نٿو ڪهيري
مرڪن جي موڪلاڻي
رضا آڪاش خاناڻي
/گولاڙچي
سنڌ جو مزاحيه فنڪار نٿو ڪهيري،
سلهه جي مرض سبب ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ مري ويو. ساڳين اخبارن ۾ اها به خبر ڇپي ته؛
نٿو ڪهيريءَ جي جنازي ۾، سندس گهر ڀاتين سميت رڳو ٽيهارو کن ماڻهن شرڪت ڪئي. انهن
ٽيهارو کن ڪانڌين جي قطار ۾ هڪ به ماڻهو سرڪار، ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي اداري سان
تعلق رکندڙ وائيٽ ڪالر ڪيڊر مان نه هو. اخبارن نٿوءَ جي موت جي حوالي سان شايع ٿيل
خبر جي تفصيل ۾، اها المناڪ حقيقت به لکي ته؛ نٿو ڪهيريءَ جي ٽيجهي لاءِ بدين جي
شاعر ابن ڪلهوڙي سنگت وٽان ڦوڙي ڪري ۴۰۰۰ روپيا گڏ ڪري، سندس پونئيرن جي
حوالي ڪيا.
استاد مرحوم نٿو ڪهيري، غربت جي
ليڙون ليڙون لباس ۾، هن ڀونءِ جو اهو امير ماڻهو هو، جنهن جا رڳو کيسا ڏوڪڙن کان
خالي هئا باقي هن وٽ سڀ ڪجهه هو. رڳو وٽس بنگلو، بينڪ بئلينس، ڪراچي، حيدرآباد ۽
اسلام آباد ۾ پلاٽ ۽ وڏيون گاڏيون نه هيون.
پر هن وٽ مزاح جي فن جي اها بي بَها دولت اوس هئي. جيڪا املهه هئي. جنهن جي
ڪا به قيمت نه هئي. جنهن کي خريد ڪرڻ جي سگهه وقت جي ڪنهن به بل گيٽس وٽ ناهي! پر
سندس اهو فن مرحوم نٿوءَ کي ڇو ڪم نه آيو!؟ لاڙ پٽ سميت، سڄي سنڌ ۾ ۳۷ سالن تائين، مرڪون
ورهائيندڙ سنڌ جي هن البيلي ۽ درويش صفت مزاحيه فنڪار نٿو ڪهيريءَ کي اسٽيج تي چند
روپين ۽ هال ۾ ويٺل ماڻهن جي ٽهڪن ۽ تاڙين کانسواءِ ٻيو مليو ته آخر ڇا مليو؟ بس
سندس فن جي بدلي ۾ کيس رڳو سکڻي شهرت ۽ وات جي واهه واهه ڏني وئي. بک، بدحالي،
مفلسي ۽ ڪسمپرسي ڏني وئي. جنهن مرڻ گهڙي تائين سندس پُٺ نه ڇڏي ۽ مرڻ کانپوءِ به
سندس وارثن کي ڳچي ۾ پيل آهي. ۷۰ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۸ مارچ تي پرهه ڦٽيءَ
ويل لاڏاڻو ڪندڙ نٿو ڪهيري، پنهنجي اڌ کان به وڌيڪ ڄمار ٽهڪ ۽ مرڪون وکيرڻ واري
مزاح جي عظيم فن کي ڏنا. هن ستن ڏهاڪن تي مشتمل پنهنجي ڪل زندگيءَ جي لڳ ڀڳ چار
ڏهاڪن جون پنهنجي حصي جون هڙئي پيڙائون، انيڪ ڏک ۽ بيشمار پريشانيون لڪائي، سنڌ جي
ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ مايوس چهرن تي مرڪون ۽ ٽهڪ وکيريندي گذاريا.
نٿو ڪهيري پنهنجي حياتيءَ ۾ جن
ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۽ کلائڻ خاطر پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو، آخري وقت ۾ اهي ماڻهو
به ثقافت کاتي ۽ سرڪار جيئن مرحوم نٿو ڪهيري جي واهر ڪرڻ ۽ سار لهڻ ته پري جي
ڳالهه آهي، پر الئه ڇو سندس ڪلهي ڪانڌي به
ڪو نه ٿيا! دنيا ۾ ڀلا ان کان وڌيڪ به ڪا بي حسي، ڪو الميو، ڪو درد ٿي سگهي ٿو؟
استاد نٿو ڪهيري سالن کان
پنهنجي گهر ڀاتين سميت بدين شهر جي کوسڪي روڊ جي ڀرسان قائم ڪکن پنن جي انهيءَ ڪچي
جهڳي ۾ رهندو هو، جيڪا پڻ گذريل برساتن ۾ ڊهي پٽ پئجي وئي. جنھن جي ڊھڻ کانپوءِ هو
مهينن تائين پنهنجي گهر ڀاتين سميت، بيماريءَ واري حالت ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو
مددگار ويٺل رهيو. پر اڳتي هلي سندس دوستن چندو ڪري، استاد نٿو ڪهيري جي ڊٺل گهر ۾
بيٺل برساتن جو گوڏي جيڏو پاڻي ڪڍرايو.
استاد نٿو ڪهيري پنهنجي مزاح
واري فن جي باقاعدي شروعات 19۷5ع کان ڪئي. هن ريڊيو پاڪستان ۽
ٽيليويزن سميت، سون جي تعداد ۾ وڏن وڏن اسٽيج پروگرامن ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو. ان
کان علاوه لاڙ پٽ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۽ جهر جهنگ ۾ ٿيندڙ اوطاقن جي ڪچهرين، شادين
۽ ڪاڄن ۾ پڻ چرچن جون انيڪ محفلون ڪري ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪيو. ڏاڍي ڏک
جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن هڻ وٺ ۽ نفسا نفسي واري دور ۾ مرڪون وکيريندڙ ڌرتيءَ جو
هي مزاحيه فنڪار گذريل ٽن سالن کان سلهه جي مرض سبب بستري ڀيڙو هو ۽ ڇهن مهينن کان
ڏاڍي دردناڪ زندگي گذاري رهيو هو. نيٺ علاج نه ٿيڻ ڪري گذاري ويو.
نٿو ڪهيري
سنڌ جي ڪاميڊي
ڪِنگ
محمد خان سمون
پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو ماڻهن
جي مُک تي مرڪ پکيڙي، آخري عمر ۾ گهر جي ڪنڊ ۾ ساهه جي بيماريءَ سان جهيڙيندڙ، سنڌ
جو ڪاميڊي ڪِنگ، نٿو ڪهيري به گذاري ويو. بيماريءَ ۽ مفلسيءَ جو جهان، اکين سان
ڏسندڙ هيءُ فنڪار ويچارا، پنهنجي دل جي دردن کي لڪائي، ماڻهن جي وندر ۽ تفريح جو
وکر، دنيا جي بازار ۾ مرڪن ۽ ٽهڪن جي صورت ۾ وکيرين ٿا ۽ موٽ ۾ سندن جهريل اجها ۽
پيٽ بکايل ٻچا، ان اميد ۾ سندن منتظر هوندا آهن ته شايد اڄ سندن فن کي ماڻهن جي
سٺي موٽ پلئه پوندي ۽ هو نما شام ويلي لهندڙ سج جيان، معصوميت سان سندن راهه تڪين
ٿا.
نٿو ڪهيري گذريل پنجن ڏهاڪن کان
ميلن، ملاکڙن، شادين ۽ محفلن ۾ ٽهڪ وکيري ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪندو آيو. پر
گذريل اربع ڏينهن شام جو، سندس گهر جي اڱڻ تي انڌاري شام جو، کٽ تي پيل لاش، سندس
گهر ڀاتين کي روئاڙڻ لاءِ ڪافي هو.
ڪيسٽ ڪمپنين کي ۴۰۰ کان مٿي ڪيسٽون
ڏيندڙ، نٿو ڪهيري جي جنازي ۾ ۳۰ کن ماڻهن مس شرڪت ڪئي. غريبن
جي گهرن مان نڪتل جنازا، الائي ڇو ايترا ڳرا ٿي ويندا آهن، جو ماڻهن جي ميلي ۾، هيءُ
سنڌ جا املهه ماڻڪ، جن جي حياتيءَ ۾ ته سار نٿي لڌي وڃي پر مئي پڄاڻان به ڪنهن وڏي
ماڻهوءَ ۽ فنڪارن جي سرپرستي ڪرڻ جي دعويدار ادارن کي تڏي تي اچڻ، توڙي آخري رسمن
۾ شريڪ ٿيڻ جي مهلت نٿي ملي. مفلسي ءَجي زندگي سان ويڙهه وڙهندڙ، نٿو ڪهيري پنهنجي
پويان چار بيروزگار نوجوان پٽ ڇڏي ويو آهي. جن کي رهڻ لاءِ اجهو به نه آهي. هاڻوڪي
ٻوڏ ۾ سندس گهر، جيڪو بدين جي کوسڪي روڊ تي ڪچي آبادي ۾ ڪافي جهڪاڻ ۾ آهي، اهو
جڏهن جهري پاڻي هيٺ اچي ويو، تڏهن هو پنهنجا ٻچا وٺي روڊ ڀرسان اچي ويهي رهيو.
بدين شهر جي وچ ۾ هئڻ باوجود، ڪنهن به امدادي اداري يا سرڪار جي قدرتي آفتن کان
بچاٰءَ جي منصوبن جي ڌڻين جي هن تي ڪا به نظر نه پئي. نٿو ڪهيري جيتوڻيڪ انهن وڏين
وڏين عمارتن ۽ ان جي ڀرسان ٺهيل عاليشان روڊن تي ڪافي چڪر ڏنا، مگر بدين جي جيم
خاني ۾ پيل هزارن جي تعداد ۾ ٽينٽ، سندس سردي ۾ ٿڙڪندڙ ٻارن جي اوٽ ۽ پناهه لاءِ
نه ملي سگهيا. ماڻهن جي هجومن ۾ به، حياتي ۾ ئي اڪيلو ٿي ويل هيءُ شخص، انهن
ڪردارن جي جوڙ جو هو، جيڪي پنهنجي فن جي دنيا ۾ اسو شيدي، ملڪ انوکو، محمد فقير
مسخرو وغيره جي نالي سان سڃاتا ٿي ويا. جيستائين اهي حياتيءَ هئا، تيستائين هو
پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، جڏهن هو هيءَ دنيا ڇڏي ويا، تڏهن سندن پونئيرن جي ڪنهن به
سار نه لڌي.
نٿو ڪهيري
جهوڪ فريد جي پنڌجون يادون
خالد ٻانڀڻ
هي انهن ڏهاڙن جي ڳالهه آهي. جڏهن حيدر آباد کان مسعود لوهار جي
سربراهي ۾ جهوڪ فريد جي پنڌ ۽ ميلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مشهور اديبن، ڪالم نگارن
صحافين ۽ شاعرن سان ڀريل هڪ بس سفر تي نڪتي هئي انهن ۾ جتي حسن درس هيو اتي هي سنڏ
جو مذاحيا فنڪار نٿو ڪهيري به گڏ بس ۾ چڙهيو، مون ڏٺو آهي. ته جيڪي زندگيءَ ۾ ٻين
کي کلائيندا آهن. اُهي وري پاڻ گهٽ
کلندا آهن. هو پنهنجا درد لڪائي ٻين جي دردن کي ٽهڪن، مرڪن ۾ وکيري ڇڏيندا آهن.
اهڙن ڪردران ۾ مون کي پنهنجي ڳوٺ ڀرسان رهندڙ شفيع محمد ملڪ عرف شفن مشڪرو صالح پٽ
جو عيدن مشڪرو ۽ ڪنڌرا جو ڏاڙهون مشڪرو ياد اچن ٿا. عيدن مشڪرو هڪڙو ڀيرو جيڪب
آباد کان سکر اچي رهيو هو. ته رستي ۾ چيڪنگ هلي رهي هئي. ويگن ۾ ويٺل سمورن مسافرن
جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري رهيا هئا. عيدن جيڪو ويگن جي آخري سيٽ تي ويٺو هو. پوليس
جڏهن ان کان ڪارڊ پڇيو ته عيدن فوري جواب ڏيندي چيو، ڇو ووٽ ٿا هلن ڇا جو ڪارڊ ڏيکاريون” جي جملي تي ويگن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. مان نٿو
ڪهيري ڏانهن موٽي اچان ٿو جهوڪ فريد جي پنڌ لاءِ سکر جي صحافين ۾ ڪمال لاشاري ۽
مان به سکر باءِ پاس وٽان ان بس ۾ سوار ٿيا هئاسين. ته سنڌ جو جاکوڙي ۽ پارکو
صحافي ۽ سائين اسحاق انصاري ۽ مشهور سماج سڌارڪ محمد
خان اسان جو وڏا ڀاڪر پکيڙي دل جي گهراين سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو. بس جڏهن پنو عاقل
ڪراس ڪري اڳتي هلي ته انائوسمنٽ ڪئي وئي، ته اڄوڪي مسافري ۾ اسان سان سنڌ جو ڀلوڙ
مذاحيا فنڪار جنهن کي اسان جي سماج ۾ مشڪرو به چيو ويندو آهي. نٿو ڪهيري به گڏ
آهي. سو هلندي بس ۾ پنهنجي مخصوص اسٽائل وارن مذاحيا ٽوٽڪن سان کلائيندو هلندو. ۽
پوءِ ميري ٽوپي ۽ اڳيان غائب ڏندن سان سنڌ جي مٽي مان ڳوهيل هي لاڙ ڄائو سمورن جي
سامهون آيو. جنهن ڏسندي اڪثريت جي ائين ئي کل نڪري وئي. ۽ پوءِ نٿو ڪهيري ڏهرڪي
تائين ائين اسان کي کلائيندو رهيو. پر هن جي مک تي ڪا مرڪ نه هئي. ڏهرڪي ۾ ماني
کائڻ کانپوءِ هن جهوني فنڪار جي وڌيڪ ڳالهائڻ واري سگهه نه هئي هو پنهنجي سيٽ تي
آرامي ٿي ويهي رهيو. پر هن جو هڪ ترڙ وڙ، لطيفو ياد اچڻ سان ٽهڪ ٿي نڪري ويا. جيڪو
مان هتي نٿو لکي سگهان اسان جهوڪ فريد جي ميلي ۾ هڪ رات هڪ، هڪ شام گذاري واپس اچي
رهيا هئاسين. ته پنجاب جي شهر لياقت پور ۾ اسان جي بس کي باهه لڳي وئي ۽ ڏسندي
ڏسندي اکين آڏو سڄي بس سڙي رک ٿي وئي ان بسن مان جان بچائي نڪرندڙ نٿو ڪهيري به
هو. جيڪو لياقت پورجي روڊن تي بغير بو ڇڻ ۽ چپل
جي پيرين اگهاڙو ۽ جهونو رات جو هڪ وڳي سخت
سرديءَ ۾ اسان کان وڌيڪ مضبوط ۽ حوصلي ۾ هيو. خانپور ڪٽورا مان ٽڪيٽون وٺي جڏهن
ٽرين ۾ چڙهيا هئاسين. ٽرين جي مٿي سيٽ تي جڏهن ٿڌ وڌندي وئي ته ڪڏڙو ستل ۽ سرديءَ
۾ ڏڪنديءَ نٿو جا رڳو ڏند ٿي نظر آيا. پر ڇا ڪري سگهياسين. اسان سڀ سامان سڙڻ سبب
هٿين خالي هئاسين. دل وندرائڻ لاءِ نٿو کي ٿي چيو سين نٿو ترڙوڙ وارو لطيفو ته
ٻڌاءِ چيائين. يار سرديءَ ۾ اسان جو ساهه ٿو نڪري توهان کي وري اچي چرچن جي لڳي
آهي. مطلب ته نٿو ڪهيري جهڙا ڪردار جيڪي هن ڌرتي جي اميدن جا اهڃاڻ هوندا آهن.
اُهي اسان کان موڪلائيندا پيا وڃن. سنڌ ٽهڪن مرڪن کان خالي ٿيندي پئي وڃي. هي جيڪي
مرڪن جا امين آهن. انهن جي گهرن ۾ مرڻ کانپوءِ ڪفن جيترائي پئسا ناهن هوندا. نٿو
ڪهيري مذاح جي حوالي سان سنڌي ميوزڪ کي ۴۰۰ چار سؤ ڪئسٽون ڏنيون ٻن گهر
وارين مان ۴ پٽ ۽ ۲ نياڻيون هنيئر بي يار و مددگار ٿي ويون آهن. هو جيڪو لاڙجي سونهن هئو جنهن کي لاڙي ڏسندي
پنهنجا ڏک وساري ٽهڪ ڏئي ويهندا هئا. اڄ مون
کي جهوڪ جو پنڌ ۽ نٿو ڪهيري سان گذاريل يادگار لمحا ڏاڍا ياد ٿا اچن. ثقافت کاتو
نٿو ڪهيري جي پونئيرن جي سار سنڀال
لهي خاندان لاءِ وظيفو مقرر ڪندو ته سندن شان ۾ ڪا گهٽتائي ڪو نه ايندي.
No comments:
راءِ ڏيندا