; سنڌي شخصيتون: سنت آسودا رام

01 April, 2012

سنت آسودا رام


سنت آسودا رام

سنڌ جي وڏي شهر سکر ضلعي جي آخري تعلقو پنو عاقل جنهن لاءِ مشهور آهي ته مذهبي حوالي سان پيرن، مرشدن، درگاهن جي گادي نشينن اوليائن، درويشن ۽ سنتن سان نوازيل آهي. پنو عاقل شهر لڳ ڳوٺ عالم جتوئي جي هندو لڌڙو مل جي گهر ۾ 1895ع ۾ سنت آسودا رام صاحب جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ئي تنهائي پسند ۽ هر وقت ڌڻي جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو. جنهن ڪري سندس والد، پنهنجي مرشد سنت سترام داس وٽ کيس ڇڏي آيو. جتي 13 سال رهيو ۽ اتي گائن جي خدمت ڪيائين. بعد ۾ مرشد جي حڪم تي واپس ڳوٺ آيو.


هن 1940ع ۾ مرشد سنت سترام داس جي حڪم سان پنو عاقل ۾ آستانو اڏرايو ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪرائي، اتي ئي رهائش اختيار ڪئي. جتي پري پري کان سندس مريد ۽ حاجتمند اچي حاضري ڀري من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا. انسانيت جي خدمت ڪندي سنت آسودا رام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو. ان آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي. جتي هنڌ ۽ سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن. سندس فرزند سنت چانڊو رام جو به وڏو ناماچار آهي. جنهن پنوعاقل ۾ پنهنجي والد جي ڇڏيل مشن کي هلائيندي پنهنجي مريدن سان وچن نڀائيندي هند ۽ سنڌ ۾ رهڻ بعد، هاڻي هميشه لاءِ هندستان جي شهر لکنئو ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. جتي هڪ وڏي درٻار به آهي. هر سال جيان پنو عاقل ۽ لکنئو ۾ به سنت آسودا رام جي ياد ۾ ميلو لڳندو آهي. سنت آسودا رام، ڀڳت ڪنور رام جو به مريد هو.
سنت آسودا رام کي سندس عقيدتمند ۽ لکين مريد سنڌ جي هر هنڌ رهن ٿا. پنو عاقل ۾ جنم ڀومي هجڻ ڪري هتان جي هندن پنهنجي مرشد سنت آسودا رام نالي درٻار قائم ڪرائي آهي. جنهن جي هڪ ٻي شاخ سخي بابا آستانه زير تعمير آهي. جڏهن پنو عاقل شهر جي پيلار روڊ تي سخي بابا ميٽرنيٽي هوم ۽ جنرل هاسپيٽل به ڪم ڪري رهي آهي، جتي بنا فرق جي انسانيت جي خدمت ڪئي وڃي ٿي. سنت آسودا رام جي ننڍپڻ کان ئي انسان سان پيار محبت هجڻ ۽ ڌڻي در ذڪر اذڪار، مرشد جي ڏسيل واٽ کي اپنائڻ سان هن ايتري ته شهرت حاصل ڪئي جو کيس هر ماڻهو سخي بابا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس فرزند سائين چانڊو رام جون به پنهنجي مريدن توڙي سنڌ ڌرتي جي ماڻهن سان ايترو ته پيار آهي جو هو هندستان لکنئو کان سنڌ اچي ٿو ته کيس کي هر هنڌ گلن جي ورکا سان استقبال ڪري درگاهه تي پهچايو وڃي ٿو.


روزاني عوامي آواز جي پھرين اپريل ۲۰۱۲ع واري آچر ميگزين تان ٿورن سان کنيل.

No comments:

راءِ ڏيندا