; سنڌي شخصيتون: امام ڏنو فقير - مصطفيٰ ملاح

29 April, 2012

امام ڏنو فقير - مصطفيٰ ملاح


امام ڏنو فقير
...۽ هڪ ٻي شرنائي اداس ٿي وئي!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ شرنائي وڄائي مڃتا ماڻيندڙ امام ڏنو فقير 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڪالهه هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
امام ڏنو فقير وڏي عرصي کان جگر جي رت نه ٺاهڻ واري بيماري ۾ مبتلا هو. حالانڪ هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوندو هو، پر پوءِ گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ مجبورن شرنائي وڄائي گذر سفر ڪندو هو. سندس اولاد بيروزگار هئڻ ڪري، کين به انهيءَ فن سان لڳائي ڇڏيو هيائين. ھنن سندس بيماريءَ تي گهر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو هو. سنڌ سرڪار کي علاج لاءِ اپيل به ڪئي پر اتان هن جي ايتري مدد ٿي جو هڪ ڀيرو علاج ڪرائي سگهيو ۽ ٻيهر علاج ڪرائڻ جي سگهه نه رکڻ سبب هن ڌم ڌڻي حوالي ڪيو.



مرحوم پنهنجي ملڪ جي سربراهن آڏو پڻ فن پيش ڪري مڃتا ماڻي پر هن پرڏيهه آمريڪا، ڪئنڊا، جرمن، فرانس ۽ ٻين ملڪن ۾ شرنائي وڄائي انگريز ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو. 70 ورهين جو هي جهونو شرنائي نواز هميشه اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، شرنائي وڄائيندو هو. جڏهن ته پاڻ هر سال شاهه لطيف جي درگاهه تي حاضري ڀري عرس مبارڪ جي موقعي تي فن جو مظاهرو ڪندو هو ۽ ان کانسواءِ قلندر لال شهباز جو پڻ مريد هئڻ ڪري اتي به قلندر جي ميلي تي شرنائي وڄائي داد وٺندو هو.
امام ڏنو فقير صرف بهترين شرنائي نواز نه هو پر هو دهل، نغارو ۽ محرم الحرام مهيني ۾ نوحه ۽ مرثيه پڻ پڙهندو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ گهر جو خرچو هلائيندو هو. مرحوم آمريڪا ۾ شرنائي وڄائي انهن کي حيران ڪري ۽ اتان مڃتا طور انگريزن کان ايوارڊ وٺي آيو هو. گڏوگڏ هن لطيف ايوارڊ، لعل شهباز ايوارڊ ۽ ڪيترا ئي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ايوارڊ ماڻيا.
امام ڏنو فقير فن جي شوق ۾ وڌيڪ تعليم به نه پرائي سگهيو، جڏهن ته هن جي فن کي پرڏيهه ۾ ته مڃتا ملي پر پنهنجي ملڪ ۾ علاج لاءِ به تڙپندو رهيو، ۽ هن جي ڪنهن سرندي واري سار نه لڌي هئي. پاڻ هڪ ته بيمار، ٻيو پوڙهو جهور هئڻ جي باوجود، گهر جو خرچو هلائڻ لاءِ مجبورن شرنائي وڄائيندو رهيو. پاڻ بيماري جي حالت ۾ آخري ڏهاڙن تائين محفلن ۾ فن پيش ڪري گذر سفر ڪندو رهيو، پر پنهنجي ملڪ ۾ فن جي ناقدري سبب هو ائين بي يارو مددگار مري ويو پر ڪنهن به ان جي مدد ڪو نه ڪئي.






ڪهاڻي-ختم!

نصير مرزا
مرحوم امام ڏني مڱڻهار فقير جو، ”تڪيه ڪلام“ به اهو ئي ته هوندو هو، ”سائين بس، ڪهاڻي ختم“. هڪ دفعي پڇيومانس، ”سنڌ ۾ محرم وارن جلوسن ۾ ڀلو مُتو ڪهڙي مڱڻهار وڄايو؟“ ته ٺڙ ٺپ چيائين، ”سڀ کان اول ته ”چاچي ڏني“ جو نالو کڻندس، پوءِ زوار بسنت مڱڻهار، پوءِ خدا بخش فقير ۽ ان کان پوءِ ڪهاڻي ختم“. پوءِ پڇيو مانس، ”ڀلا ڇانڀِيءَ ۽ ڍڍَ تي حيدرآباد جا وڏا وڄتا ڪير ڪير؟“ ته يڪدم چيائين، ”هڪڙا ته ٽنڊي مير محمود وارا... مٺو ۽ بچُو فقير ۽ پوءِ ٽئين نمبر تلاءُ وارو مڱڻهار خُدو فقير ۽ هي ٽيئي ڍڍ وڄائڻ وقت، دهل تي اهڙو ته زورائتو ڏونڪو ڦهڪائيندا هئا، جو ڏهن ڪوهن تائين پيو آواز ٻڌبو هو. ڇانڀيءَ جي وڄت  ته بس، انهن ئي تي ختم سمجهو.“ تڏهن نغارن تي چوٽون هڻندڙ ڪنهن وڏي سنڌي نغارچيءَ جو مون هن کان نالو پڇيو، ته، امام ڏنو فقير، جنهن جو قد ست کن فوٽ ۽ وزن ٽي مڻ ته واهه جو هوندو، ڪنن جون پاپڙيون پڪڙي، احتراماَ ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيو. چيائين، ”الهداد چنڊ جي ڳوٺ وارو هي جيڪو جمعون فقير مڱڻهار هو نه... اهو ته سنڌ جو ”خانصاحب نغارچي“ هوندو هو. هڪڙي ڀيري لوڪ ورثا واري ڊائريڪٽر عُستي مُستي (يعني عڪسي مفتي) جمعي فقير سان گڏ آمريڪا ۾ مون کي به ڇانڀيءَ تي بيهاري ڇڏيو. هاڻي جو جمعي فقير نغاري تي ڌمال ڇيڙي ته انگريچي ماين وار ڇوڙي ڇڏيا ..... ۽ رڳو ماين!؟ مردن به جمعي فقير جي ڌمال تي اهڙا کڻي ٽپا ڏنا، جو سمجهو ته، وڃي ٿيا ست خير.“
اصل ۾ هي شينهن مڙس امام ڏنو فقير مڱڻهار جيڪو تازو (26 هين اپريل تي) جمع واري رات، رضاءِ الاهيءَ سان، راهه رباني وٺي، روانو ٿي ويو هو، سچ پڇو ته هن راڄائتي مڱڻهار فقير جي لاڏاڻي تي جهڙوڪر، شپڙ تال ساز ڪاريءَ جي ڪهاڻي به ختم ئي ٿي وئي. ڇا ميلا، ڇا ملاکڙا، ڇا شادين ۽ طهرن جا شادمانا..... وڄائيندي وڄائيندي اهڙا ته کڻي سانگ ڪندو هو، جو هر طرف ٽهڪن جا اصل ڪوڪريا پئجي ويندا هئا. ڳالهير مڙس به غضب جو هوندو هو. مٿان آواز به سندس اهڙو ڳرو، جهڙو پنج ماڻهو پيا گڏجي ڳالهائين. ڀوڳائي به وري اهڙو، جو اصل ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو. مزاح جي رڳ ڦڙڪندي هئس، ته سامهون واري سان انگل آرا ڪندي، اُٿي بيهي ٺمڪا هڻڻ شروع ڪري ڏيندو هو. ٿورو وقت ٿيندو، جو مون وٽ آيو هو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي پنهنجو تڪيه ڪلام جو دهرايائين، ته ... ”سائين هاڻي پنهنجي ڪهاڻي به ختم“. تڏهن يڪدم، آفيس مان اٿاري سڌو وڃي مائيڪ تي ويهاريو هومانس، چيو مانس، ”انهيءَ کان اڳي، جو ڪهاڻي ختم ٿي وڃي... ڪهاڻيءَ جو ”مُنڍ“ ته ٻڌايو!“ چوڻ لڳو، ”سائين زندگيءَ ۾ نشا پتا ايڏا ته گهڻا ڪيا اٿم، جو هڪ پاسي جگر ڇاڻي ٿي ويو اٿم، ته ٻئي پاسي گلي ۾ ”ٿاءِ راڊ“ ٿي پيو اٿم. وري اکين کان به ويهندو پيو وڃان. اڳي، اڌ ديڳ چٽ ڪري ويندو هئس، هاڻي هڪڙو گرهه ٿو هٿ ۾ کڻان، ته اوڪارا ٿا اچنم. انڪري هي جيڪو اڳي اوهان کي شينهن مڙس نظر ايندو هئس، هاڻي منهنجا پراڻا ڪپڙا، ايترا ته ڍرا ٿي ويا آهن، جو انهن ۾، مون جهڙا ٻه ٽي مڙس گهڙي سگهن ٿا.“ پوءِ پڇيو مانس، ”پنهنجي ڄم، پڙهائي ۽ سکيا بابت ڪجهه ٻڌايو؟“ ته چيائين، ”آئون حيدرآباد جي پراڻي پاور هائوس لڳ مير صاحبن جي پاڙي ۾ محمد عرس مڱڻهار ۽ امان رحمت مڱراڙيءَ جي گهر ۾ ڄائو آهيان، ٻن ڀيڻن، الهه بچائي ۽ سڪينه جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو ڀاءُ هئس. گهر ۾ غربت به گهڻي هئي، پر ”بابو“ منهجي لاءِ کير جو انتطام به ڪندو هو ته، کير ڀت جو به. پاڙي ۾ رئيس مير علي احمد خان ٽالپر ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر جي بادشاهت هوندي هئي. وڏا راڄائتا انسان هئا. انڪري رات جو بکيا ڪڏهن ڪونه ستاسين. وڏڙو ٿيس، ته سائين جان محمد جماليءَ واري سيٺ حافظ هاءِ اسڪول ۾ بابي داخل ڪرايو. (۽ سائين، مسٽر جان محمد جمالي به ڪوڻ سڏائي!) اتي ممتاز مرزا صاحب جو ڀاءُ اختر مرزا، غضنفر مرزا ۽ سائين حسين شاهه بخاري اڳي ئي داخل هئا. آئون مڱڻهار جو ٻار، شام جو بابي سان ماڻهن جي شادين ۽ ڇٺين ۾ فجر تائين نوٽ پيو جهپيندو هئس، سو صبح جو، اسڪول وڃان ته، مار جو ڦهڪو هوندو هو. هوم ورڪ ڇو نه ڪري آيو آهين؟ هاڻي هڪڙو آئون ”ٿلهو“، ٻيو ”ڊگهو“، سائين محمد علي ڀٽي ٽئين نمبر تلاءَ وارو بينچ تي جو بيهاري ڇڏيندو هو، ته مٿو وڃي ڇت سان لڳندو هئم. ائين اسڪول مان اٿي زوار بسنت جي ڀاءُ محمد موسيٰ مڱڻهار کان مُتو وڄائڻ وڃي سکيس ۽ شرناءِ، استاد محترم زوار بسنت کان. ”ذادگيري“ اٿم، جنهن ڏينهن بابي مون کي، ان خاندان جو شاگرد هلي ڪرايو هو، ان ڏينهن ملڪ ۾ هُل هئا ته راڻي ايليز بيٿ لنڊن واري، صدر ايوب خان سان ملڻ لاءِ پاڪستان ۾ آئي آهي. ان ڏينهن سکيا واري شرناءِ جا زوار بسنت بابا کان سٺ رپيا گهريا، پر ابي وٽ هئائي چاليهه رپيا، سو اهي سڀ نذر طور ڏيئي منهنجي ٻانهن ۾ کانئس سڳو ٻڌرايائين. پوءِ استادن کان اهڙو ۽ ايترو ته سکيس، جو مُتي مٿان چپ رکي وڄائڻ ويٺس، ته ڦوڪ جو آواز سڄي حيدرآباد جي شهر ۾ پيو ٻڌبو هو. مٿان مرشد ”نانگي نوريءَ“ جي دعا جو اثر ڪيو، ته ملڪان ملڪ مشهور ٿيندو ويس. پوءِ مون تي ٽئين نمبر تلاءَ واري استاد نٿو فقير مڱڻهار به هٿ رکيو. حيدرآباد جي استاد شهنائي نوازن منجهان خدا بخش مڱڻهار فقير جو به تڏهن وڏو نالو هوندو هو. زوار بسنت ۽ منهنجي استاد محمد موسيٰ کان پوءِ هن خدا بخش فقير مڱڻهار جهڙو شرناءِ نواز به سنڌ ۾ ٻيو ڪونه پيدا ٿيو. شرناءِ کي اصل توري ڇڏيندو هو. محفلن ۽ محرم جي مجلسن ۾ آئون ٻين سڀني جي هيٺان مٿان ته وڄائيندو رهندو هئس پر استاد خدا بخش جنهن وقت سامهون ايندو هو ته آئون هيڏانهن هوڏانهن لڪندو وتندو هئس. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ واري عبدالله خان جو به وڏو نالو آهي، پر اهو به پهرئين پهرئين مون سان ئي ڇانڀي وڄائيندو هو. مُتي ۽ شرناءِ وڄت جا، ٻيا به ٻه وڏا نالا هئا، هڪڙو اَلو فقير ۽ ٻيو منو فقير. اهي به مير رسول بخش خان ٽالپر جي بادشاهيءَ جا فقير هئا ۽ ٺاهوڪو وڄائيندا هئا. هونئن اسين آهيون ئي مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ مير علي احمد خان ٽالپر جي راڄ جا راڄائتا فقير. مون ٻنهي ڀائرن جي بادشاهي ڏٺي ۽ اهڙي، ”جو وه وا“. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، باچا خان، فيض احمد فيض، حبيب جالب، غوث بخش بزنجو ۽ ٻيا به الائي ڪهڙا ڪهڙا حاڪم مير صاحب جي بنگلي تي مون ڏٺا. ڀُٽي صاحب سان ته آئون هجائتو به ٿيندو هئس. بينظير صاحبه به مون کي گهڻو ڀائيندي هئي. پري کان ڏسندي هئي، ته چوندي هئي: ”گاڙي روڪو روڪو، فقير صاحب سي ملون گي.“ ٻه ٽي دفعا لک لک رپيا به ڏنائين، جن منجهان رڪشا وٺي در تي بيهاري اٿم. حميد آخوند صاحب ۽ ممتاز مرزا صاحب به حدوءن بي حد، منهنجا مهربان رهيا آهن. هڪڙي ڀيري ته سندن اشاري تي جنرل جهان داد خان جهڙي سخت چهري واري فوجيءَ کي به جهومائي ڏيکاريم. ”زاد“ اٿم، دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو، ”عالم چنا“ به ڪينيڊا واري دوري ۾ اسان سان ساڻ هو. هاڻي هڪڙي پاسي عُستي مُستي (عڪسي مفتي) صاحب ۽ اهو وري قد جو صفا بندرو ۽ منهنجي آڏو ته بلڪل جهڙو ڄامڙو، ٻئي پاسي عالم چنا جهڙو قدوار ماڻهو - هاڻي ڇانڀيءَ ۽ شرناءِ تي ”مور ٿو ٽلي“ جي ڌن جو وڄائيسين، ته هڪ پاسي عالم چنا جهڙو ڊگهو ماڻهو پيو نچي، ته ٻئي پاسي بندرو عُستي مُستي (عڪسي مفتي)، تڏهن اسان جي اهڙيءَ جهمر تي انگريچن جا ته وات ئي پٽجي ويا ۽ جن جن جي چپن تي سگار ۽ سگريٽ هئا، سڀ اهي اچي پٽ تي پِيئن. پوءِ ته ڪم اهڙو ٿيو، جو فرسٽ ڪلاس!! هاڻي ته، دنيا جا گهڻا ئي ملڪ آئون گهمي ڦري چڪو آهيان، پر جيستائين ”بابو“ حيات هو، ٻاهر ڪيڏانهن به وڃڻ ئي ڪونه ڏيندو هئم. چوندو هو، تون منهنجو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ آهين، آئون پوڙهو مڙس آهيان، پويان مري جي وڃان، ته اکين تي هٿ ڪير رکندم... خير هاڻي ته آئون پاڻ اچي ستر جي لڳ ڀڳ ٿيو آهيان ۽ مرڻ ڪنڌيءَ تي بيٺو آهيان. ٽي پٽڙا اٿم، نياز علي، يار علي ۽ سجاد علي. انهن مان نياز عليءَ کي تيار ڪيو اٿم، محفلن ۽ جلوسن ۾ ڀيچي ڪري کيس گڏ بيهاريندو آهيان، جو اگهائيءَ جي ڪري محفلن ۾ هاڻي آئون گهٽ ئي وڄائي سگهندو آهيان. ٻيو ته نشا پتا به سڀ ڇڏي ڏنا اٿم. ايتري قدر جو ٻِيڙي ڇڪڻ به ترڪ ڪري چڪو آهيان..... پر اهڙي حالت ۾ به، جماعتين واري پڙ سان، سال به سال ڊيوٽي باقاعدي ڏيندو اچان، جو ڪنهن زماني ۾ اهڙي ڊيوٽي ڪڏهن زوار بسنت، محمد موسيٰ ۽ خدا بخش مڱڻهار ڏيندا هئا، جن کان پوءِ هاڻي نما شام کان فجر تائين اها ڊيوٽي، مون کي ئي ڏيڻي پوندي آهي ۽ ڏسجي ته ڪيستائين ٿي اها سعادت ملندي رهيم.“
دوستو، ڀائرو، عزيز هم وطنو....! ها مٿين ڪهاڻي اوهان خود امام ڏني فقير جي زباني ملاحظه فرمائي، جيڪو خوب خوب ڳالهائي، شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ محرم جي جلوسن ۾ مُتا وڄائي، درگاهن ۽ اوتارن ۾ چوڪيون ۽ حاضريون ڏيئي، نيٺ پنهنجي رب جي درٻار ۾، هاڻي جڏهن وڃي حاضر ٿيو آهي. سندس محبت ۽ فن جا ڳُڻ هميشه ڳائبا رهبا.


No comments:

راءِ ڏيندا