هو ته ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري وجهندو هو.“ محترم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جن ٻڌائين ٿا ته شڪارپور ۾ سُڪ پل واري علائقي ۾ ”هاسانند ...“ جي نالي سان سندس موسيقي جو ڀانڊو به هوندو هو، جتي هو نوجوانن کي مختلف سازَ، سُرَ ۽ موسيقي جا گُرَ سيکاريندو ھو.“

هندستان جي علائقي ڀوپال لڏي وڃڻ کانپوءِ کيئل داس ”فاني“ سنڌ جي ناليواري شاعر، سوشل ۽ سياسي ايڪٽِوسٽ رحيم داد راهي عرف ”استاد راهي“ کي هڪ خط ۾ پنهنجي ڳوٺ سان قربت جو احوال ڪجهه هن ريت ڏنو آهي،هي خط استاد راهي جي ڪتاب ”سدائين گڏ“ تان ورتو ويو آهي.

کيئل داس فاني ان خط ۾ لکي ٿو ته ”منهنجو ڳوٺ، ميان جو ڳوٺ، ڳوٺن جهڙو ڳوٺ نه پر لاثاني ڳوٺ هندن هوندي ته هوندو هو، پر هينئر به ڪيئن چوان ته نه هوندو . دراصل ميان جو ڳوٺ يا ميئان جو ڳوٺ ميان خير محمد سائين ۽ ميان عبدالحڪيم سائين يا پَٽ جي پيرن جي بندگي واري زندگيءَ کان ساري تَرَ يا پسگردائيءَ ۾ شهرت جي شعاءَ کان ائين چمڪندو هو جيئن تارن ۾ چنڊُ. ڪئين مريد ۽ معتقد اندريان ٻاهران زيارت لاءِ اچي اميدون برثواب ڪري ويندا هئا . منهنجي مَڪان کي شرف حاصل هو انهن ولين جي معمولي مدفونن جي ويجهڙائيءَ جو يعني وچ ۾ وهندڙ هئي انهن اوليائن جي نالي ”پيرَ واهي“ ۽ منهنجو غريب خانو اُن واهيءَ کان سڏ پنڌَ تي هُن ڀر هوندو هو . فقط مان نه پر مون جهڙا ٻيا به صاف دل هندو انهن جي تربت تي وقت بوقت زيارت ڪري خراج عقيدت پيش ڪندا هئا . هو پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”موڪل وارا ڏينهن گهڻو ڪري گهر اچي گهاريندو هئس. بس بگيءَ تان لهي پهريائين وڃي مزار شريف تي سِر نوائي، ڪُني ۾ رکيل جيڪي مٺائي چکي پوءِ اچي هلڪي هيانءَ سان گهر ڀاتين سان ملندو هئس . انهيءَ ايڪي ۽ اخلاص، اتحاد ۽ اتفاق جو هڪ اعليٰ عمدو مثال جو مان ايامن کان سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، اجهو هيئن آهي ته ڳوٺ جي هندن ۾ ٻه ڌريون هيون. هڪ طرف پنجو مل سگني مل وارا چوڌري گهرَ ته ٻئي طرف هيا سگهيا سيٺ مگهنداس خوشيرام وارا. ڪڏهن پاڻ ۾ ٻنهي ڌرين جي ترشي يا تندي ٿي پوندي هئي ته ڳوٺ جو ميان گل محمد ٻنهي کي سڪ سلوڪ جي سمجهاڻي ڏيندو هو.“

پنهنجي استاد جو ذڪر ڪندي کيئل داس فاني لکي ٿو ته ”منهنجو محترم استاد ڪريم بخش ٽانوري جنهن جهڙو معلم ۽ منتظم بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون سان ٻيو ڪونه مليو آهي. ان جا شرڌالو ۽ شيدائي شاگرد جي پوءِ مسٽر بولچند راجپال B.Sc جي رهنمائيءَ ۾ انجينئر، ڊاڪٽر، وڪيل، تعليمدان ۽ مان ناقص شاعر پروفيسر جي درجي تائين پهتاسين. اهو سڀ ان وقت جي ٻنهي عالمن جي ڳوٺ وارن تي خاص مهرباني جو نتيجو آهي.“

آخر ۾ پنهنجي هن ٻن شعرن سان خط جي پڄاڻي ڪئي اَٿن ته :

* دنيا جو جي هڪ ڌرم ۽ اِيمانُ ٿي پوي،

ڌرمن جو ختم گوڙُ ۽ گهمسانُ ٿي پوي.

۽

* منهنجا مارو ڪٿي ۽ مليرُ ڪٿي،

کڻي آئي الا تقديرَ ڪٿي .

پنهنجي مِٺڙي ۽ محبوب ڳوٺ جي مِٽي ڇڏي هندستان لڏي وڃڻ کانپوءِ کيئل داس فاني ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۷۳ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. اتي ئي صوبائي حڪومت جي ادبي اڪيڊميءَ جو نائب صدر بڻيو. مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو ميمبر رهيو، سنڌي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪاميٽي جو ڪنوينر، آل انڊيا ريڊيو جو راڳي ۽ گيت ڪار رهيو. انٽر ڪاليج جو پرنسپال به ٿيو. ۱۹۸۴ع ۾ سندس پهريون شعري مجموعو شايع ٿيو. جڏهن ته ٻيو شعري مجموعو ’پيلا پن ۽ خزان جي خوشبو‘ ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيو. فانيءَ جي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب ”مڪتي مارڳ“ به سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ۱۹۹۵ع ۾ وفات کان پوءِ سندس شعري مجموعو ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو شايع ڪرايو، جيڪو انور فگار هڪڙو جن ترتيب ڏنو هو. سندس حياتيءَ ۾ ۽ چالاڻي کانپوءِ به هندستان ۾ مختلف شهرن ۽ خاص ڪري ڀوپال ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ٿيندا رهيا .کيئل داس فاني ۱۹۴۰ع ۾ ٺهيل پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو ليکڪ پڻ هو، جيڪا ليکڪ ڪريم بخش نظاماڻي ٺاهي هئي، جنهن جو هيرو به ڪريم بخش نظاماڻي پاڻ ٿيو هو. هتي ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ” کيئل داس فاني“ سنڌي فلم جو به باني ڪار آهي .

کيئل داس ”فاني“ ۸ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني طور تي هن عارضي دنيا مان چالاڻو ته ڪري ويو پر سندس لفظ، سندس فڪر ۽ ڪلام اڄ به اسان سان ڳالهائي رهيا آهن۔ بيشڪ، فاني نالي ۾ ”فنا“ ضرور آهي، پر سندس فن ۽ يادگيري ”غير فاني“ آهي۔ هو رڳو هڪ شاعر نه، پر هڪ دور، هڪ ڳوٺ جي خوشبو، هڪ سادگيءَ جو احساس ۽ هڪ فڪر جو نالو آهي، جنهن کي ياد رکڻ سنڌي ٻولي، ادب سان محبت جو ثبوت آهي.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۴ اپريل ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا