; سنڌي شخصيتون: انور سولنگي - حيات علي شاهه بخاري

06 April, 2012

انور سولنگي - حيات علي شاهه بخاري

انور سولنگي
سندس ساروڻيون
حيات علي شاهه بخاري
انور سولنگيءَ سان 1968ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد تي ملاقات ٿي، جيڪا دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ انور سولنگيءَ جي وفات تائين قائم رهي. جن ڏينهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، تن ڏينهن ريڊيو حيدرآباد تي ڊرامي جو اوج هوندو هو. مصطفيٰ قريشي ۽ عبدالڪريم بلوچ ڊرامه سيڪشن جا انچارج هوندا هئا. انور سولنگي اصل موري ڀرسان گچيرو نالي ڳوٺ جو رهواسي هو. سندس پيءُ پوليس عملدار هو. ان ڪري هو مختلف جاين تي رهيو.

هڪ ڏينهن انور سولنگي موري شهر ۾ پنهنجي عشق جو قصو ڪجهه هيئن ٻڌايو؛ ”هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو. اُها مون سان ملڻ ايندي هئي. مان پاڪ، صاف ۽ شفاف عشق جو قائل، سو کيس سامهون ويهاري ڏسندو رهندو هوس ۽ پيار ڀريون ڳالهيون ڪندو رهندو هوس. ڪجهه ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو. اوچتو ئي اوچتو ڇوڪريءَ مون وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو. مون چٺي لکيمانس. جنهن جي جواب ۾ هڪ چٺي موڪليائين، جنهن تي لکيل هو؛ ”ايسي محبت سي هم باز آئي“.
هڪ ڀيري ٻڌايائين ته سڪرنڊ شهر ۾ رهندو هوس. ميٽرڪ جي امتحان لاءِ سينٽر نوابشاهه ۾ لڳو. مون وٽ ڀاڙي جا پئسا ڪو نه هوندا هئا. سو روزانو سڪرنڊ کان نوابشاهه پنڌ ويندو هوس ۽ پنڌ واپس ايندو هوس.
انور سولنگي نه رڳو سٺو آرٽسٽ پر سٺو ليکڪ به هو. هُن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ سٺا ڊراما لکيا. ريڊيو حيدرآباد تي ريگيولر انائونسر ٿيو. پر ڪن سنڌي آفيسرن سندس خلاف رپورٽون ٺاهي سندس نوڪري وڃائي ڇڏي. ان جو کيس سخت صدمو رسيو ۽ هو دل برداشت ٿي پيو.
هڪ وقت اهڙو آيو جو انور سولنگي، مون کي ساڻ ڪري، مولا علي جي قدم گاهه ويندو هو ۽ قدم گاهه جي وڏي علم پاڪ جي ڀرسان بيهي، آسمان ڏي هڪ ٽڪ پيو ڏسندو هو. جُون جُولائي جون سخت گرميون هونديون هيون. ڪلاڪ کن مون کي ساڻس اتي بيهڻو پوندو هو ۽ مان دل ئي دل ۾ شرمندو پيو ٿيندو هوس ته سيد مان آهيان ۽ اهل بيت سان عقيدت هن کي وڌيڪ آهي. ڪافي وقت کانپوءِ، مون کي اهو انڪشاف ٿيو ته انور سولنگي هوم اسٽيڊ هال جي چاڙهي تي مائٽن جي هڪ گهر ۾ رهندو هو. ان گهر ۾ هڪ خاتون سان انور سولنگي جو پيار ٿي پيو، جيڪو ڪافي وقت هلندو رهيو. پر جڏهن اها ڳالهه کُلي ته انور سولنگي کي اهو گهر ڇڏڻو پيو. خاتون جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي به پابندي عائد ڪئي وئي ۽ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان ڌار ٿي تڙپڻ لڳا. ان گهر جي دري، پوئين پاسي کان کلندي هئي. سو انور سولنگي مولا علي جي قدم گاهه جي علم پاڪ وٽ، مون کي ساڻ ڪري ان لاءِ وٺي ويندو هو، جو سندس محبت دريءَ مان ۽ هي کيس علم پاڪ وٽان ڏسندو رهندو هو ۽ ٻنهي محبت ڪرڻ وارن کي ته گرميءَ جو احساس ڪو نه ٿيندو هو، پر منهنجي کڙين تان به پگهر وهندو رهندو هو.
هڪ ڀيري حيدرآباد ۾ سنڌي فلم ”ڦل ماڇي“ جا پوسٽر لڳا. انور پوسٽر کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو؛ ”افسوس ‘ڦل ماڇيءَ’ ۾ ماڇي ڪونهي.“
انور سولنگي گذاري ويو. سندس ڪٽنب ڀاتي نهايت ڪسمپرسي ۾ وقت گذاري رهيا آهن. ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سندس ٻچڙن تي شفقت جو هٿ ناهي رکيو. خدا ڀلو ڪري اداڪار رفيق عيساڻي جو جنهن انور سولنگي جي ورسي ملهائي، انور سولنگيءَ سان پنهنجي دوستي ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا