; سنڌي شخصيتون: علامه آءِ آءِ قاضي

18 April, 2012

علامه آءِ آءِ قاضي


علامه آءِ آءِ قاضي
سنڌ جنهن تي فخر ڪري ٿي
سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد  امام علي قاضي هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي ( آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي مام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ  آخوند  عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه  آخوند  صاحب کيس ” مفتاح الصلواة “ به پڙهايو.


علامه صاحب ارڙهن سالن جي عمر 1904ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگيءَ طور پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾، جيڪو ان  وقت لازمي مضمون هو، پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1905ع ۾ بمبئي  يونيورسٽيءَ مان خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ علامه صاحب علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد جي قائم ڪيل ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. هڪ سال کان پوءِ قاضي صاحب علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين. 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر حافظ سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس) اقتصاديات) جي تعليم ورتائين. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو. علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، تنهنڪري لنڊن جي قيام دوران مختلف تعليمي ماهرن کان مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو. ڊاڪٽر ”برائون“ کان نفسيات جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ فزڪس ۽ بائيلاجي خانگي طرح پڙهيو. ڊاڪٽر ”آرنولڊ“ کان فلسفي جي تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران علامه صاحب کي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1910ع ۾ ”لنڪنس اِن“ لنڊن ۾، ”بار ايٽ لا“ لاءِ داخلا ورتائين. تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي جرمن خاتون سان ٿي. مس ايلسا هڪ قابل ۽ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعره هئي. سندن طبيعتون هڪٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. 1910ع ۾ ايلسا سان شادي ڪري ازدواجي رشتي ۾ منسلڪ ٿيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين. ڪجهه عرصي بعد وري  انگلنڊ  هليو ويو، جتي پنهنجو مطالعو جاري رکيائين. قاضي صاحب 1919ع ۾ لنڊن مان واپس موٽيو. 1921ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز، بحيثيت مئجسٽريٽ ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو. اپريل 1922ع ۾ خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ٿيو.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا  انگلنڊ  ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن. علامه قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو ته سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي.
وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي.
انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو.
اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.
علامه صاحب پورا 9 سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي لوث خدمت ڪئي، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غيرجمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿي ويون آهن ته هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏئي گوشه نشين ٿي ويو. گوشه نشينيءَ جو اهو مقصد نه هو ته دنيا کان لاتعلق ٿي رهبانيت واري زندگي گذاري، پر گوشه نشينيءَ واري دور ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو. ان  ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي لافاني ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي چونڊ حصي جو پاڻ ۽ سندن گهر واري مدر ايلسا قاضيءَ گڏجي  انگريزي  ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو. علامه صاحب نه صرف دانشور ۽ مفڪر هو، پر عظيم مبلغ ۽ مصلح پڻ هو. هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس علم ۽ فڪر جو سرچشمو قرآن حڪيم جي حڪمت ۽ هدايت هو. کيس يوناني توڙي هندي فڪر ۽ فلسفي سان گڏوگڏ جديد يورپ جي سائنسي ۽ سماجي علمن جي به ڄاڻ هئي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.


(سڌيانا جي ٿورن سان، ڏيھاڙي عبرت ۱۸.۰۴.۲۰۱۲ع تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا