; سنڌي شخصيتون: سيد احمد شاهه - قاضي پرويز احمد

06 April, 2012

سيد احمد شاهه - قاضي پرويز احمد


سيد احمد شاهه
عرف سهڻو سائين، ھڪ روحاني شخصيت
قاضي پرويز احمد
سهڻي سائين جو والد محمد شاهه ذاڪري ۱۸۹۶ع ڪشمير ۾ لڏي ضعي بدين شهر جي تعلقي تلهار ۾ اچي پنهنجو مسڪن قائم ڪيو. سندن ڏاڏو شير محمد شاهه جيلاني سيد هئا. وڏي آواز سان ذڪر سبب ذاڪري سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۰۹ع ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پير ذاڪري ۾ اچي پنهنجو مسڪن آباد ڪيو. کين هڪ فرزند سيد احمد شاهه ۱۹۳۵ع ۾ ڄائو ۽ هڪ سال کان پوءِ سيد محمد شاهه انتقال ڪري ويا. پاڻ هڪ سال جي عمر ۾ يتيم ٿي ويا. درگاهه جو نظام فقيرن سنڀاليو.


سيد احمد شاهه وڏو ٿي سائين سهڻو جي نالي سان ملڪ ۾ مشهور ٿيو. سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون پڻ مشهور آهن. پاڻ ۵ جون ۲۰۰۰ع ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. سندن جنازي نماز سيد ابراهيم شاهه پڙهائي. درگاهه جون ذميواريون سندن وڏي پٽ سيد منير شاهه سنڀاليون. سيد منير شاهه پنهنجي وقت جو بهترين اديب، ليکڪ، سياسي اڳواڻ پڻ رهيو آهي. سيد منير شاهه ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. سهڻي سائين جو ننڍو فرزند سيد حنيف شاهه تلهار ۾ درگاهه شريف ذاڪري جو سربراهه آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا