نند لعل نندن
ٿر جو پرُپڪاري خدمتگار مها پُرش
کيمپال
شرما
ٿر
جو مهاپُرش سائين نند لعل نندن جي والد جو نالو پرڀو لعل هو، جنهن جو جنم اسٿان،
ڇاڇرو شهر ٿرپارڪر آهي ۽ هو هڪ برهمڻ خاندان سان تعلق رکي ٿو. نند لعل نندن،
پهريائين اسلام ڪوٽ ۾ سنه 1942ع ۾ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر ٿي آيو ۽ هو سال کن
اسلام ڪوٽ جي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر ٿي رهيو ۽ انهي بعد وري ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ هن جي
بدلي ٿي. انهي کان پوءِ وري 1974ع ۾ اسلام ڪوٽ ۾ اي وي اسڪول ۾ ٽيچر ٿي آيو. اتي
به اسلام ڪوٽ اي وي اسڪول ۾ هن سروس ڪئي. انهي کانپوءِ هو انهي ساڳئي اسڪول ۾ هيڊ
ماستر ٿي رهيو. جنهن کانپوءِ نند لعل بي اي بي ٽي ڪئي ۽ هن کي ٿر جي سڀني اسڪولن
مٿان بيٽ آفيسر ڪري رکيائون. ڪجهه سالن بعد اسلام ڪوٽ ۾ ”شاهه ڀٽائي“ جي نالي سان
هاءِ اسڪول برپا ٿيو ۽ نند لعل انهي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي آيا ۽ انهي بعد
ساندهه اسلام ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. نند لعل انهي شاهه ڀٽائي اسڪول
مان 1998ع ۾ رٽائر ڪيو.
هن
شاهه ڀٽائي هاءِ اسڪول کي عروج تي آندو. اسڪول جي احاطي ۾ وڻ پوکايا، اسڪول کي
گلستان ڪيو، نند لعل رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به تارا چند رام چند واڌواڻي جي گهر ۾ رهيو
ٿي. جيتوڻيڪ هن جا ٻيا به ٽي ڀائر هئا جيڪي لڏي هندستان ويا هليا هئا ۽ اهي انڊيا
۾ راجسٿان ۾ کير ٿل نالي شهر ۾ وڃي رهيا هئا پر نند لعل انهن سان گڏ انڊيا نه ويو
۽ سنڌ ۾ ئي رهيو. هن جي اسلام ڪوٽ سان ۽ اسلام ڪوٽ جي ماڻهن سان ٿر جي مسڪينن
ماڻهن سان دلي محبت هئي. اسلام ڪوٽ جي سڀني ماڻهن ننڍي وڏي سان هن جو ڏاڍو
قرب هو. شهر جي سڀني ماڻهن، ماتائن ڀينرن کي به نند لعل لاءِ دل ۾ گهڻي عزت ۽ شرڌا
هئي انهي کانسواءِ نند لعل ڌرمي خيالن جو ماڻهو هو. هو هڪ سٺو شاعر به هو. سنگيت ڪار هو.
اسلام ڪوت ۾ گهڻو ڪري رات جو هر گهر ۾ ست سنگ ڀڄن ۽ ڪرشن ڪٿا جيڪاراڌي شيام سُر ۾
آهي. اها ڪٿا سُر ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو. سندس آواز مٺو، سُريلو هوندو هو. هو هڪ سٺو
اديب ۽ رائٽر
هو. سروس جي دوران هن کي ڌرمي ڊراما ڪرائڻ جو شوق هو. هن خاص ڪري ڌرمي ڊراما وير
اڀيمينو، راجا هريشچندر ڀڳت پرهلاد، سانوري ستيوان ۽ نلدمينتي وغيره اسڪول جي
شاگردن کان ڪرايا. جنهن جو اثر اسڪول جي شاگردن تي سٺو پيو ۽ اسڪول جا سڀئي شاگرد
پنهنجن استادن کي سٺي نظر سان ڏسندا هئا ۽ استادن جو احترام ڪندا هئا.
نند
لعل نندن کي ٿر جي مسڪينن ماروئڙن سان، غريب دکي ماڻهن لاءِ دل ۾ درد هو. هو انهن
غريب ماڻهن لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن مان اٽو، لٽو، چانور ۽ ڪپڙن جون ڳٺڙيون وٺي ايندو
هو ۽ ڪيترائي داني پرش اسلام ڪوٽ ۾ نند لعل کي موڪلي ڏيندا هئا. تنهن کانسواءِ
چوپائي مال جانورن لاءِ جهڙوڪ گانين، مينهن، رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ به هو سنڌ جي شهرن
مان جهڙوڪ جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ وڃي اتان گاهه چانورن جون ٽرڪون ڀرائي
وٺي ايندو هو. جيڪو ٿر جي غريب مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. هن کي ٿر جو ايڌي ڪري
سڏيندا هئا. عبدالستار ايڌي به هن کي انهي ڪم ۾ گهڻي مدد ڪندو هو ۽ هو نند لعل کي
غريبن لاءِ ڪپڙي جون ڳٺڙيون ۽ چانور اٽو وغيره موڪليندو هو.
هڪ
ڀيري ايڌي صاحب پاڻ نند لعل نندن سان ملڻ لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ آيو هو ۽ نند لعل انهي
وقت تارا چند جي گهر پنهنجي ڪمري ۾ پاٺ پوڄا ڪري رهيو هو ايڌي صاحب آيو هن دري مان
ڏٺو ته نند لعل پنهنجي ڀڳتي پاٺ ۽ پوڄا ۾ لڳو پيو آهي. سو انهي وقت ايڌي صاحب
اوطاق جي ٻاهر رکيل بينچ تي ويهي رهيو، جيستائين نند لعل پنهنجي پاٺ پوڄا مان فارغ
ٿئي.
اهڙي
طرح نند لعل ٿر جي غريبن مسڪينن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هو سال 1992ع ۾ گهمڻ لاءِ
انڊيا ويو جتي کير ٿل راجستان ۾ هن جا ڀائر رهن ٿا. اتي وڃڻ سان هو بيمار ٿي پيو. آئون کيم پال شرما تڏهن اتي انڊيا ۾ هئس مون جڏهن ٻڌو ته نند لعل بيمار آهي. تڏهن
هن سان ملڻ لاءِ کيرٿل ويس. بيماري گهڻو وقت هلي. ڀائرن هن جو ڪافي علاج ڪرايو پر
فائدو نه ٿيو.
”ڦڪيون
فرق تڏهن ڪن جڏهن امر ٿئي الاهي“
هينئر
نند لعل گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو ۽ دلشڪسته ٿي ويو هو. کيس دل ۾ انهي ڳالهه جو ارمان
رهيو هو ته مون کي چيائين ته موت ته هر ڪنهن تي اچڻو آهي. پر آئون جيڪڏهن آخري وقت
پاڪستان ۾ پنهنجي جنم ڀومي ۾ رهان ته ڪيترو نه سٺو ٿئي، منهنجي مالڪ صحت ٺيڪ ڪئي
ته اسلام ڪوٽ وڃي اسلام ڪوٽ ۾ گهمان ها. پر قدرت کي ايئن منظور نه هو.
سندس
دل جا ارمان دل ۾ رهجي ويا ۽ آخر 6 جولاءِ 1993ع جو هن کي ايشور کي پاڻ وٽ گهرائي
ورتو ۽ هو هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويو ۽ وڃي ايشور جي گود ۾ آرامي ٿيو. نند
لعل پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ هميشه لاءِ پنهنجو نالو روشن ڪري ويو. ايشور سندس
آتما کي شانتي ڏي.
نند
لعل پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ اهو شعر لکندو هو.
آئي
ٿي تم جهان ۾ جگ هنسي تم روئي
اب
ايسي ڪرني ڪر چلو تم هنسو جگ روئي
هي
دنيا مسافر خانو آهي، آخر ته هر ڪنهن کي هتان هليو وڃڻو آهي.
نند
لعل پنهنجي ڪرني شيوا جي ڪري ويو، اڄ اسان انهي کي ياد ڪريون ٿا. اڄ نند لعل کي
ياد ڪري هر انسان جي دل روئي ٿي. انهي لاءِ اسان کي به گهرجي ته نند لعل جو شروع
ڪيل ڪم انهي کي آدرش کي اڳيان رکي انهي ڪاز کي هلائيندا اچون. انهي ڪاز کي هلائڻ
سان اسان جي پياري ساٿي نند لعل جي آتما کي شانتي ملندي.
نند
لعل نندن منهنجو تمام گهرو دوست هو. رٽائر ٿيڻ تي جڏهن هو هتي اسلام ڪوت ۾ تارا
چند جي گهر رهندو هو تڏهن ڏينهن جو هڪ ڀيرو مون کي هو ضرور گڏبو هو ڪڏهن منهنجي
گهر ايندو هو يا ڪڏهن آئون هن سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويندو هئس ۽ رات جو هتي جنهن
به گهر ۾ ست سنگ جو پروگرام هوندو هو ته آئون به هن سان گڏ انهي ۾ شامل ٿيندو هئس. جڏهن نند لعل انڊيا ۾ گذاري ويو تڏهن آئون به اتي انڊيا گجرات احمد آباد ۾ هئس ۽
ٻين دوستن سان گڏجي هن جي ٻارهي تي کيرٿل ويو هوس هينئر به هر سال 6 جولاءِ تي
اسلام ڪوٽ ۾ نند لعل نندن جي ورسي ڇوڪرين جي هندي ڪنيا پاٺشالا ۾ ورسي ملهائڻ ۾
ايندي آهي ۽ انهي ڏينهن تي غريبن کي کاڌو کارايو ويندو آهي ۽ ڪپڙا وغيره ڏنا وڃن
ٿا ۽ سڄو ڏينهن ست سنگ جو پروگرام هوندو آهي.
نند
لعل جي نالي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پڻ ٺاهي وئي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا