; سنڌي شخصيتون: بيگم زينت عبدالله چنا

15 April, 2012

بيگم زينت عبدالله چنا

جيجي زينت چنه سيوهاڻي

علي اصغر اوٺو



سنڌ ڌرتي جي هن ليکڪا جو اصل نالو زينت چنه هو. جنهن جو جنم، تاريخي شهر سيوهڻ اندر ۴ جنوري ۱۹۱۹ع بمطابق پھرين ربيع الثاني ۱۳۲۷ هجري تي محمد صالح چنه پوسٽ ماسٽر جي گهر ۾ ٿيو. زنيت چنه سنڌ جي مشهور ليکڪ، محقق، پروفيسر محبوب علي چنه جي وڏي ڀيڻ هئي. زينت چنه ننڍي هوندي کان ذهين ۽ هوشيار هوندي هئي. ان دور ۾ هندن جو هر قدم پڻ زور هو. سيوهڻ ۾ اهي هر گام ۾ اڳرا هئا. ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مسلمان نينگريون اٽي ۾ لوڻ برابر هونديون هيون. جيجي انهن مسلمان نينگرين مان هڪ هئي. جنهن تعليم جي دائري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. بقول پروفيسر محبوب علي چنه جي؛ ”سنڌي ڪاميٽي اعزاز سان پاس ڪيائين. انگريزي پڙهڻ جو ان وقت خواب خيال به نه هو. ان ڪري والده صاحبه سوچيو ته کيس حيدرآباد جي زنانه ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائي، ماسترياڻي ڪرائجي، جيئن مستقبل جي اڻ سهائيندڙ اوٽن کي منهن ڏيئي سگهجي.“


ان وقت جو ماحول نياڻين جي تعليم جي سخت خلاف هو. بهرحال گهڻين مشڪلاتن کانپوءِ جيجي زنيت چنه کي زناني ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو. اهڙيءَ طرح سان سيوهڻ جي هي پهرين عورت هئي، جيڪا اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي شهر ۽ مٽن مائٽن کان پري، حيدرآباد جي ڪاليج ۾ پڙهي. هڪ عورت ذات ٿي ڪري، باقاعده پڙهي ڏيکاريو. ڪاليج جي ٽن سالن دوران جيجيءَ کي جيڪي به تڪليفون درپيش آيون. انهن جو همت سان مقابلو ڪيو ۽ ڪاليج جو وقت، وڏي اعزاز سان پورو ڪيائين. ڪاليج کانپوءِ جيجي زنيت چنه جڏهن واپس سيوهڻ پهتي ته سندس نوڪريءَ جو سوال هو. گهر وارن اهو ئي چاهيو ته سيوهڻ ۾ ئي ملي پر ڪجهه وقت لاءِ جيجي کي (ٽلٽي) جي اسڪول ۾ ملي. جتي هن ٿوري وقت لاءِ نوڪري ڪئي. جتان واپس سيوهڻ جي گرلس اسڪول ۾ بدلي ٿي آئي. جتي کيس اسسٽنٽ ماسترياڻي جو عهدو مليو. جنهن کانپوءِ جلد ئي هيڊ ماسترياڻي ٿي. جتي نه صرف مسلمانن جون ڇوڪريون تعليم پرائينديون هيون پر هندن جون به ڇوڪريون تعليم حاصل ڪنديون هيون. اهڙيءَ طرح سان وقت گذرندو ويو ۽ رشتي جي گهر به ٿيڻ لڳي. بقول پروفيسر محبوب علي چنه جي ”هن درناياب لاءِ گهڻن ئي سوداگرن گهُر ڪئي پر هي محترمه و مڪرمه برادم عزيز من عبدالله خان چنه جي تاج لاءِ منظور هو ۽ انهن پنهنجي ادب جي شهپارن جي شادي خانه آبادي ۱۳ آگسٽ ۱۹۴۴ع ۾ ٿي.“ خان صاحب عبدالله چنه نه صرف هڪ محقق ۽ ليکڪ هو پر ان سان گڏوگڏ ان وقت ۾ سيوهڻ  جو ڊپٽي ڪليڪٽر به هو. جيڪڏهن جيجي زينت چنه کي ادبي شخصيت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هوءَ ادب جي حوالي سان شاهڪار هئي.

سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪا طور رهي. اڄ به سنڌ جا اديب احترام طور کيس (جيجي زينت چنه) سڏيندا آهن. ورهاڱي کانپوءِ هيءَ پهرين خاتون ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا هئي، جنهن جون ڪافي معياري ڪهاڻيون، نئين زندگي، مهراڻ ۽ اديب سنڌي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. سندس واسطو صحافت سان به رهيو. هن جي زير نگراني عورتن جو رسالو (مارئي) ڏاڍو مقبول بڻيو، جيڪو پهرين هفتيوار ۽ پوءِ ماهوار شايع ٿيندو هو. ان کان علاوه ڀٽ شاهه ثقافتي ڪاميٽيءَ جا ساليانه پرچا (يادگار لطيف) به ڪجهه وقت لاءِ ترتيب ڏنائين. جيجي زينت چنه، پنهنجي عبوري دور ۾ عورتن کي ادبي ميدان ۾ آڻڻ جون ڪافي ڪوششون ورتيون. هن جي ڪهاڻين مان ”رانديڪو“ ۽ ”اونداهي“ سٺيون ڪهاڻيون آهن، پر انهن کان وڌيڪ اعليٰ شاهڪار ڪهاڻي، ”مٺي“ آهي. زينت چنه سڀني عورتن کي ادب ڏانهن راغب ڪيو. زينت چنه جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل اهي ڪوششون يادگار آهن. جيڪي هن جديد ادب لاءِ ان جي معمار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيون. بهرحال جيجي اڄ به زنده آهي. سندس عظمت ڀريو نانءُ سنڌي ادب لاءِ اڄ به ڇپر ۽ ڇانءَ آهي. سنڌ جو نئون نسل کيس ڪڏهن به ڪو نه وساري سگهندو.

جيجي زينت چنه، ۵۵ سالن جي عمر ۾، ۱۲ جولاءِ ۱۹۷۴ع تي وفات ڪري وئي.


بيگم زينت عبدالله چنا

سنڌي ڪهاڻيءَ جي خاتونِ اول

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

سال ۱۹۴۷ع کان پوءِ جنهن ڪهاڻيڪاره عورت جو نالو سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ملي ٿو، سا بيگم زينت عبدالله چنا آهي. بيگم زينت چنا ۱۹۱۹ع ۾ سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد مان فائنل پاس ڪيائين. سيوهڻ پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس طور ڏھ سال ڪم ڪنديون رهيون. ۱۹۴۴ع ۾ سندن شادي عبدالله چنا سان ٿي. عبدالله چنا صاحب روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پهتو. بيگم صاحبہ جو اٿڻ ويهڻ سڌريل ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ ٿيندو هو. هوءَ پاڻ پڻ سلجھيل ۽ روشن دماغ هئي، کيس مطالعي جو شوق هو تہ لکڻ جو پڻ. ۱۹۷۰ع کان پاڪستان رائيٽرز گلڊ جي ميمبر رهي. سندس ادبي سرگرمين کان بہ وڌيڪ سماجي، صحافتي ۽ علمي مصروفيتون وڌيڪ هيون. هن ۱۹۵۰ع ۾ لاڙڪاڻي جي اپوا جماعت جي صدر جي حيثيت سان ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ اپوا جون شاخون قائم ڪيون. پاڻ عورتن جي سجاڳيءَ ۽ نياڻين جي تعليم جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورت هئي. سندس چوڻ هو تہ، “اڄ جي نياڻين جي اهم گھرج آهي تہ اهي هر قسم جي فني توڙي غير فني تعليم حاصل ڪن. جتي کين تعليم حاصل ڪرڻ جون سهولتون موجود نہ آهن، اتي هو هنر پرائين. اڄڪلھ جي ترقي يافتہ دور ۾ هو پنهنجي ڀائرن ۽ مردن سان گڏ ٻانهن ٻيلي ٿي وقت جي تقاضائن کي منهن ڏين. جيستائين سنڌي قوم جي نياڻي ترقي يافتہ نہ آهي، تيستائين اسان جي قوم ترقي نہ ڪندي”.

صحافتي خدمتن ۾ ۱۹۵۱ع ۾ ماهوار “مارئي” رسالي کي جاري ڪرڻ سندن وڏو ڪارنامو هو. هيءُ پهريون سنڌ جو عورتن جو رسالو هو، جنهن ۾ عورتن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا. هن رسالي ذريعي بيگم زينت ڪيترين سنڌي ليکڪائن کي اڳيان آڻي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي قوم جي خدمت ڪئي. ۱۹۶۱ع ۾ مارئي مخزن مارشل لا جي عتاب جو شڪارٿي بند ٿيو، پوءِ بيگم زينت ڪجھ عرصي بعد هفتيوار “مارئي” ڪڍيو. هن رسالي جي ايڊيٽر بيگم زينت پاڻ ۽ سب ايڊيٽر حميد سنڌي هو. حميد سنڌيءَ موجب: “آئون پاڻ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس تہ صبح جو عبدالله صاحب جي لائبريريءَ ۾ “مارئي” رسالي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئس. بيگم زينت ۽ عبدالله صاحب جي مهربانين ۽ رهنمائيءَ سان نہ فقط مونکي اڳيان پڙهڻ جو شوق ٿيو پر “روح رهاڻ” جي اجراءَ جي شوق پويان پڻ انهن ماضيءَ جي ادبي يادن جو هٿ هو”.

ادبي پورهئي ۾ بيگم زينت جو ڪم نثر ۾ آهي. هن ڪهاڻيون، مضمون، تاثر، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا آهن. ڪتاب “يادگارِ لطيف” کي ترتيب ڏنائين. سندس افسانا ۱۹۵۰ع کان پوءِ ظاهر ٿيا. ٽہ ماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيل افسانن ۾ “اونداهي”، “رانديڪو”، “مٺي”، “من اجرو تن اجرو” اهم آهن.

بيگم زينت ڪي گھڻيون ڪهاڻيون ڪونہ لکيون ۽ نہ ئي سندس ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهن. عام طور اهڙيون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاِڻيون ادب جي وڏي افسانوي ڳاڻيٽي ۾ ضم ٿي پنهنجي حيثيت مڃائي ڪونہ سگهنديون آهن، پر سنڌي نثر ۾ سندس ڪهاڻين جو قائم رهڻ ۽ ادبي تاريخ ۾ سندس نالو هئڻ جو اهم سبب اهو آهي تہ هوءَ ۱۹۴۷ع کان پوءِ سنڌ جي پهرين ڪهاڻيڪار عورت شمار ٿئي ٿي. کانئس پوءِ ڪجھ عرصي بعد سندس پوئواري ڪندي ڪجھ ليکڪائون سامهون آيون، انهيءَ ڪري بيگم زينت جي خاتونِ اول ڪهاڻيڪار جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهم آهي.

اپريل ۱۹۵۶ع ۾ سندس ڪهاڻي “رانديڪو” نئين زندگيءَ رسالي ۾ ڇپي، جا عورت ۽ مرد جي محبت ۽ شادي شده زندگيءَ جي رُخن تي روشني وجھي ٿي. “مٺي” ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار جي سڌن سادن ۽ فطري جذبن جي نمائندگي آهي، جنهن جو پنهنجي بيواهه ماءُ جي سواءِ ڪوبہ سهارو ڪونهي. دائود نالي نينگر کي پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي وچ ۾ ڪنهن جي بہ شراڪت منظور ڪانهي. ايتري قدر جو هو پنهنجي ڳل تي ٻئي ڪنهن جي “مٺي” (چمي) بہ نٿو سهي سگهي. طبقاتي راڄ جي پس منظر ۾ لکيل هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال وڻندڙ آهي. “رانديڪو” ۽ “مٺي” ٻنهي ڪهاڻين ۾ هن محبت ۽ خلوص جي سچي ۽ فطري جذبي کي فوقيت ڏني آهي.

“من اجرو تن اجرو” ڪهاڻي مهراڻ ۳، ۱۹۷۰ع ۾ شايع ٿي، هيءَ ڪهاڻي پڻ اصلاحي نوعيت جي آهي، جنهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻن نينگرين جي صورت ۽ سيرت کي چِٽيو ويو آهي. “شانو” خوبصورت پر مغرور ترين ڇوڪري آهي، جنهن جي شادي هڪ امير ڇوڪري سان ٿئي ٿي، جو نشي جي عادت ۾ ڦاسي شانوءَ کي ڏکن ۽ ڏوجھرن ۾ وجھي ٿو، جا پوءِ سلھ جي مرض ۾ گھڙيون گھاري ٿي ۽ آخر انهيءَ بنگلي جي سرونٽ ڪواٽر ۾ رهي ٿي، جنهن بنگلي ۾ سندس سادي صورت واري ڪلاس فيلو ساهيڙي ڪنهن رئيس جي زال ٿي مالڪياڻي ٿي ويٺل آهي ۽ شانان سندس پٽيوالي جي ڀيڻ آهي، جيڪا آخري پساهن ۾ آهي. بيگم زينت شانل جي حسن جواني ۽ غرور سان گڏ آخري وقت جي بي وسيءَ کي چِٽيو آهي.

بيگم زينت جون ڪهاڻيون گھڻي ڀاڱي سادي سودي نموني اصلاحي انداز جون آهن، جن ۾ سماج جي براين جي نشاندهي ڪيل آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ مضمونن معرفت سنڌي عورتن کي نہ فقط سجاڳيءَ جا پيغام ڏنا پر علم حاصل ڪرڻ ۽ پيرن تي بيهڻ لاءِ اُڀاريو ۽ خاص طور کين لکڻ پڙهڻ ۽ ادب ڏي موڙڻ ۾ هن وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر شمس عباسي سندن خدمتن کي مڃتا ڏيندي چيو آهي تہ، “زينت چنا کي اسان وساري نٿا سگهون. اها انگريزي نہ پڙهي هئي پر سنڌي ادب سان اهڙو تہ لڳاءُ هيس جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ ٻهراڙيءَ جي عورت ڪنهن ڪم ۾ پوئتي نہ آهي. اها وڏي همٿ جي ڳالھ هئي”.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


بيگم زينت عبدالله چنا

(۴جنوري ۱۹۱۹ع–۱۲ جولاءِ ۱۹۷۴ع)

مير حاجن مير

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا، ايڊيٽر، عورت زاد ۽ جديد ڪهاڻيڪاره محترمه زينت چنا، محمد صالح چنا جي گهر ۾ غلام رسول محلا سيوهڻ شريف ۾ ڄائي. سندس والد محمد صالح چنا سيوهڻ شريف ۾ پوسٽ ماسٽر هو. بنياد ي تعليم ديني ۽ انگريزي سيوهڻ شريف مان حاصل ڪيائين، وڌيڪ گرلس ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهي. نوڪري جي شروعات پرائمري ماستري کان ڪيائين پهرين ٽلٽي ۾ ٽيچر بعد ۾ ترقي ڪندي سيوهڻ جي گرلز اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس جا فرض نڀايائين. ”هن ۱۹۳۵ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، هن شروع ۾ ”اديب سنڌ“ لاڙڪاڻو ۽ سنڌو (شڪارپور) ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. جيڪي عورتن جي مظلوميت جي حوالي سان هوندا هئا. اديب سنڌ ۾ هن شبنم جي نالي سان لکيو ڇاڪاڻ جو ان دؤر ۾ مسلمانن ليکڪائن جي لکڻين تي ٽيڪا ٽيڻي ٿيندي هئي. بعد ۾ جڏهن کيس پنهنجي قلم تي ڀروسو ٿيو ته پنهنجي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين.“ (آريسر، ۲۰۱۶: ۹۳)

بيگم زينت چنا پهرين شبنم جي نالي سان لکيو، پوءِ بيگم زينت چنا ۽ جڏهن عبدالله چنا سان شادي ٿيس ته پوءِ بيگم زينت عبدالله چنا جي نالي سان لکيائين ۽ مشهور ٿي.

”بيگم زينت عبدالله چنا ۱۹۵۵ع ۾ ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي چونڊجي آئي. انهيءَ دوران دوستن جي اصرار تي هن ۱۹۵۶ع ۾ ’مارئي‘ نالي عورتن لاءِ رسالو جاري ڪيو. هوءَ سنڌ جي پهرين عورت آهي. جنهن عورتن جو پهريون ادبي رسالو جاري ڪيو. جيڪو پهريان هفتيوار پوءِ ماهوار ڇپجندڙ رهيو سندس ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ هن ادبي رسالي ادبي حلقي ۾ خاص مقبوليت ماڻي.“ (آريسر، ۲۰۱۶: ۹۴- ۹۳)

سنڌ جو نامور اديب سندس ننڍو ڀاءُ پروفيسر محبوب علي چنا لکي ٿو ته:

بيگم زينت عبدالله چنا هڪ قابل ولائق، ماهر تعليم ۽ سماجي ڪارڪن هئي. هن سندس ماهوار رسالي جي ذريعي انتهائي، مفيد ۽ ترقياتي خدمتون انجام ڏنيون عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ هر قسم جي ترقي جي احساس پيدا ڪرڻ سان نفعي ۽ نقصان جي احساس کي پاسيرو رکي ادبي خدمت جي ترقي ڏانهن وک وڌائيندي رهي. (چنا، ۱۹۷۵: ۷۲)

بيگم زينت عبدالله چنا ترقي پسند روشن خيال، عورتزاد بهترين جديد ڪهاڻيڪاره هئي. سندس ڪهاڻيون، مضمون اخبارن ۾ ڇجندا هئا. ۽ پڙهندڙ گهڻو پسند ڪندا هئا. اتفاقاً ڪڏهن لکڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي ته سندس مداح خط لکندا هئا. هيءَ پهرين مسلم عورت هئي جنهن جديد ڪهاڻيون ۽ عورتن لاءِ مارئي رسالو جاري ڪيو. ثميره زرين لکي ٿي ته ”جديد سنڌي ڪهاڻي حوالي سان محترمه بيگم زينت عبدالله چنا کي پهرين مسلم خاتون ڪهاڻيڪار طور ڏٺو وڃي ٿو.“ (زرين ۱۹۹۳: ۸۵)

سندس مشهور ڪهاڻين ۾ ’رانديڪو‘، ’مٺي‘، ’اونداهي‘، ’انصاف‘، ’من اجرو، تن اجرو‘ وغيره شامل آهن. سندس ڪهاڻي رانديڪو جو ٽڪرو آهي. ”هڪ دفعي اوچتو اصغر مون کي سندس نيڻن ۾ تڪيندي ڏسي ورتو. اُهي نيڻ جن جي ڊگهن پلڪن ۾ منهنجي زندگيءَ جي هر تار منجهي پئي هئي. ڪوريئڙي جي ڄار مثل! ڪهڙا نه هئا اصغر جا خوبصورت نيڻ...“ (چنا، ۱۹۵۶: ۴۰)

بيگم زينت چنا جي لکڻ جو انداز منفرد، الڳ آهي، هن جي مقالي، توڙي ڪهاڻي جي ٻولي سادي هئڻ سان گڏ نرم ملائم، ۽ نفيس آهي. جيئن هڪ عورت نفيس هوندي آهي هن جي لکڻي ۾ آگ (باهه) ڀريل هوندي هئي. هوءَ لکندي نه هئي، ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن ۽ عورتن سان زيادتي تي پار ۽ رڙيون ڪندي هئي. بيگم زينت عبدالله چنا سنڌ جي پهرين پڙهيل لکيل، شعور رکندڙ، عورتن جي آزادي جي علمبردار هئي. هن جا احساس جذبا، خيال، سڀ عورتن لاءِ وقف ٿيل هئا. هوءَ گهڻ پاسائين شخصيت هئي.

بيگم زينت عبدالله چنا گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ ادبي لڏي سان سڄي زندگي سلهاڙيل رهي. ۽ وڏي ناليوارن اديبن جي ساٿ ۾ رهي. جن ۾ حميد سنڌي، عبدالحق عظيم محبوب علي چنا، عبدالله چنا، ميران محمد شاهه، ۽ ٻيا شامل هئا. ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي کان علاوه هندسان مان نڪرندڙ نئين دنيا ۽ هلچل ۾ به محمد شاهه ۽ آغا تاج محمد جي ساٿ ۾ ڀٽ شاهه ثقافت ڪاميٽيءَ پاران يادگار لطيف مرتب ڪيو. جيڪو شاهه لطيف جي زندگيءَ توڙي شاعري فڪر جي موضوع تي سند جي حيثيت رکي ٿو (آريسر، ۲۰۱۶: ۹۴)

ياد گار لطيف ۾ سندس مقالو شاهه ۽ عورت شامل آهي. اچو ته هي پڙهون ۽ سندس ٻوليءَ جا تجلا ڏسون.

شاهه جي سوانح حيات تي نگاهه ڪبي ته سندس عمر جا جيڪي پهريان ويهه ورهيه گذريا آهن، انهن جا پورا يا اهم واقعا ثابتين سان ڪونه ٿا ملن، شاهه جي سوانح حيات جو اهم واقعو اهو آهي ته جڏهن کيس مغل بيگ جي نياڻيءَ جي دعا لاءِ نيو ويو. تڏهن شاهه صاحب جي زندگي تي ان واقعي جو اهڙو اثر پيو جو سچو شاهه، اُن واقعي بعد ئي ٿيو. شاهه صاحب مغل بيگ جي نياڻي ڏٺي ڪونه هئي، نه ڪي هُن جي حسن طبيعت تي اثر ڪيو، در حقيقت ڪو به سالم طبيعت انسان فقط هڪ چيچ ڏسي. ان تي عاشق ڪونه ٿو ٿئي سگهي. پر شاهه صاحب هڪ عورت کي عورت سمجهي، عورت جي سيرت عورت جي جذبات، عورت جي فطرت ته اهڙو ته عاشق ٿو. جو اُهي عشق جا شعلا نه رڳو آگ بڻجي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ روشن ڪري سگهيا، پر ورهن بعد به سندس شعرن ۾ اُهائي آگ (باهه) ڀريل آهي. جو جيڪو به پڙهندو اُن کي اُهائي تيزي اُهائي تپش ۽ اُهائي جذبات جي تيز لهر محسوس ٿيندي (چنا، ۵۷)

بيگم زينت عبدالله چنا هڪ باڪمال، نثر نويس جديد ڪهاڻيڪاره، عورت جي آزادي جي علمبدار هئي. هن جون تحريرون عورت جي هٿن کي پيل زنجيرن کي ٽوڙڻ هو. هوءَ گهڻي قدر پنهنجي تحريرن ۾ سماجي جي مسئلن ۽ عورت سان ٿيندڙ نا انصافين کي، ڏاڍ جي ديوارن کي، قلم جي نوڪ سان چيريندي ڦاڙيندي ۽ لوڏيندي رهي ۽ هوءَ ڪامياب وئي دنيا ڇڏي وڃڻ کان پوءِ کيس حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ مدفون ڪيو ويو.

نتيجو:

بيگم زينت عبدالله چنا جديد ڪهاڻيڪاره هئي.

هوءَ عورتن جي آزادي جي علمبردار هئي.

هوءَ پهرين مسلم خاتون هئي. جنهن ادب ۾ دليري سان پير پاتو.

بيگم زينت عبدالله چنا پهرين عورت هئي جا ’مارئي‘ رسالي جي ايڊيٽر هئي. هي ۱۹۴۷ع کان پوءِ پهريون رسالو هو جو خاص عورتن لاءِ هو.

بيگم زينت چنا جي ڪهاڻين ۾ ٻولي بهترين لکيل آهي.

بيگم زينت ترقي پسند روشن خيال ۽ سنڌ ڌرتي جي ساڃانهه وند عورت هئي.

پروفيسر محبوب علي چنا ۽ سندس ڀيڻ بيگم زينت عبدالله چنا سنڌ جا مشهور اديب معروف شخص رهيا آهن.

حوالا:

آريسر، علي نواز، ۲۰۱۶: سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

آريسر، علي نواز، ۲۰۱۶: سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

چنا، محبوب علي، سيوهاڻي، ۱۹۷۵: سنڌي ادب جا مختلف رجحانات، صالح سريز حيدرآباد.

زرين، سميرا، ’سنڌي افساني جي اوسر (سنگت ڪهاڻي نمبر مرتب ادل سومرو)

چنا، بيگم زينت عبدالله، نئين زندگي، اطلاح کاتو حڪومت سنڌ.

 آريسر، علي نواز، ۲۰۱۶: ’سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو‘ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد

چنا، بيگم زينت عبدالله، (مرتب) ياد گار لطيف ص ۵۷.

 

(سلسلو سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (ادبي تاريخ) تان کنيل)


 

زينت چنا

(مضمون نگار ۽ ڪھاڻيڪار - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند

بيگم زينت عبدالله چنہ عرف ”زينت چنا“ ۴ جنوري  ۱۹۱۹ع تي سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو.

پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين.

زينت چنا ادبي سفر جي شروعات ۱۹۳۰ع کان ڪئي، سندس وڏو ڪم ماهوار سنڌي رسالو ”مارئي“ جاري ڪرڻ ھيو، جنهن جي ايڊيٽر هئي، اھو رسالو پهرين هفتيوار ۽ پوءِ ماهوار شايع ٿيندو هو، ھن رسالي ذريعي ھن سنڌي عورتن کي ادبي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي.

پاڻ ڀٽ شاهه ثقافتي ڪاميٽيءَ جا ساليانه پرچا ”يادگار لطيف“ به ڪجهه وقت لاءِ ترتيب ڏنائين.

زينت چنا ھڪ ڪهاڻيڪار به ھئي، سندس ڪافي ڪھاڻيون ڪافي مشھور ٿيون جنهن ۾ ”اونداھي“، ”مٽي “ ۽ ”رانديڪو“ شامل آھن.

عورتن جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي هئي، سنڌ جو عورتون ۽ اديب کيس احترام طور ”جيجي زينت چنا“ سڏيندا ھئا. 

سنڌ جي ھي ڪهاڻيڪار، ليکڪہ ۱۲ جولاءِ ۱۹۷۴ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

زينت چنا جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين رسالي ۽ ڪتاب جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.ماهوار ”مارئي“ رسالو (عورتن لاءِ)

۲.يادگار لطيف (لطيفيات) (ترتيب)

 

(مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۱۳۲) فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)



جيجي زينت عبدالله چنا

خط

حميد سنڌي

تنهنجي حڪم هوندي به آءٌ اڃان تائين جيجل مٺيءَ لاءِ ڪجهه به نه لکي سگهيو آهيان. ائين ڪونهي ته لکڻ جي ڪا نه ڪئي اٿم. پر لکيو پڙهيو ور ڪريو ڦاڙيو ڇڏيان. ڀانيان ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سندس عظمت ۽ بلندي لاءِ پورو خراج عقيدت ڪونهي ۽ مان انهيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيو آهيان.

تو کي ته خبر آهي ته سندس مانُ ۽ شانُ ڪهڙو ڪيترو آهي. انهيءَ لاءِ ائين ڪجهه لکي ڇڏيان، سو ڪجهه سونهي نٿو. سنڌي اديبن جيڪو جيجل جي وفات جي موقعي تي ٿڌائي ۽ ڌاريپ کان ڪم ورتو آهي، تنهن اسان جو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي. جيجي بيگم زينت چنا جو نالو انهيءَ لاپرواهي ڪري ڪو تاريخ ۾ هيٺ مٿي ڪو نه ٿيندو، باقي ائين ضرور آهي ته تاريخ اهڙن احسان فراموشن تي ضرور ڏکُ ڪڍندي جيڪي جيجي جي لاءِ رڳو تعزيتي ٺهراءُ بحال ڪرڻ کان به ويا.

هونئن به ڪنهن جي ڪرڻ ۽ چوڻ سان ڪنهن شخصيت جو نالو تاريخ مان نڪري سگهيو آهي؟ جيجي اڄ اسان وٽ نه آهي ته سندس ڪيل يادگار ڪم اسان وٽ موجود آهي. سندس ماهوار رسالو ”مارئي“ ۽ پوءِ هفتيوار رسالو ”مارئي“ موجود آهن. سندس ڪيتريون لکڻيون ”مهراڻ“، اديب ۽ سنڌ ۽ ٻين رسالن ۾ موجود آهن. سندس اهي ڪوششون يادگار آهن، جيڪي هن جديد ادب لاءِ ان جي معمار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيون. مون کان سنڌي اديبن جو اهو تاريخي جلوس نٿو وسري، جيڪو ايوب جي دور ۾ احتجاج جو کليل عَلم هو، ۽ جنهن جي رهبري بيگم زينت چنا ڪئي هئي.

روح رهاڻ جي هر جشن ۾ تون به هئين. سندس مددون، ليکڪن کي انعام ڏيڻ، مانيون کارائڻ ۽ همٿائڻ ڪو ڪنهن کان وسرندو. سندس خير جو هٿ هميشه ليکڪن ۽ ضرورتمندن لاءِ کليل رهيو. جيجل اڄ به زنده آهي. سندس عظمت ڀريو نانءُ سنڌي ادب لاءِ اڄ به ڇپر ۽ ڇانءُ آهي. سنڌ جو نئون نسل کيس ڪڏهن ڪو نه وساري سگهندو. تون ڏسندين ته سندس نمبر به نڪرندو، ورسيون ملهائبيون، جي سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ضمير زنده آهي ۽ جي هو ”جيجل“ جو علامتي نشان جو سنڌ لاءِ مامتا جو نشان آهي، هميشه زنده رکڻ چاهين ٿا ته کين جيجي چنا کي ورجائڻو پوندو. مون کي اميد آهي ته سنڌ جو اديب نيٺ انهيءَ ٺيڪيداري جي ڄار مان نڪرندو ۽ اهو سچائي جو علم بلند ڪندو، جيڪو جيجل اسان کي ڏنو هو.

اهو به ڪڏهن ٿيو آهي ته اسين سنڌي ماڻهو سنڌ جا، پنهنجي عظمت جي نشانيءَ کي مٽائي ڇڏيون.

اسان جيجي چنا کي ”سنڌ جيجل“ جو علامتي نشان ڪري ورتو هو، اهو جي ميٽيو ۽ ڪنهن ميٽڻ جي ڪئي ته پوءِ مان انهيءَ ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين جا گڻ ڳائڻ ڇڏي ڏيندس. ان ڏينهن منهنجو ايمان سنڌيت ۽ انسانيت مان نڪرندي ويندو.

مان ڪن يارن ۽ دوستن کي گڏ ڪري سندس نمبر ڪڍرايان پيو. ان سلسلي ۾ جلد توسان ملندس ۽ صلاح مصلحت ڪبي.

تازو جيجل جو چاليهو ٿي گذريو. ان موقعي تي محترم پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، جيڪو جيجل جو پيارو ڀاءُ ٿئي، هيءُ مضمون لکيو آهي، جو مان توڏي موڪليان ٿو اميد ته سندس جذبات نگاري کان اديب دوست متاثر ٿيندا.

شال خوش هجين، آباد هجين!

قرب منجهان تنهنجو پنهنجو

حميد سنڌي

 

(اسان جو قلم ھڪ عَلم؛ حميد سنڌي، تان کنيل)

 


 

 

جيجي زينت عبدالله چنا

مضمون

محبوب علي چنا

دنيا جي فنا جو نقشو سامهون آهي، پرويچارو غافل انسان دنياوي ڪشش ۽ آرائش ۾ ايترو ته مصروف آهي جو پاڻ کي ”دنيا“ جو ئي ڪري سمجهي ٿو.

ڪلهوڪي ڳالهه آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان ٻه مهينا کن اڳ، منهنجي ايم اي جي شاندار نتيجي نڪرڻ بعد، مٺڙو بابا سائين راهه رباني وٺي، امڙ، منهنجي ٻن ڀينرن ۽ مون کي ڦوڙائي جو داغ ڏيئي روانا ٿيو. ساريءَ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر اچڻ سبب بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مون کي سونو ٻلو ۽ ولايت وڃي ڊاڪٽريٽ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. اهڙو پريس نوٽ بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان بابي سائين جي ٽيجهي تي شايع ٿيو. جيجل کي پيرين پئي، اها خوشخبري ٻڌايم. پر سندس شفيق اکڙين مان لڙڪ لڙي آيا. ڇو ته هوءَ پنهنجي لخت جگر کي ڏورانهين ڏيهه ڏي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. مون کيس مودبانه عرض ڪيو ته ”امي، مان تو کي ڇڏي نه ويندس.“ ٿيو به ائين. پر ڪعبه و قبله امڙ جي اڻوٽ آسيسن ڪري، قادر مطلق دنيا ۾ علم ادب خواه دنياوي مرتبي جو اهو مقام عنايت ڪيو آهي جو شايد ڪنهن ڊاڪٽر صاحب کي حاصل هجي. الحمد الله عليٰ ذالڪ.

اڃا بابي سائينءَ جي ڦوڙائي جو داغ تازو هو ته جيءَ کي جياريندڙ جيجل، جهوري جي دائم لوري هڻي، ۵- صفر ۱۳۷۵ هه مطابق ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۵۵ع تي، ٻن ڀينرن ۽ مون کي هن دولابي دنيا ۾ ڇڏي پاڻ وڃي مٺي مولا سائينءَ سان ملي. ان ڪاري ضرب جو اثر ”محبوب“ جي دل جي تهين مان ”جيجل جي جهوري“ جي عنوان سان دوهن ذريعي ظاهر ٿيو، جنهن جا درد نومبر ۱۹۵۵ع جي ماهنامه ”نئين زندگي“ جي ورقن ۾ نمودار ٿيا.

مان پنهنجي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابڙن، بعنوان ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ۾ ڄاڻائي آيو آهيان ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت دوران، بي پناهه محنت ۽ مشقت ڪري، لازوال ساٿي ”ذيا بيطس“ جو پرو مون کي جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ پيو. منهنجي همشيره مرحومه بيگم زينت عبدالله چنا کي به هن ساڳي سال جي ڊسمبر مهيني ۾ هن موذي مرض جي معلوميت ٿي، جو آخر اديءَ جي هتان لڏڻ جو قادر مطلق طرفان سبب بنيو.

اهڙيءَ طرح منهنجي ”ڀاڳوند ڀيڻ“ اسان سڀني کي مفارقت جو اڻ ميٽجندڙ داغ ڏيئي، ناقابل تلافي خال ڇڏي، ۱۲ جولاءِ ۱۹۷۴ع، بمطابق ۲۰ جمادي الثاني ۱۳۹۴ هه، جمعي جي ڀلاري ڏينهن، ملڪوتي ملڪ ڏانهن اُسهي. شال مٺو مولا سائين مرهيس! آمين.

جيئن ته مان اديءَ کان فقط ۳ سال ننڍو آهيان، ۽ ننڍي هوندي کان اسان جو ساٿ بلڪل ”ڪڙو منجهه ڪڙي“ وانگر رهيو آهي، تنهن ڪري ”جيجي“ جي متعلقن فداين لاءِ سندس زندگيءَ جا چند اهي چٽڪا پيش ڪريان ٿو. جي شايد ٻين سڄڻن کان اوجهل هجن ۽ انهن لاءِ درس عبرت ۽ عمل ثابت ٿين.

(۱) مرحومه مغفوره هميشره مڪرمه بيگم زينت عبدالله چنا ۴ جنوري ۱۹۱۹ع بمطابق ۱ ربيع الثاني ۱۳۲۷ هه سيوهڻ شريف جي پاڪ خاڪ ۾ جنم ورتو. جناب والد صاحب مرحوم و مغفور محمد صالح چنا پوسٽ ماسٽر هئا، ۽ اسان جو خاندان خدا تعاليٰ جي نوازش سان علم جو گهوارو رهيو، اسان جي خاندان جا مرد خواهه عورتون قرآن شريف جا حافظ هئا ۽ شهر جي سڀني معزز خاندانن جا اُستاد رهيا. امڙ به پڙهيل، سفيد پوش، اوسط درجي جي گهر ۾ پيدا ٿي.

(۲) اديءَ جي تولد کان ٿورو اڳ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو ناول ”زينت“ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ مکيه ڪردار ”زينت“ سان گڏ ”محبوب علي“ نالي جو به ٻيو ڪردار هو. جڏهن امڙ جي نظر مان هي ڪتاب نڪتو، تڏهن تهيو ڪيائين ته ان بعد مون کي جيڪڏهن ڌڻيءَ طرفان ڌيءَ ۽ پٽ عطا ٿيا ته مان سندن نالا ”زينت“ ۽ محبوب علي“ رکنديس. ٿيو به ائين جو ادي جو نالو ”زينت“ ۽ بندي جو نالو ”محبوب علي“ رکيو ويو. ان سبب ڪري، ”زينت“ ناول منهنجي پسنديده ڪتابن مان هڪ آهي.

(۳) امڙ کي اولاد خير ڪي بچندو هو. جواني جو پهريون لاڏلو، ادو غلام قادر، ننڍي هوندي ئي الله جو ٿي ويو. ان بعد ادي وڏي، صاحب خاتون (بيگم علي محمد ڪوريجو، الله حيات درازه بخشيس) پيدا ٿي. ان بعد هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽڙا جدا ٿيا. ان کان پوءِ ادي زينت هن دنيا ۾ رونق افروز ٿي. ان ڪري امڙ جو پيار ادي ننڍي تي سرس هو. ادي جي تولد کان ٽن سالن بعد مون هن عالم ۾ اکيون کوليون. والدين خواهه چاچي سائين (بابا وڏي) يا مامي وڏي جن کي نرينو اولاد ڪو نه هو. ان ڪري گهر ۾ سڀني بزرگن جي شفقت ۽ محبت جو مرڪز ۽ محور رهيس. اهڙي طرح، ننڍڙي زينت به بيحد محبت ڪندي هئي ۽ هر لمحي ننڍڙي محبوب کي پيئي کيڏائيندي هئي.

(۴) اهڙي اڻمئي محبت جي عالم ۾ ٻئي ڀيڻ ۽ ڀائر وڌياسين ۽ ويجهياسين. ادي ته مون سان بيپناهه پيار ڪندي هئي ۽ شيون کارائيندي هئي.

پر مان هوس اُتيتي، يعني ڄائو هوس سندس مٿان، ان ڪري ڪنهن ڪنهن مهل کيس تنگ ڪندو هوس. امڙ ته امڙ هئي، پر منهنجي پرورش چاچي وڏي (اما وڏي) پنهنجيءَ پير ساليءَ باوجود ڪندي هئي. پنهنجي امڙ کي امان ننڍي سڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ادي مون کي زبان سان ڪجهه چوندي هئي ته مان کيس ڌڪ هڻي ڪڍيندو هوس ۽ واڪا ڪري چوندو هوس، ”اما وڏي! امان وڏي!“ امان وڏي ۽ اما ننڍيءَ جي وچ ۾ تون ڇا؟ تون ڇا؟ شروع ٿي ويندي هئي. وڏو ٿيس، شادي ڪيم، ته به اديءَ کي ڦٽائيندو رهندو هوس. شايد هي ذڪر هيٺ اچي. پر پاڻ ۾ قرب جو ڪمال هوسين.

(۵) ادي ننڍيءَ کي ننڍي هوندي ماتا ٿي پيئي. تمام چچ هئي، ڄڻ ته ڪنهن سرنهن گهري ڇٽي آهي. ان عالم ۾ به مان وڃي اديءَ کي مٺيون ڏيندو هوس ۽ پيار ڪندو هوس، حالانڪ امان جن مون کي منع ڪنديون هيون. الله ۾ آسرو هو، پر جيئن ته اديءَ کي ديس جي ادب، صحافت، معاشرت جي حلقن جي زينت بنجڻو هو، ان ڪري قادر مطلق کيس نئين حياتي بخشي، ادي سان گڏ رهڻ ڪري مون کي به ماتا ٿي پر وڏن ڪڻڻ واري.

(۶) ڪريم جي ڪرم سان ادي مرحومه ننڍي هوندي کان ڏاڍي ذهين هئي. هندن جو هر قدم تي زور هو. سيوهڻ شريف ۾ اُهي هر گام ۾ اڳرا هئا. ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مسلمان نينگريون اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هيون ادي انهن مسلمان نينگرين مان هئي، جن تعليم جي دائري ۾ به نالو ڪڍيو. سنڌي ڪاميٽيءَ اعزاز سان پاس ڪيائين. انگريزي پڙهڻ جو ان وقت خواب خيال به نه هو. ان ڪري جناب والده صاحبه سوچيو ته کيس حيدرآباد جي زنانه ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائي ماسترياڻي ڪرائجي، جيئن مستقبل جي اڻسهائيندڙ اوٽن کي منهن ڏيئي سگهي. ان وقت جو ماحول زناني تعليم جي سخت خلاف هو، سو امڙ ڳالهه چوري سو چوري ڪئين! آخر گهر ۾ آهستي آهستي ڪري بابا سائينءَ سان ڳالهه چُري. پهريائين پهريائين بابي سائينءَ مخالفت ڪئي. چئي، نياڻي گهر جي پرورده، سوتون ڪيڏانهن ٿي پرديس ۾ رلائينس پاڙي وارن ۽ رشتيدارن به چميگويون ڪيون. پر امڙ جا هئي پختي ارادي جو مجسمو، سا ڪٿي ٿي هٽي. آخر اديءَ زينت کي امڙ حيدرآباد وٺي وڃي زناني ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ڏياري. سڄي ڪاليج ۾ اسان جي همعصر قوم جو غلبو هو. هاسٽل جي وارڊن هڪ بيبي صاحبه هئي، جنهن جيجل کي خاطري ڏياري ته ننڍڙيءَ نينگر جو چڱيءَ طرح خيال رکبو. اسان جا پراڻا سڄڻ، چاچا حاجي پير محمد ۽ دادا نظر محمد، کاهي روڊ جي خدا آبادي محلي وارا هئا، جن جو رستو قبله والد صاحب جن سان ۱۹۰۵ع کان وٺي هو:

انهن به خاطري ڏياري ته ادي صاحبه جو پورو خيال رکندا، موڪلن جي ڏينهن تي اُهي صاحب ادي جن کي پاڻ وٺي ايندا هئا. مامو ننڍو، مرحوم شير محمد چنا جن به حيدرآباد ۾ هئا. اهي به گاهه بگاهي اديءَ جن جي خبر رکندا هئا. انهن خاطرين جي ماحول ۾ امڙ ادي کي ڇڏي، پاڻ سيوهڻ شريف آئي. ادي جو هي پهريون دفعو گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو هو، سو جڏهن امڙ هن سان ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ آخرين طور موڪلائي، ڳوٺ اچي رهي هئي ته ادڙيءَ ايترو ته رنو جو سندس اکيون سڄي پيون، پر امڙ ايترو ته دل کي ظاهري طور پڪو ڪيو جو ننڍڙيءَ زينت کي ائين چوندي موڪلايائين ته ”اهو ڇا آهي؟ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ائين نه ڪبو آهي.“ اهي مٺڙيون حقيقي ٻوليون هن غمزده جيجي امان ۽ مٺڙيءَ ادي کان ٻڌيون، جي مان سڄڻن لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان.

(۷) ادي مرحومه نامساعد حالات ۾ ڪاليج جا ٽي سال خير خوبيءَ سان پورا ڪيا. پاڻ گهر کان ٻاهر نه نڪتي هئي، ۽ هئي جذباتڻ، سو ويچاري کي ٽپي ٽپي تي تڪليفون درپيش آيون. پر ادي ۾ امڙ جي پختگي ۽ بابي سائين جي صالحيت هئي، ان ڪري قلندر وارو مقابلو ڪري، ڪاليج وڏي اعزاز سان پورو ڪيائين.

(۸) ادي مرحومه جڏهن خير خوبيءَ سان ڳوٺ پهتي ته سندس نوڪري جو سوال هو. گهر وارن چاهيو ٿي ته سيوهڻ ۾ ملي، پر ڪجهه عارضي وقت لاءِ ٽلٽي ۾ نائبي ملي. مان به پنجون انگريزي پڙهندو هوس. بابا سائين، مان، ادي، سان گڏجي، ڊاڪٽر مرحوم دائود پوٽي جي محلي ۾، سندن عزيزن جي جاءِ ۾، ديوان ڊنگومل ڊپٽي ڪليڪٽر جي بنگلي ويجهو وڃي رهياسين. رب جي فضل سان، والدين مڪرمين جي تربيت سان، ننڍي هوندي کان نماز نصيب هئي. ادي مرحومه به پابند هئي. مون کي ”والعصر“ تائين سورون مبارڪ ياد هيون. اُتي ٽلٽيءَ ۾ ”تڪاثر“ سوره ياد ڪيم ڏاڍي خوشي هئي. پاڙي جي ٻارن سان ڀر واري ڍنڍ مان پٻڻيون هٿ ڪري اچبيون هيون. بابا سائين پٻڻيون ڦوڙي اسان کي کارائيندا هئا. سبحان اللهٰ! ڪهڙو نه سٺو وقت هو. ان وقت ۾ ٽلٽيءَ جي به ڀلان ڀل هئي. بازارن ۾ به رونق هيس. سندس پيڙن جي هاڪ ڏينهان ڏينهن مشهور هئي. هڪ ڳالهه مون کي چٽي طرح ياد آهي ته بازار مان ٿيندا جڏهن گهر ڏانهن روانا ٿيندا هئاسين ته ديوارين تي اڄڪلهه جي ٺلهن ۽ دل آزاريندڙ نعرن بدران لطيف سائين جو نياز ۽ نماڻائيءَ وارو بيت:

ستر ڪر ستار آءٌ اُگهاڙي آهيان

ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو

ٿلهن ڪارن اکرن ۾ لڳل هو. خير، ٽلٽيءَ وارو تمام ٿورو عرصو ڪاٽي، اسين وري سيوهڻ شريف آياسين، جو اديءَ کي اتي اسسٽنٽ ماسترياڻي جو عهدو مليو. بنهه ٿورو وقت هن عهدي تي هئي. ان بعد جلد ئي هيڊ ماسترياڻي ٿي.

(۹) هي ڳالهه ياد ڪرڻ گهرجي ته سيوهڻ شريف ۾ لعل شهباز قلندر جو تصرف نه رڳو مسلمانن تي هو، پر هندن تي به. هندو به سندس پريت وارا پڄاري هئا. ان ڪري هندن جي به سيوهڻ شريف ۾ ڪافي آدمشماري هئي، ۽ هيٺين محلن ۾ خاص ڪري هندو صاحب ساڪن هئا. جيئن، ٺڪرن جو محلو، لالائن جو محلو، قانوگن جو محلو، کڏ، ٺٽ، نئين وغيره سو عرض پئي ڪيم ته اديءَ جن جو زنانو اسڪول ديوان آيمتراءِ جي جاءِ ۾، شهر جي مٿئين مغربي طرف هوندو هو. يعني اسان جي گهر کان گهڻو پري. اسان جي گهر مسلمانن جون با پردي نياڻيون صبح جو اچي گڏ ٿينديون هيون. جي ولر ڪري ادي مرحومه سان گڏ اسڪول وينديون هيون. امڙ صبح جو ادي جي نيرن جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. سيوهڻ جي گرمي مشهور، توبه توبه، جيئن ڪانءَ جي اک پيئي نڪري. ان وقت ادي جو باپردي اچڻ ۽ وڃڻ وڏي آزمائش هئي. پر تمام وڏيءَ ڪاميابي سان ان آزمائش ۾ پار ٿي.

(۱۰) اديءَ جي اسڪول جي اردگرد هندو ديوانن جا گهر هئا. اديءَ جي مٺيءَ طبع ڪري سندس هندو ساهيڙيون به ججهيون هيون، جن مان ديوان عالم چند جي ٻن نياڻين، ديوي گوپي ۽ دادي ڀاڳيءَ ۽ انهن جي ماروٽ دادي رامي جا نالا پيش آهن. شادي شده هوس. هي داديون اسان جي گهر اينديون هيون ته رامچند ۽ گوپچند جا نالا سر سان وٺي، مان ادي مرحومه کي پٽائيندو هوس، ۽ ادي واڪا ڪري چوندي هئي ته ”ادا هي ڇا آهي؟ اما، ادا کي سمجهايو.“ بس، امڙ جي تابناڪ رڙ نڪرندي هئي ته ”محبن! اهو ڇا آهي؟“ ان بعد مان ماٺ ڪري ويهندو هوس. ڪهڙا نه مٺا ڏينهن هئا هت مرحوم سيد حافظ شاهه پرديسي حيدرآبادي جو حقيقت افروز نظم ننڍيءَ اوستا بابت ياد اچي ٿو، جڏهن مرحوم حافظ شاهه اهي سٽون رديف طور ڪم آڻي ٿو ته ”ڪهڙا نه مٺڙا ڏينهڙا.“

(۱۱) ان وقت اديءَ مرحومه کي هسٽريا جي بيماري ٿي ۽ کيس فائدو حڪيم مرحوم الله بخش بوبڪائيءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز آخوند جي دوائن مان ٿيو. حڪيم صاحب جا پوسا ته ڪيترا سال سانوڻي ۽ اونهاري ۾ ادي مرحومه کي پياريندا هئاسين.

(۱۲) هن در ناياب لاءِ گهڻن ئي سودارن گهر ڪئي. پر هي محترم مڪرم برادم عزيز من عبدالله خان چنا جي تاج لاءِ منظور هو، ۽ انهن ٻنهي ادب جي شهپارن جي شادي خانه آبادي ۱۳ آگسٽ ۱۹۴۴ع ۾ ٿي. مون کي ياد آهي ته معمول جي خلاف صبح جو نڪاح پڙهيو ويو، ۽ ابر رحمت نيڪ شگوني جون علامتون کڻي وسي رهيا هئا. ان وقت ادا جن سيوهڻ جا ڊيپوٽي ڪليڪٽر هئا. ان ڪري سندن قيام مشهور سيوهڻ جي قلعي واري ڊاڪ بنگلي ۾ هو. مينهن اهڙو اوڙيڪ سان پيو جو مان اديءَ جن وٽ گوڏ سان، پير اگهاڙا، لٺ هٿن ۾ کڻي، ٽئي ڏينهن صبح جو مس پهتس. خير سان اديءَ مرحومه کي ۳ نياڻيون هڪ فرزند آهن. الله شال شاد ۽ آباد رکين، آمين! ماشاءَ الله سڀ ذهين ۽ هوشيار آهن وڏي نياڻي، ڊاڪٽر نصرت بلوچ، ڪولچسٽر انگلينڊ ۾ اسپتال جي ڪنسلٽنٽ آهي؛ ٻي نياڻي سکر جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرار آهي؛ ٽيون نمبر پٽڙو، شوڪت (جنهن کي اسين پيار وچان راجا چئون ٿا) فرسٽ ڪلاس ۾ انجنيري پاس ڪري آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ۽ ننڍي نياڻي اڃا ڊاڪٽري پڙهي پيئي ان فرزند ۾ ادي مرحومه جو ساهه هو، جو گويا انڌن آڏو لٺ هو. آخر ۾ جڏهن سندس آمريڪا جي ويزا اچي ويئي ته ادي مرحومه جي طبع ڍرڪڻ شروع ڪيو. سندس وڃڻ بعد ويچاري راجا ولايت وڃڻ تان بان ڪري ڇڏي، پر سندس ڀينرن ۽ والد صاحب ۽ اسان کيس همت ڏياري، اديءَ مرحومه جي چهلم بعد روانو ڪري رهيا آهيونس. شال رب سائين وڌائيس آمين!

(۱۳) ادي مرحومه پنهنجي ڀينرن ۽ ساهيڙين جو وڏو حلقو ڇڏي ويئي آهي.

سندس چاليهو ۱۵ آگسٽ تي ٿي گذريو. ان ۾ سندس متعلق فدائي ڀينرون، ساهيڙيون ۽ ساٿياڻيون، گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿي، لطيف سائينءَ جي آواز ۾ پڪارينديون رهيون ته:

اڄ نه اوطاقن ۾ سي طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

شال مٺو مولا منهنجي ڀاڳوند ڀيڻ کي مرهي. (آمين)

 

(اسان جو قلم ھڪ عَلم؛ حميد سنڌي، تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا