; سنڌي شخصيتون: امير بخاري - عبدالحي ڀٽو

15 April, 2012

امير بخاري - عبدالحي ڀٽو

امير بخاري
پيار، پريت ۽ سونهن جهڙو شاعر
عبدالحي ڀٽو 
رات نه ٻاريندس ڪو ڏيئو، رات هو منهنجو مهمان هوندو
هوندو جنهن سان گڏ بخاري، سو شادان ۽ فرحان هوندو
سنڌ جي سرزمين هميشه پنهنجي ڪک مان اديبن، شاعرن، ليکڪن، دانشورن، محققن ۽ صحافين کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انهن مان امير بخاري به هڪ آهي. جنهن سيد جعفر علي شاهه بخاري جي گهر ۾ پهرين ڊسمبر 1941ع تي اک کولي. هن شروعاتي تعليم سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ امير بخاري فائنل سنڌي 1965ع ۾ فرسٽ، انٽر ڊرائنگ 1962ع ۾ فرسٽ، مئٽرڪ ڪيائين. جڏهن ته امير بخاري سن 1960ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.


امير بخاري نظم جي شروعات چوٿين درجي سنڌي کان ڪئي. منڍ ۾ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا چيائين. اڳتي هلي 1965ع ۾ جنگي ملي نغمن کان متاثر ٿي سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ نغما لکيائين ۽ هن شاعري جي تقريبن سمورن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين. نظم ۽ غزل سندس خاص سڃاڻ بڻيا.
امير بخاري نثر جي شروعات ڪهاڻين ۽ مزاحيه طنزيه ڪالمن سان 1960 واري ڏهاڪي کان ڪيائين. هن ٻولي جي سلاست، رواني ۽ بي ساخته سچائي امير بخاري جي نثر جي خاص سڃاڻپ هئي.  سنڌي ادب جو امير، امير بخاري پنهنجي زندگي ۾ تقريبن سمورن سنڌي اخبارن ۾ سنڌي رسالن ۾ مضمون ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري لاتعداد لکي پاڻ ملهايو، سنڌي اخبارن ۽ رسالن کان علاوه اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ خوب لکيائين. جڏهن ته امير بخاري جا ڇپيل ڪتاب خالد الله جي تلوار (ٻارن لاءِ) طارق بن زياد (ٻارن لاءِ) غازي صلاح الدين (ٻارن لاءِ) اسان جو قائد اعظم (ٻارن لاءِ) اشتراڪيت جو آئينو (ترجمو) سنڌي ۽ سنڌين جي ڀلائي جي واٽ (مضمون) اک ڇنڀ جو ڦهلاءُ (ڪهاڻيون) شامل آهن ۽ امير بخاري جا اڻ ڇپيل ڪتاب سچيون ڳالهيون (مضمون) سنڌ لاءِ جاکوڙ (مضمون) استاد بخاري جي شاعري ۽ شخصيت (تنقيدي مطالعو) آجون آڏامون (تجريدي شاعري) دل دهڪو ڳوليان ٿو (شاعري) جيئي سنڌڙي انقلابي (شاعري) سندر ماٿر جي سڀيتا (تاريخ) دل نادان ڪي باتين (اردو شاعري) ڪالم ڪالم (اخباري ڪالمن جو مجموعو) سنڌي نعتن ۽ مولودن جي منظور (اردو ترجمو) سنڌي وائين ۽ ڪافين جو منظور (اردو ترجمو) بخاريات (اردو مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو) غلامي جا زنجير ڪڏهن ٽٽندا (انقلابي ليک) جيڪي ڏيهه ۾ ڏينهن گذاريم (آتم ڪٿا، انٽرويو، خط، تبصرا) امير بخاري جا مضمون (علمي ادبي ۽ تنقيدي مضمون) سوچون سکارتيون (جديد شاعري جو مطالعو) کان علاوه ڪافي ڪتاب اٿس.
امير بخاريءَ کي زندگي ۾ گهوٽڪي جو بهترين صحافي ايوارڊ، رهبر ڊائجسٽ طرفان ليکڪ ايوارڊ، ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض ايوارڊ، سنڌي سياحت گهر حيدرآباد پاران ڪينجهر ايوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو پاران بهترين محقق ايوارڊ مليا. امير بخاري جي سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن سان وڏي ياري هوندي هئي. هو انهن سان بيحد پيار ڪندو هو. امير بخاري چوندو هو ته؛ مون کي سنڌي ماڻهو پسند آهن ۽ سنڌ ڌرتي جا حسين نظارا دل کي راحت بخشيندا آهن. هڪ جاءِ تي امير لکي ٿو ته:
مان سنڌڙي جو امير بخاري
منهنجي سنڌ ۽ سنڌين سان ياري
(امير بخاري)
امير بخاري پنهنجي زندگي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي تي حقيقي مضمون لکيا ۽ هن ماڳ کي بچائڻ لاءِ آواز اٿاريو ۽ مومل جي ماڙي بچايو ڪاميٽي جو بنياد رکيو ۽ علائقي جي ماڻهن ۾ علمي، ادبي، سياسي ماحول پيدا ڪيو. هن کي سهڻا ماڻهو ڏاڍا وڻندا هئا ۽ حسين خوبصورت ماڻهن سان پيار ڪندو هو. هن پنهنجي شاعري ۾ به سهڻن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
سهڻا ماڻهو وڻندا آهن
جيئن هجن جت ٺهندا آهن
رت بسنت جي ٿيندي آهي.



امير بخاري
سنڌ جو بيباڪ اديب ۽ صحافي
يونس ڀٽو
حياتي ساھه جي تند سان جڙيل آھي بس جنھن کي مالڪ قدرت پاران جيترو وقت نصيب ڪري اھو غنيمت سمجھڻ گھرجي، ان حياتي کي ڪي انسان بي معني ۽ بي مقصد بڻائيندا آھن، ته ڪي ان کي بامقصد بڻائيندا آھن حياتي کي با مقصد ڪيترن طريقن سان بڻائي سگھجي ٿو، پاڻ کي جلائي ٻين لاءِ روشني پيدا ڪرڻ کان وڌيڪ زندگي جو ٻيو ڪهڙو اعليٰ مقصد ٿي  سگھي ٿو؟ لکڻ به ھڪ وڏو مقصد آھي، شعور کي ڦھلائڻ جو ذريعو لکڻ معرفت ئي ٿي سگھي ٿو، حياتي کي ان انداز سان با مقصد بڻائڻ وارن مان امير بخاري به ھڪ منفرد ڏات ڌڻي آھي. سنڌي صحافت ۾ سچي ۽ کري طبيعت طور مشھور سيد امير بخاري پنھنجي پوري زندگي سنڌي ادب، تعليم، صحافت ۽ سنڌي ثقافت کي ارپي ڇڏي ھئي، ھن ڪيترن ئي شاگردن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪري صحافت ۽ سنڌي ادب جي خوب خدمت ڪئي، ھن سنڌي ادب ۽ صحافت سان گڏ اردو ادب ۽ صحافت ۾ پڻ نانءِ ڪمايو ۽ سئو کان مٿي صوفي شاعرن جي ڪلام کي اردو ٻولي ۾ منتقل ڪيو، امير بخاري سنڌي گرامر توڙي تعليم جو پڻ ماھر ھو، ھن ۲۵ سال ھڪ استاد جي حيثيت سان تعليمي خدمتون انجام ڏنيون، ھن جو استاد بخاري سان ويجھو روحاني تعلق ھو ۽ استاد بخاري جي فن ۽ فڪر تي وڏو ڪم ڪيائين، استاد بخاري کي شيخ اياز کان وڏو فڪري شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ باقائدي ڪتاب لکي استاد بخاري جي ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ کي بخاري جو رسالو قرار ڏنائين اها ٻي ڳالهه آهي ته استاد بخاري اڪيڊمي دادو امير بخاري جو تحقيقي ڪم ظاهر نه ٿي ڪري، سنڌ جي امير پنھنجي زندگي کي ھڪ وڏي مقصد لاءِ وقف ڪيو، ادب ۽ تاريخ جي بي شمار موضوعن تي لاتعداد ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا، واضح رهي ته امير بخاري جي علمي بصيرت کان متاثر ٿي پروفيسر پريشان خٽڪ کيس شاهه جو رسالو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ۽ هن شاهه جو رسالو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ته سندس زندگي وفا نه ڪئي پر سندس ڪيل سر ڪلياڻ جو منظوم اردو ترجمو اڪيڊمي آف ليٽرز جي ترجمان رسالي ادبيات ۾ شايع ٿي اردو حلقن ۾ داد تحسين وصول ڪري چڪو آهي، ٻئي طرف ۲ سئو سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي واين ۽ ڪافين جو منظوم اردو ترجمو ۳۰ هن سالن جي طويل انتظار بعد هاڻ محمد قاسم ٻگهيو آڻي رهيو آهي، سنڌي ادب جي سدابهار شخصيت امداد حسيني جو چوڻ آهي ته امير بخاري سنڌي توڙي اردو ادب جي انمول ۽ بيمثال شخصيت آهي، ان جي ڪم کي اڃان اجاگر ڪرڻو آهي،  تاريخ ۾ اھڙا فرد گٽ ئي جنم وٺندا آھن، اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان امير بخاري سنڌ جي نوجوانن جي ادب واري پاسي پڻ جوڳو ڌيان ڏنو، امير بخاري پنهنجي شاعري ۾ چوي ٿو ته:
اچو ڪي ڏات جا ڏيئا جلايون،
اچو انياءَ جي اوندهه ڀڄايون،
پکيڙي روشني آس ۽ امن جي،
سڄي عالم کي جنت گهر بڻايون.
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار اميربخاري جي وڇوڙي کي ۱۰ سال گذري ويا. سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي سندس ورسي تقريب جو ڪوبه انتظام نه ڪيو. امير بخاري پهرين ڊسمبر، ۱۹۴۱ع تي مومل جي ماڙيءَ جي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ سيد جعفر شاھ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. امير شروعاتي تعليم تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ امير بخاري سنڌي فائنل ۱۹۵۶ع ۾ فرسٽ، اديب سنڌي ۱۹۶۰ع ۾ فرسٽ، اديب عالم ۱۹۶۱ع ۾ سيڪنڊ، اديب فاضل سنڌي ۱۹۶۲ع ۾ فرسٽ، انٽرڊرائنگ ۱۹۶۲ع ۾ فرسٽ، بي، اي ۱۹۷۰ع ۾ فرسٽ، اديب فاضل اردو ۱۹۷۲ع ۾ فرسٽ، ۽ ايم اي سياست ۱۹۷۳ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏھن ته امير بخاري سن ۱۹۶۰ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون، سنڌي، اردوءَ سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، امير بخاري سنڌ جو ھڪ بھترين شاعر پڻ ھو. نظم جي شروعات چوٿين درجي سنڌي کان ڪيائين. سنڌي ادب جو امير، امير بخاري پنھنجي زندگي ۾ تقريبن سمورن سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ مضمون، ڪھاڻيون، ڪالم ۽ شاعري لاتعداد ۾ لکي پاڻ ملھايو. ھن جا مختلف موضوعن تي  ست ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

امير بخاري سنڌي ادب ۽ صحافت جو ھڪ وڏو نانءُ آھي پر سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي امير بخاري کي مڪمل طور وساري ڇڏيو آھي. امير بخاري ۲۵ جنوري ۲۰۰۷ع تي وفات ڪري ويو. پر اڄ به ھو سنڌ جي اديبن، صحافين، شاعرن، جي دلين ۾ زندهه آھي. امير بخاري جي وڇوڙي کي ۱۰ سال مڪمل ٿي ويا. امير بخاري جھڙا اديب شاعر ۽ صحافي ھن ڌرتي تي صدين  کان پوءِ جنم وٺندا آھن. امير سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ڌرتي جو دودو ھو ھو ديس پرست ھو. ھن پنهنجي قلم ۽ ڏات سان سنڌ ڌرتي لاءِ پوري زندگي جاکوڙيو. امير جو نالو نه صرف امير ھو پر ھو دل جو به واقعي امير ھو. ثقافت کاتي کان مطالبو آهي ته امير بخاري جا رھيل ڪتاب ڇپرايا وڃن.

No comments:

راءِ ڏيندا