; سنڌي شخصيتون: ارم محبوب

27 April, 2012

ارم محبوب

ارم محبوب

معصوم سنڌي



گلن کان به نازڪ ناري ارم محبوب، ماهتاب محبوب جي نياڻي ارم، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي  “Children’s Dawn”۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. ۱۹۹۰ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ ۱۹۹۵ع کان لڳاتار ڪجهه سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي.


ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي ۱۹۹۳ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن ۱۹۹۷ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. ان ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، آغا سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس انگريزي شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن.

ارم محبوب کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران ۱۹۹۹ع ۾ ليڊر آف دي ييئر اوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي ”مومل جي ڪهاڻي“ ۽ ان جا ڊائلاگ لکڻ تي ۲۰۰۰ع ۾ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي ۵۰۰۰ ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي.

ارم محبوب، ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي.

سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن سهڻي، مهراڻ وغيره ۽ ڀارت جي رسالن ”ڪونج“، ”رچنا“ ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”ڦلواڙي“ ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي اردو رسالن ’نونهال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، ’ٽوٽ بٽوٽ‘ ۽ ’جگنو‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن.

هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين تي پروگرام ”منهنجو ٻالڪپڻ“ ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، تعليم دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا.

ارم محبوب هڪ ئي وقت سنڌي اردو ۽ انگريزي ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني. هن کي پنهنجي محبوب ور حسن جي وڇوڙي وڍي وڌو. حسن درس سنڌ جو لاڏلو شاعر، جيڪو گذريل سال قاسم آباد ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿي ويو. ڏک هن کي گهائي ويو آهي. اکين جي وٿين ۾ ڦاٿل لڙڪ، اڄ به گواهي ڏين ٿا ته ارم پنهنجي حسن کي ناهي وساريو.


 

ارم محبوب

۱۶ مارچ جنم ڏينهن

حسن پٺاڻ

ارم محبوب سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن ۱۶ مارچ ۱۹۷۵ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ارم محبوب ميٽرڪ تائين تعليم سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم اي ڪيائين. ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي “گلن جهڙا ٻارڙا” ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. ۱۹۹۰ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ ۱۹۹۵ع کان لڳاتار ڪجھ سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي. ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو “منهنجي ڌرتي” ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي ۱۹۹۳ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن ۱۹۹۷ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. ان ڏس ۾ “ٽين ايجر” رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، آغا سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس انگريزي شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. ارم محبوب کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران ۱۹۹۸ع ۾ ليڊر آف دي ييئر ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي “مومل جي ڪهاڻي” ۽ ان جا ڊائلاگ لکڻ تي ۲۰۰۰ع ۾ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي ۵۰۰۰ ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي. ارم محبوب ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي. سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن “سهڻي”، “مهراڻ” وغيره ۽ ڀارت جي رسالن “ڪونج”، “رچنا” ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي “ڦلواڙي” ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي اردو رسالن “نونهال”، “بچون ڪي دنيا”، “ٽوٽ بٽوٽ” ۽ “جگنو” ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هن ڪجھ وقت سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين تي پروگرام “منهنجو ٻالڪپڻ” ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، تعليم دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا. ارم محبوب هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي.

اڄ ۱۶ مارچ ارم محبوب جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون، شال سدائين سکي رهي.

 

(حسن پٺاڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا